YouVersion Logo
Search Icon

فلپين 4

4
هدايتون
1تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين، جن جو آءٌ سڪايل آهيان ۽ جيڪي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، سي اي عزيزؤ! خداوند عيسيٰ ۾ انهيءَ طرح ئي قائم رهو.
2آءٌ ڀيڻ يوئوديا ۽ ڀيڻ سنتخي ٻنهي کي گذارش ٿو ڪريان تہ خداوند عيسيٰ جون هئڻ ڪري هڪ دل ٿي رهن. 3اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انهن عورتن جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين هم‌خدمت ساٿين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا خدا وٽ زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.
4 خداوند عيسيٰ ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو. 5اوهين سڀني ماڻهن سان نرم دليءَ سان پيش اچو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ خداوند عيسيٰ اسان جي ويجھو آهي. 6سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو. 7تڏهن خدائي سلامتي، جيڪا انساني سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سا اوهان جي دلين ۽ خيالن کي عيسيٰ مسيح ۾ محفوظ رکندي.
8هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو. 9جيڪي بہ ڳالهيون اوهان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون، يا وري مون ۾ ڏٺيون آهن، تن تي عمل ڪندا رهو. پوءِ سلامتي بخشيندڙ خدا اوهان سان گڏ هوندو.
امداد لاءِ شڪرگذاري
10آءٌ خداوند عيسيٰ ۾ نهايت خوش آهيان، جو اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ نئين سر ڳڻتي پيدا ٿي. بيشڪ اڳي بہ اوهان کي اهڙي ڳڻتي هئي، پر انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو گھڻي وقت کان اوهان کي موقعو نہ ٿي مليو. 11هيءَ ڳالهہ آءٌ ضرورتمند هجڻ ڪري نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون هر حالت ۾ راضي رهڻ سکيو آهي. 12آءٌ اڻ‌هوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ هئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون هر ڳالهہ ۾ ۽ هر حالت ۾ راضي رهڻ جو ڀيد سکيو آهي، پوءِ ڍاول هجان توڙي بکايل، خوشحال هجان توڙي ڪنگال. 13مطلب تہ خداوند عيسيٰ جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان. 14تنهن هوندي بہ اوهان چڱو ڪيو جو مدد ڪندي منهنجي تڪليفن ۾ شامل ٿيا.
15 # 2.ڪر 11‏:9 اي فلپيؤ! اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي مناديءَ وارن شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن آءٌ اوهان جي صوبي مڪدُنيا مان روانو ٿي رهيو هئس تہ اوهان کان سواءِ ٻي ڪابہ ڪليسيا، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان شامل نہ ٿي. 16#رس 17‏:1 هائو، جڏهن آءٌ مڪدُنيا صوبي جي ٿِسلُنيڪي شهر ۾ ئي هئس، تڏهن منهنجي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ اوهان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا مون ڏانهن مدد موڪلي. 17ائين نہ آهي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران، پر آءٌ انهيءَ بخشش جو اوهان لاءِ اهڙو ڦل ٿو چاهيان جيڪو اوهان جي کاتي ۾ وڌندو رهي. 18#خر 29‏:18 هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙي قبول پوندڙ قرباني آهي، جنهن کي خدا پسند ٿو ڪري. 19ائين منهنجو خدا پنهنجي جھجھي خزاني مطابق عيسيٰ مسيح جي وسيلي اوهان جي هر هڪ ضرورت کي پورو ڪندو. 20شل اسان جي خدا ۽ پيءُ جي عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.
آخر ۾ دعا سلام
21 عيسيٰ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل هر هڪ کي سلام ڏجو. جيڪي هم‌ايمان ڀائر ڀينر مون سان گڏ آهن سي اوهان کي سلام ٿا ڏين. 22مسيح ۾ سمورا چونڊي پاڪ ڪيل، خاص ڪري اهي جيڪي قيصر جي محل ۾ آهن، اوهان کي سلام ٿا ڏين. 23شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوهان سڀني تي هجي.

Currently Selected:

فلپين 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in