YouVersion Logo
Search Icon

فلپين 3

3
حقيقي سچائي
1اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري اوهين خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن بار بار لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي حفاظت لاءِ آهي.
2ڪتن کان خبردار رهو، يعني انهن ماڻهن کان جيڪي برائي ٿا ڪن ۽ بدن کي وڍائڻ يعني طهر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن. 3ياد رکو تہ حقيقي طهر ڪرايل اسين آهيون، جيڪي خدا جي پاڪ روح جي مرضيءَ سان زندگي گذاريون ٿا، عيسيٰ مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ جسماني ڳالهين تي ويساهہ نہ ٿا رکون.
4ڏسو، آءٌ بہ پنهنجي جسماني ڳالهين تي ويساهہ رکي ٿو سگھان. هائو، جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو سمجھي ٿو تہ هو جسماني ڳالهين تي ويساهہ رکي ٿو سگھي، تہ آءٌ انهيءَ کان بہ وڌيڪ رکي ٿو سگھان. 5#رس 23‏:6، 26‏:5، رو 11‏:1 اهو انهيءَ لاءِ آهي جو دستور موجب اٺين ڏينهن تي منهنجو طهر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل قوم جو آهيان، آءٌ انهيءَ جي بنيامين قبيلي مان آهيان، آءٌ عبرانين ۾ پڪو عبراني آهيان ۽ شريعت تي عمل جي لحاظ کان آءٌ ڪنهن وقت يهودين جي ڪٽر فرقي فريسيءَ مان هئس. 6#رس 8‏:3، 9‏:1‏-2، 22‏:4، 26‏:9‏-11 مذهبي غيرت جي لحاظ کان آءٌ ڪليسيا جو ستائيندڙ هئس ۽ جيڪڏهن شرعي طور سچي هئڻ جو ڪو سوال آهي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي‌داغ هئس.
7پر جيڪي بہ ڳالهيون ان وقت منهنجي فائدي جون هيون، سي هاڻي مسيح جي خاطر مون نقصان سمجھيون آهن. 8سچ تہ عيسيٰ مسيح جيڪو منهنجو خداوند آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري عظيم خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان 9۽ هن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان. اهو منهنجي انهيءَ سچائيءَ رکڻ سان ناهي جيڪا شريعت تي عمل ڪرڻ وسيلي آهي، پر انهيءَ سچائيءَ سبب آهي جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. هائو، ايمان جي ڪري ئي خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي. 10آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو، 11انهيءَ لاءِ تہ من ڪنهن طرح مئلن منجھان جيئري ٿي اٿڻ جي درجي کي حاصل ڪريان.
منزل ڏانهن ڊوڙڻ
12آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ اهو سڀ ڪجھہ حاصل ڪري ورتو اٿم، يا آءٌ ڪامل ٿي چڪو آهيان، پر انهيءَ مقصد کي هٿ ڪرڻ جي اميد رکي اڳتي ڊوڙندو ٿو وڃان، جنهن لاءِ عيسيٰ مسيح مون کي هٿ ڪيو آهي. 13هائو، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اها دعويٰ نہ ٿو ڪريان تہ مون اهو انعام کٽي ورتو آهي. پر منهنجي ڪوشش رڳو اها آهي تہ جيڪي ڪجھہ پٺتي رهجي ويو آهي تنهن کي وساري، جيڪي ڪجھہ اڳيان آهي 14تنهن منزل ڏانهن زور لڳائيندو ڊوڙندو وڃان، تہ جيئن سربلنديءَ وارو اهو انعام کٽان جنهن جو سڏ عيسيٰ مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري خدا وٽان آيو آهي.
15تنهنڪري اسان مان جيڪي روحاني طور بالغ آهن، تن کي اهو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هجي تہ خدا انهيءَ کي بہ اوهان تي کولي پڌرو ڪندو. 16بهرحال اسان کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي تہ جنهن حد تائين اسين سمجھون ٿا، تنهن موجب زندگي گذاريون.
17 # 1.ڪر 4‏:16، 11‏:1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين سڀيئي گڏجي مون وانگر هلو ۽ انهن ماڻهن تي پڻ ڌيان ڏيندي زندگي گذاريو، جيڪي اسان جي نموني تي هلن ٿا. 18ڏسو، گھڻا ئي اهڙا ماڻهو بہ آهن جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ هاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اهي اهڙا آهن جن جي هلت چلت مان ظاهر ٿو ٿئي تہ اهي مسيح جي صليب جا دشمن آهن. 19اهڙن ماڻهن جي پڇاڙي بربادي آهي، انهن جو خدا سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رهي. 20جڏهن تہ اسين جن جو وطن آسمان تي آهي، سي وڏي چاهہ سان انهيءَ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهيون. 21هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.

Currently Selected:

فلپين 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in