YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو 7

7
بني اسرائيل جي هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن تي مُهر
1 # ير 49‏:36، دان 7‏:2، زڪ 6‏:5 انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي. 2پوءِ مون هڪڙي ٻئي ملائڪ کي اوڀر کان مٿي ايندي ڏٺو، جنهن وٽ زندہ خدا جي مُهر هئي. جن چئن ملائڪن کي هوائن تي اختيار ڏنو ويو هو تہ جيئن اهي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انهيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ 3#حز 9‏:4‏،6 ”جيستائين اسين پنهنجي خدا جي ٻانهن جي پيشانين تي مُهر نہ هڻون، تيستائين اوهين نہ زمين، نڪي سمنڊ ۽ نہ وري وڻن کي نقصان رسائجو.“ 4مون ٻڌو تہ جن کي مُهر هنئي ويئي، تن جو تعداد هڪ لک چوئيتاليهہ هزار هو. اهي بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن مان هئا، يعني
5يهوداہ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مُهر لڳي،
روبن جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
جد جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
6آشر جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
منسيءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
7شمعون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
لاويءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
اِسڪار جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
8زبولون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
يوسف جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
۽ بنيامين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مُهر لڳي.
خدا آڏو هڪ وڏو ميڙ
9انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا. 10اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ
”ڇوٽڪارو تخت تي ويٺل اسان جي خدا جي طرفان
۽ گھيٽڙي جي طرفان آهي.“
11سڀيئي ملائڪ ان تخت، انهن بزرگن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري 12چوڻ لڳا تہ
آمين. اسان جي خدا جي واکاڻ، عظمت، حڪمت، شڪرگذاري،
عزت، قدرت ۽ طاقت هميشہ هميشہ تائين هجي. آمين.“
13انهن بزرگن مان هڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي اڇو جبو پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا آهن؟“ 14#دان 12‏:1، مت 24‏:21، مر 13‏:19 مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سائين! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پاڪ صاف ڪري اڇا ڪيا آهن. 15انهيءَ ڪري هي خدا جي تخت جي اڳيان آهن ۽ سندس هيڪل ۾ رات ڏينهن سندس عبادت پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، سو هنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو ٿو رهي. 16#يس 49‏:10 انهن کي وري ڪڏهن بہ بک يا اڃ نہ لڳندي ۽ نہ وري کين اُس يا گرمي ستائيندي. 17#زب 23‏:1‏-2، حز 34‏:23، يس 49‏:10، 25‏:8 اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِ‌حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“

Currently Selected:

مڪاشفو 7: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in