Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 30

30
بني اسرائيل جي بحالي
1 خداوند طرفان مون يرمياہ تي هي فرمان نازل ٿيو تہ 2”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ هڪڙي ڪتاب ۾ لک. 3ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم يعني اسرائيل وارن ۽ يهوداہ وارن جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. هو انهيءَ ملڪيت جا وارث ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
4 خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن بابت هي فرمائي ٿو تہ
5”ڊپ جو آواز ٻڌجي پيو،
يعني دهشت جو، نہ امن وَ سلامتيءَ جو.
6سوچي سمجھي ٻڌايو تہ ڇا ڪو مرد بہ ٻار ڄڻيندو آهي؟
تہ پوءِ ڇو آءٌ ڏسان ٿو تہ
هر مرد کي پنهنجي ڍاڪن تي هٿ آهن،
جيئن ڪا سورن واري عورت ڪندي آهي؟
ڇو هر چهرو خوف وچان ڦري ڦڪو ٿي پيو آهي؟
7آہ! اهو ڏينهن ڪيڏو نہ هيبتناڪ هوندو!
ان جهڙو ڏينهن نہ ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نہ ٿيندو.
اهو ڏينهن منهنجي قوم لاءِ مصيبت جو ڏينهن هوندو،
پر هو انهيءَ منجھان بچي نڪرندا.“
8قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سندن ڳچين مان غلاميءَ جي پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏيندس ۽ سندن قيد جا رسا ٽوڙي ڇڏيندس. پوءِ ڌاريا ماڻهو وري اڳتي کين پنهنجو غلام بڻائي نہ سگھندا. 9ان جي برعڪس هو مون خداوند پنهنجي خدا جي ۽ دائود جي نسل واري بادشاهہ جي خدمت ڪندا، جنهن کي آءٌ هنن لاءِ کڙو ڪندس.
10 # ير 46‏:27‏-28 سو، اي منهنجي قوم بني اسرائيل! اوهين نہ ڊڄو،
نڪي اوهين پريشان ٿيو.
آءٌ اوهان کي يقيناً ڏورانهن هنڌن کان بچائيندس،
يعني اوهان جي نسل کي
جلاوطنيءَ وارن ملڪن کان موٽائي آڻيندس.
آءٌ اوهان کي وري امن ۽ سلامتي عطا ڪندس،
۽ ڪوبہ اوهان کي ڊيڄاري نہ سگھندو.
11آءٌ اوهان سان آهيان ۽ اوهان کي بچائيندس.
جن قومن ۾ مون اوهان کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي،
تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو آڻيندس.
آءٌ اوهان کي ختم نہ ڪندس،
پر اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس.
آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
12 خداوند پنهنجي قوم کي وڌيڪ فرمائي ٿو تہ
”اوهان جو زخم لاعلاج آهي،
اوهان جو ڦٽ ڇٽڻ محال آهي.
13اوهان جو اهڙو ڪوبہ حمايتي ڪونهي،
جيڪو اوهان جي ملم پٽي ڪري،
اوهان جي دردن جو دارون ڪونهي،
هائو، اوهان لاءِ شفا آهي ئي ڪونہ.
14اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي،
اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن.
مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي،
جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي،
۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي،
ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن،
۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.
15اوهين پنهنجي انهن زخمن تي ڇو ٿا روئو رڙو،
جيڪي ڇٽي ئي نہ ٿا سگھن؟
اوهان جي وڏي بدڪاريءَ ۽ بي‌شمار گناهن جي ڪري ئي
مون اوهان سان ائين ڪيو آهي.
16پر هاڻي اڳتي جيڪي اوهان کي ڳڙڪائيندا،
سي پاڻ ڳڙڪجي ويندا،
اوهان جا سڀ دشمن جلاوطن ٿي ويندا.
جيڪي اوهان کي لٽين ٿا سي پاڻ لٽجي ويندا.
جيڪي اوهان کي شڪار بڻائين ٿا،
تن کي آءٌ شڪار بڻائي ڇڏيندس.
17پر اوهان کي آءٌ وري تندرست ڪندس
۽ اوهان جا ڦٽ ڇٽائيندس،
انهيءَ لاءِ تہ اڳتي دشمن ائين نہ چون تہ
’اي #30‏:17 صيئون يروشلم شهر صيئون جبل تي اڏيل آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڄي ملڪ ۽ بني اسرائيل قوم لاءِ اهو نالو استعمال ڪيو ويندو آهي.صيئون! تون تہ رد ڪيل آهين،
ڪنهن کي بہ تنهنجي پرواهہ ناهي.‘“
18 خداوند فرمائي ٿو تہ
”آءٌ پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي نسل تي رحم ڪندس،
۽ سندن گھرن ۾ وري خوشحالي آڻيندس،
يروشلم شهر پنهنجي دڙي تي وري اڏيو ويندو،
۽ انهيءَ جو قلعو پنهنجي اصلي هنڌ تي وري قائم ٿيندو.
19ماڻهو شڪرگذاري ڪندا ۽ خوشيون ملهائيندا.
آءٌ انهن جو تعداد وڌائيندس، سو هو گھٽبا ئي ڪين.
آءٌ انهن کي عزت وارو ڪندس، سو هو ذليل نہ ڪيا ويندا.
20آءٌ انهن جو ٽڙيل پکڙيل اولاد پهريان وانگر گڏ ڪندس،
۽ اهي منهنجي حضور ۾ عبادت ڪندا رهندا.
جيڪي انهن کي ستائيندا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.
21‏-22انهن جو اڳواڻ انهن منجھان ئي هوندو.
هائو، انهن جو حاڪم سندن منجھان ئي ٿيندو.
آءٌ هن کي سڏيندس تڏهن هو منهنجي ويجھو ايندو،
نہ تہ ڪنهن جي مجال آهي جو
ڪو پاڻ منهنجي ويجھو اچي سگھي؟
سو آءٌ ئي سندن خدا هوندس ۽ اهي منهنجي قوم هوندا.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
23خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان
خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو،
هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.
24 خداوند جو خوفناڪ غضب تيستائين نہ هٽندو،
جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو.
اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ سمجھي ويندا.

Currently Selected:

يرمياہ 30: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 30