35
ريڪابي گھراڻي جي وفاداري
1 #
2.با 23:36–24:6، 2.توا 36:5-7 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ مون يرمياہ تي خداوند جو هي فرمان نازل ٿيو تہ 2”تون ريڪابي گھراڻي وارن وٽ وڃ ۽ کين چئُہ تہ هو منهنجي هيڪل جي ڪوٺين مان هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ اچي گڏ ٿين ۽ پوءِ تون کين مئي پيئڻ لاءِ ڏي.“
3تڏهن آءٌ يازنياہ ولد يرمياہ ولد حبصنياہ ۽ سندس سڀني ڀائرن ۽ پٽن، يعني سڄي ريڪابي گھراڻي کي ساڻ ڪري 4خداوند جي گھر ۾ خدا جي ٻانهي حنان ولد يجدلياہ جي مريدن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيس. اها ڪوٺي عملدارن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربانن جي نگران مسعياہ ولد سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي. 5پوءِ مون ريڪابي گھراڻي جي ماڻهن جي اڳيان مئي سان ڀريل گھُگھيون ۽ پيالا رکيا ۽ کين چيم تہ ”مئي پيئو.“
6پر هنن وراڻيو تہ ”اسين مئي نہ پيئنداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي وڏي يهوناداب ولد ريڪاب اسان کي حڪم ڏنو هو تہ ’اوهين يا اوهان جو اولاد ڪڏهن بہ مئي نہ پيئي. 7نڪي اوهين گھر تعمير ڪجو، نہ وري پوک ڪرڻ يا انگورن جا باغ لڳائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪا زمين هجي. اوهان کي انهن مان ڪابہ ملڪيت نہ هجي، بلڪ اوهين هميشہ تنبن ۾ پيا رهجو. تڏهن اوهين جنهن ملڪ ۾ مسافر طور رهو ٿا تنهن ۾ اسان جو گھراڻو وڏي ڄمار ماڻيندو.‘ 8سو اسان جي وڏي يهوناداب جن ڳالهين جو اسان کي حڪم ڏنو هو، تن تي عمل ڪندي اسان، اسان جي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن ڪڏهن بہ مئي نہ پيتي آهي، 9نڪي ڪڏهن رهڻ لاءِ گھر تعمير ڪيا آهن، نہ وري انگورن جا باغ لڳائڻ يا فصل پوکڻ لاءِ ٻنيون رکيون آهن. 10اسان تنبن ۾ ئي پئي رهيا آهيون ۽ پنهنجي وڏي يهوناداب جي هر حڪم تي چڱيءَ طرح عمل ڪيو آهي. 11پر جڏهن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر هن ملڪ تي ڪاهہ ڪئي تڏهن اسان فيصلو ڪيو تہ بابلين ۽ #35:11 ارامين ان دور ۾ انهن جو علائقو موجودہ شام ملڪ جي ڪجھہ حصي تي مشتمل هو.ارامين جي لشڪرن کان ڀڄي پري يروشلم شهر ڏانهن هليو وڃجي. ائين اسين يروشلم ۾ اچي رهڻ لڳاسون.“
12-13تڏهن قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن ڏانهن پنهنجي هي فرمان ٻڌائڻ لاءِ موڪليو تہ ”ڇا اوهان اڃا تائين سبق نہ سکيو آهي جو منهنجي فرمانبرداري ڪريو؟ 14يهوناداب ولد ريڪاب، جنهن پنهنجي اولاد کي حڪم ڏنو هو تہ ’مئي نہ پيئجو،‘ تنهن جي حڪم تي عمل ڪيو ٿو وڃي. اڄ ڏينهن تائين هو مئي نہ ٿا پيئن، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي وڏي جي حڪم تي عمل ڪندا ٿا اچن. پر مون بار بار اوهان کي هميشہ تاڪيد پئي ڪيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي. 15مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي. 16يهوناداب ولد ريڪاب جي اولاد پنهنجي وڏي جو ڏنل حڪم بجا آندو، پر اوهان منهنجي حڪم کي رد ڪري ڇڏيو. 17تنهنڪري ياد رکو، آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي اُهي سڀ مصيبتون آڻڻ وارو آهيان جن جي آڻڻ بابت آءٌ اڳي ئي ٻڌائي چڪو آهيان. مون اوهان سان ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو. مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب نہ ڏنو.“
18پوءِ مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ريڪابي گھراڻي کي ڏنو تہ ”جيئن تہ اوهان پنهنجي وڏي يهوناداب جو حڪم پوريءَ طرح مڃيو آهي ۽ سندس سڀني نصيحتن تي عمل ڪيو اٿوَ، 19تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ يهوناداب ولد ريڪاب جي گھراڻي ۾ ڪڏهن بہ اهڙي ماڻهوءَ جي کوٽ نہ ٿيندي جيڪو منهنجو خدمتگار ٿي رهي.“