Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 36

36
باروڪ جو هيڪل ۾ خداوند جو فرمان پڙهڻ
1 # 2.با 24‏:1، 2.توا 36‏:5‏-7، دان 1‏:1‏-2 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال خداوند وٽان مون يرمياہ تي هي فرمان نازل ٿيو تہ 2”تون چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو کڻ ۽ ان تي اهي سڀ ڳالهيون لک، جيڪي مون تو سان يوسياہ جي بادشاهيءَ کان وٺي اڄ تائين اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ۽ ٻين سڀني قومن متعلق ڪيون آهن. 3ٿي سگھي ٿو جڏهن يهوداہ وارا ان سڄي مصيبت بابت ٻڌن جيڪا آءٌ مٿن آڻڻ جو ارادو رکان ٿو، تڏهن اهي سڀيئي پنهنجي بڇڙين واٽن کان مڙي پون. پوءِ آءٌ انهن جي بڇڙائي ۽ گناهہ معاف ڪري ڇڏيندس.“
4سو مون باروڪ ولد نيرياہ کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون باروڪ کي چوندو ويس جيڪي خداوند مون کي فرمايون هيون. باروڪ انهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکندو ويو. 5پوءِ مون باروڪ کي هدايت ڪئي تہ ”جيئن تہ مون کي منع ڪئي ويئي آهي، سو آءٌ خداوند جي گھر ۾ نہ ٿو وڃي سگھان، 6تنهنڪري خداوند جون ڳالهيون جيڪي مون تو کي لکرايون آهن سي تون خداوند جي هيڪل ۾ وڃي روزي واري ڏينهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پڙهي ٻڌاءِ، جو خداوند جي گھر ۾ موجود مقامي ماڻهو توڙي يهوداہ جي مختلف شهرن کان آيل ماڻهو بہ چڱيءَ طرح ٻڌي سگھن. 7ٿي سگھي ٿو تہ هو خداوند اڳيان آزي نيزاري ڪن ۽ انهن مان هر ڪو پنهنجي غلط رستي کان باز اچي وڃي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا ڪاوڙ ۽ جيڪو غضب خداوند انهيءَ قوم خلاف ظاهر ڪيو آهي سو تمام شديد آهي.“
8باروڪ ائين ئي ڪيو جيئن مون کيس چيو هو. هو خداوند جون ڳالهيون پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چمڙي جو اهو ويڙهوٽو کڻي هيڪل ڏانهن روانو ٿيو. 9اهو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي پنجين سال جو نائون مهينو هو، جڏهن يروشلم جي سڀني ماڻهن توڙي يهوداہ جي ٻين شهرن کان يروشلم ۾ آيل سڀني ماڻهن خداوند جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ روزو رکيو. 10تڏهن باروڪ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ بالا اڱڻ ۾ شاهي محرر سافن جي پٽ جمرياہ جي ڪمري مان سڀني ماڻهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي مان خداوند جون مون کي ٻڌايل ڳالهيون پڙهي ٻڌايون.
باروڪ جو عملدارن آڏو خداوند جو فرمان پڙهڻ
11جڏهن ميڪاياہ ولد جمرياہ ولد سافن چمڙي جي انهيءَ ويڙهوٽي مان خداوند جون سڀ ڳالهيون ٻڌيون، 12تڏهن هو لهي شاهي محل ۾ شاهي محرر اليسمع جي ڪمري ۾ ويو، جتي شاهي محرر سان گڏ گھڻا عملدار گڏجاڻي ڪري رهيا هئا. انهن ۾ دلاياہ ولد سمعياہ، الناتن ولد عڪبور، جمرياہ ولد سافن، صدقياہ ولد حننياہ ۽ ٻيا عملدار شامل هئا. 13جڏهن ميڪاياہ اهي سڀ ڳالهيون هنن کي ٻڌايون جيڪي هن باروڪ کان ماڻهن کي پڙهي ٻڌائيندي ٻڌيون هيون، 14تڏهن سڀني عملدارن يهودي ولد نتنياہ ولد سلمياہ ولد ڪوشيءَ هٿان باروڪ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”چمڙي وارو اهو ويڙهوٽو جنهن مان تو ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو آهي سو پاڻ سان کڻي اچ.“ سو باروڪ اهو ويڙهوٽو پنهنجي هٿ ۾ کڻي هنن وٽ آيو. 15هنن کيس چيو تہ ”مهرباني ڪري ويهي اسان کي اهو پڙهي ٻڌاءِ.“ سو باروڪ اهو کين پڙهي ٻڌايو.
16جڏهن هنن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خوف وچان هڪٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ باروڪ کي چوڻ لڳا تہ ”اسين هي سڀ ڳالهيون ضرور بادشاهہ کي ٻڌائينداسين.“ 17پوءِ هنن باروڪ کان پڇيو تہ ”ٻڌاءِ تہ اهي سڀ ڳالهيون تو ڪيئن لکيون؟ ڇا يرمياہ تو کي لکرايون؟“ 18باروڪ کين وراڻيو تہ ”هائو، هن مون کي لکرايون ۽ مون اهي مس سان چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکيون.“ 19پوءِ عملدارن باروڪ کي چيو تہ ”تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو ۽ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ اوهين ڪٿي آهيو.“
يهويقيم جو چمڙي جو ويڙهوٽو ساڙڻ
20پوءِ انهن عملدارن چمڙي جو اهو ويڙهوٽو شاهي محرر اليسمع جي ڪوٺيءَ ۾ رکي ڇڏيو ۽ پاڻ بادشاهہ وٽ درٻار ۾ آيا ۽ کيس اهي ڳالهيون ٻڌايائون. 21تڏهن بادشاهہ يهودي نالي انهيءَ ماڻهوءَ کي موڪليو تہ وڃي چمڙي جو اهو ويڙهوٽو کڻي اچي. يهودي وڃي شاهي محرر اليسمع جي ڪوٺيءَ مان اهو کڻي آيو ۽ بادشاهہ ۽ ان جي ڀر ۾ بيٺل عملدارن کي اهو پڙهي ٻڌايائين. 22جيئن تہ اها سياري جي موسم هئي، سو بادشاهہ پنهنجي محل جي سياري واري رهائش‌گاهہ جي درٻار ۾ ويٺو هو ۽ سندس اڳيان مچ پئي ٻريو. 23جڏهن يهوديءَ ويڙهوٽي مان ٽي يا چار صفحا پڙهيا تہ بادشاهہ ننڍي ڇري کڻي اهي صفحا ڪٽي مچ ۾ اڇلائي ڇڏيا، ائين جيڪي صفحا هو پڙهندو ويو بادشاهہ انهن کي ڪٽي باهہ ۾ اڇلائيندو ويو، ايستائين جو سڄو ويڙهوٽو سڙي رک ٿي ويو. 24پر بادشاهہ توڙي ان جي عملدارن کي خداوند جون اهي ڳالهيون ٻڌي نہ ڪو خوف ٿيو، نہ ئي وري ڪو ڏک جو اظهار ڪيائون. 25البت الناتن، دلاياہ ۽ جمرياہ نالي عملدارن بادشاهہ کي منٿ ڪئي تہ ويڙهوٽي کي نہ ساڙيو وڃي، پر هن سندن هڪ بہ نہ ٻڌي. 26اٽلندو بادشاهہ پنهنجي شهزادي يرحمئيل ۽ شراياہ ولد عزري ايل ۽ سلمياہ ولد عبدي ايل نالي عملدارن کي حڪم ڏنو تہ ”وڃو، باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ کي گرفتار ڪري اچو.“ پر خداوند اسان کي لڪائي ڇڏيو هو.
يرمياہ جو ٻيهر ويڙهوٽو لکرائڻ
27جڏهن بادشاهہ اُهو ويڙهوٽو ساڙي ڇڏيو جنهن تي اهي ڳالهيون لکيل هيون جيڪي مون يرمياہ باروڪ کان لکرايون هيون، تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ 28”تون چمڙي جو ٻيو ويڙهوٽو کڻ ۽ انهيءَ ۾ ان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀيئي ڳالهيون لکراءِ، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏيو آهي. 29ٻيو تہ بادشاهہ يهويقيم کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’چمڙي جو اهو ويڙهوٽو ساڙڻ جي تو کي ڪيئن جرئت ٿي ۽ تو يرمياہ جي لکت کي ڇو رد ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هن ملڪ کي ناس ڪندو ۽ اتي جي ماڻهن توڙي جانورن کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو؟ 30تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند تو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بابت چوان ٿو تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ تو وٽ ڪوبہ ڪونہ رهندو. تنهنجو لاش ٻاهر ڪڍي اڇلايو ويندو، جيڪو ڏينهن جو اُس ۾ تہ رات جو پاري ۾ پيو هوندو. 31آءٌ تو کي، تنهنجي اولاد کي ۽ تنهنجي عملدارن کي اوهان جي ڪيل بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس. آءٌ اوهان تي، يروشلم جي رهاڪن تي، بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي هر اها مصيبت آڻيندس جنهن جي آڻڻ بابت مون اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي آهي.‘“
32تڏهن مون يرمياہ ٻيو ويڙهوٽو کڻي باروڪ ولد نيرياہ ڪاتب کي ڏنو ۽ انهيءَ ۾ هن کان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀ ڳالهيون لکرايم، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو. انهيءَ کان علاوہ انهن جهڙيون ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ان ۾ شامل ڪيون ويون.

Currently Selected:

يرمياہ 36: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 36