Bible App logo
Search Icon

مڪاشفو 21

21
نئون يروشلم
1 # يس 65‏:17، 66‏:22، 2.پط 3‏:13 پوءِ مون هڪڙو نئون آسمان ۽ هڪڙي نئين زمين ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ پهريون آسمان ۽ پهرين زمين ڪانہ رهي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ هو. 2#يس 52‏:1، 61‏:10، مڪا 3‏:12 مون پاڪ شهر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي. 3#حز 37‏:27، لاو 26‏:11‏،12 مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، خدا خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن خدا هوندو. 4#يس 25‏:8، 35‏:10، 65‏:19 هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“
5پوءِ تخت تي ويٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ هن هي بہ چيو تہ ”اهو لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هي لفظ سچا ۽ ڀروسي جوڳا آهن.“ 6#يس 55‏:1 هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ آبِ‌حيات جي چشمي مان مفت پيئاريندس. 7#2.سم 7‏:14، زب 89‏:26‏-27 جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو سو هنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انهيءَ جو خدا هوندس ۽ هو منهنجو ٻار هوندو. 8پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“
9پوءِ اهي ست ملائڪ جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي زال آهي.“ 10#حز 40‏:2 هو مون کي پاڪ روح جي ضابطي واري حالت ۾ هڪڙي وڏي ۽ مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ پاڪ شهر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏيکاريائين. 11اُن ۾ خدا جو جلوو هو ۽ اهو تمام قيمتي هيري جواهر وانگر چمڪي رهيو هو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اهڙو صاف هو جهڙو بلور. 12#حز 48‏:30‏-35 شهر جي وڏي ۽ مٿاهين ڪوٽ کي ٻارهن دروازا هئا، جن تي ٻارهن ملائڪ بيٺا هئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا. 13ٽي دروازا اوڀر طرف هئا، ٽي دروازا اتر طرف، ٽي دروازا ڏکڻ طرف ۽ ٽي دروازا اولهہ طرف هئا. 14انهيءَ شهر جو ڪوٽ ٻارهن بنيادي پٿرن تي اڏيل هو ۽ هر هڪ پٿر تي گھيٽڙي جي ٻارهن رسولن مان هڪ هڪ جو نالو لکيل هو.
15 # حز 40‏:3 جنهن ملائڪ مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي، جنهن سان هو شهر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڪوٽ کي ماپي سگھي. 16اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري هئي. هُن انهيءَ لٺ سان شهر جي ماپ ڪئي تہ اُن جي ڊيگھہ، ويڪر ۽ اوچائي هڪ جيتري #21‏:16 ٻارهن ٻارهن هزار فرلانگ هن عدد جو هتي خاص مقصد آهي. اهو هي تہ اهو پاڪ شهر بلڪل مڪمل آهي ۽ منجھس ڪابہ ڪمي ناهي. ڏسو 21‏:17 پڻ، جنهن ۾ ”هڪ سؤ چوئيتاليهہ“ لکيل آهي، يعني ٻارهن ضرب ٻارهن برابر هڪ سؤ چوئيتاليهہ. انهيءَ خاص عدد جي ڪري هتي ڪلوميٽر نہ پر فرلانگ استعمال ڪيو ويو آهي. ٻارهن هزار فرلانگ جي ماپ اٽڪل ٽيويهہ سؤ ڪلوميٽر آهي. ٻارهن ٻارهن هزار فرلانگ هئي. 17ملائڪ شهر جي ڪوٽ جي ماپ انساني هٿ موجب ڪئي تہ اهو #21‏:17 هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ يعني اٽڪل ستر ميٽر.هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ ٿُلهو هو. 18#يس 54‏:11‏-12 شهر جو ڪوٽ زبرجد جو ٺهيل هو ۽ شهر خالص سون جو ٺهيل هو ۽ شيشي جهڙو صاف ۽ شفاف هو. 19شهر جي ڪوٽ جا بنيادي پٿر هر قسم جي قيمتي ۽ رنگين هيرن سان سينگاريل هئا. پهريون بنيادي پٿر زبرجد جو هو، ٻيو نيلم جو، ٽيون شب‌چراغ جو، چوٿون زمرد جو، 20پنجون عقيق جو، ڇهون لعل جو، ستون سونهري پٿر جو، اٺون فيروزي جو، نائون پکراج جو، ڏهون لاجورد جو، يارهون سنبلي پٿر جو ۽ ٻارهون ياقوت جو هو. 21شهر جا ٻارهن ئي دروازا موتين جا هئا ۽ هر هڪ دروازو هڪ هڪ موتيءَ جو هو. شهر جي سڙڪ خالص سون جي هئي ۽ شيشي جهڙي صاف هئي.
22مون شهر ۾ ڪابہ هيڪل ڪانہ ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ خداوند قادرِمطلق خدا ۽ گھيٽڙو ئي ان جي هيڪل آهن. 23#يس 60‏:19‏-20 انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو جلوو ان کي روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي. 24#يس 60‏:3 انهيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ ڌرتيءَ جا بادشاهہ پنهنجي شان وَ شوڪت وارو سامان منجھس آڻيندا. 25#يس 60‏:11 شهر جا دروازا ڏينهن جو ڪڏهن بہ بند نہ ٿيندا ۽ رات تہ اتي ٿيندي ئي ڪانہ. 26ماڻهو قومن جي شان وَ شوڪت ۽ عزت وارو سامان انهيءَ ۾ آڻيندا. 27#يس 52‏:1، حز 44‏:9 انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.

Currently Selected:

مڪاشفو 21: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in