Bible App logo
Search Icon

مڪاشفو 20

20
هزار سالن جو زمانو
1اُن کان پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن جي هٿ ۾ اوڙاهہ جي چاٻي ۽ هڪڙو وڏو زنجير هو. 2#پيد 3‏:1 هُن انهيءَ ازدها، يعني قديمي نانگ جنهن کي ابليس يا شيطان بہ سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي پڪڙي هزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو. 3هن کيس انهيءَ اوڙاهہ ۾ اڇلائي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ تالي تي مُهر هڻي ڇڏيائين، تہ جيئن هزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري گمراهہ نہ ڪري. انهيءَ کان پوءِ ضروري آهي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي.
4 # دان 7‏:9‏،22 پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ۽ خدا جي پيغام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيئرا ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا رهيا. 5اهو پهريون جيئرو ٿي اٿڻ آهي. جيستائين هزار سال پورا نہ ٿيا، تيستائين ٻيا مئل جيئرا نہ ٿيا. 6سڀاڳا ۽ پاڪ آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا.
شيطان کي شڪست
7جڏهن هزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان آزاد ڪيو ويندو. 8#حز 7‏:2، 38‏:2‏،9‏،15 هو ٻاهر نڪري ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ڀڙڪائيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو آهي. 9مون ڏٺو تہ هو ڌرتيءَ تي چوڌاري پکڙجي ويا ۽ خدا جي #20‏:9 پياري شهر ٿي سگھي ٿو تہ هي يروشلم شهر ڏانهن اشارو آهي.پياري شهر کي وڪوڙي ويا جتي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل سڀيئي گڏجي رهن ٿا. ان وقت آسمان مان باهہ نڪتي ۽ وڪوڙڻ وارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. 10پوءِ ابليس جنهن کين دوکو ڏنو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو، جتي پهرئين حيوان ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان کي اڇلايو ويو هو. اهي رات ڏينهن اتي هميشہ هميشہ تائين عذاب پيا سهندا.
آخري عدالت
11 # دان 7‏:9‏-10 تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا. 12#مڪا 3‏:5، 13‏:8 مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا ڪتاب بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن ڪتابن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو. 13جيڪي بہ مئل ماڻهو سمنڊ ۾ هئا توڙي موت جي قبضي ۾ اچي مئلن جي دنيا ۾ هئا، سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ هر هڪ جو فيصلو سندس عملن موجب ڪيو ويو. 14ان کان پوءِ موت ۽ مئلن جي دنيا کي ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو. اها باهہ جي ڍنڍ ٻيو موت آهي. 15جنهن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنهن کي انهيءَ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.

Currently Selected:

مڪاشفو 20: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in