8
ستين مُهر ٽوڙڻ
1جڏهن گھيٽڙي ستين مُهر ٽوڙي تہ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي. 2پوءِ مون اهي ست ملائڪ ڏٺا، جيڪي خدا جي اڳيان بيٺا هوندا آهن. انهن کي ست توتارا ڏنا ويا.
3 #
عا 9:1، خر 30:1،3 هڪڙو ٻيو ملائڪ جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي قربانگاهہ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پاڪ ڪيلن جي دعائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوباندان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو. 4تڏهن انهيءَ ملائڪ جي هٿان ٻرندڙ لوبان جو دونهون مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي دعائن سان گڏ مٿي خدا آڏو وڃي پهتو. 5#لاو 16:12، حز 10:2، خر 9:23، 19:16، مڪا 11:19، 16:18 پوءِ ملائڪ اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي قربانگاهہ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو.
توتارا وڄائڻ
6تنهن کان پوءِ جن ستن ملائڪن وٽ ست توتارا هئا، تن اهي وڄائڻ جي تياري ڪئي.
7 #
خر 9:23-25، حز 38:22 پهرئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو.
8ٻئي ملائڪ توتارو وڄايو تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو تہ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو. 9تڏهن سمنڊ جي ٽئين حصي جا سڀ جاندار مري ويا ۽ ٽئين حصي جا سامونڊي جهاز بہ تباهہ ٿي ويا.
10 #
يس 14:12
جڏهن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مشعل وانگر ٻرندڙ هڪڙو وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو. 11#ير 9:15 انهيءَ تاري جو نالو ”ڪؤڙاڻ“ هو، جنهن سان ڌرتيءَ جي پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪؤڙو ٿي پيو ۽ انهيءَ ڪؤڙي پاڻي پيئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مري ويا.
12 #
يس 13:10، حز 32:7، يوا 2:10،31، 3:15 چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پهتو، جنهن ڪري انهن جو ٽيون حصو اونداهو ٿي پيو. مطلب تہ ڏينهن توڙي رات جو ٽيون حصو روشني وڃائي ويٺو.
13پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ زمين تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“