29
جلاوطنن ڏانهن يرمياہ جو خط
1 #
2.با 24:12-16، 2.توا 36:10 مون يرمياہ يروشلم مان قيد ڪيل باقي اڳواڻن ڏانهن ۽ ڪاهنن، نبي سڏائيندڙن ۽ انهن سڀني ماڻهن ڏانهن هڪ خط لکي موڪليو جن کي نبوڪدنضر جلاوطن بڻائي يروشلم مان بابل ملڪ ڏانهن وٺي ويو هو. 2هي ان کان پوءِ جي ڳالهہ آهي جڏهن يهوياڪين بادشاهہ، سندس راڻي ماءُ، سندس درٻاري عملدار ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا اڳواڻ ڪاريگرن ۽ رازن سميت يروشلم مان جلاوطن ڪيا ويا هئا. 3مون اهو خط العاسہ ولد سافن ۽ جمرياہ ولد خلقياہ جي حوالي ڪيو، جن کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڏانهن موڪليو. ان خط ۾ لکيل هو تہ
4”قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جن ماڻهن کي يروشلم مان جلاوطن ڪري بابل ڏانهن موڪليو هو، تن سڀني کي هو فرمائي ٿو تہ 5’اوهين اتي ئي پنهنجي لاءِ گھر ٺاهي رهي پئو، باغ پوکيو ۽ انهن جا ميوا کائو. 6اوهين شاديون ڪريو ۽ پٽ ۽ ڌيئر ڄڻيو. اڳتي هلي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جون شاديون ڪرايو تہ جيئن انهن کي بہ پٽ ۽ ڌيئر ڄمن. اهڙيءَ طرح اوهين تعداد ۾ وڌندا وڃو ۽ گھٽجو نہ. 7جن شهرن ۾ مون اوهان کي جلاوطن بڻائي موڪليو آهي، تن جي خير وَ سلامتي طلبيندا رهو ۽ انهن لاءِ مون خداوند کان دعا گھرو، ڇاڪاڻ تہ انهن جي خير وَ سلامتيءَ ۾ اوهان جي خير وَ سلامتي آهي. 8آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهيءَ ڪري ائين چوان ٿو تہ جيئن اوهين پاڻ منجھہ رهندڙ نبي سڏائيندڙن ۽ غيب دانن کان نہ ٺڳجو. جلدي وطن واپس موٽڻ وارين سندن اڳڪٿين ۽ خوابن کي اوهين قبول نہ ڪجو. 9هو منهنجي نالي تي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪن ٿا، جڏهن تہ مون انهن کي ڪين موڪليو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.‘
10 #
2.توا 36:21، ير 25:11، دان 9:2 خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’بابل جي بادشاهت جا ستر سال پورا ٿيڻ بعد آءٌ اوهان جي خبر چار لهندس ۽ اوهان کي پنهنجي وطن ۾ موٽائي آڻڻ وارو اوهان سان ڪيل پنهنجو سهڻو سخن پورو ڪندس. 11آءٌ ئي آهيان، جنهن اوهان لاءِ جيڪي رٿيو آهي تنهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو. منهنجي اها رٿ خرابيءَ واري نہ، بلڪ خير وَ سلامتيءَ واري آهي، هائو، هڪ اهڙي رٿ جنهن سان اوهان جي آئيندہ جي اميد پوري ٿيندي. 12تڏهن اوهين مون کي پڪاريندا ۽ مون کان دعائون گھرندا تہ آءٌ اوهان جون اهي دعائون اگھائيندس. 13#شر 4:29 اوهين منهنجا طالبو ٿيندا، هائو، جڏهن اوهين پوريءَ دل وَ جان سان منهنجا طالبو ٿيندا، تڏهن آءٌ اوهان سان پرچي پوندس. 14هائو، آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس ۽ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن کان، جن ڏانهن مون اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو اوهان کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘
15اوهين چئو ٿا تہ ’خداوند اسان جي لاءِ بابل ۾ نبي موڪليا آهن.‘ 16پر حقيقت ۾ جيڪو شخص بادشاهہ دائود جي تخت تي ويٺو آهي ۽ جيڪي ماڻهو هن شهر يروشلم ۾ رهن ٿا، يعني اوهان جا هموطن جيڪي جلاوطن نہ ڪيا ويا هئا تن سڀني بابت خداوند جو فرمان هي آهي. 17قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ هنن منجھہ جنگ، ڏڪار ۽ وبا موڪليندس ۽ کين اهڙن ڳريل سڙيل انجيرن جهڙو ڪندس، جيڪي کائڻ جي لائق نہ هوندا آهن. 18آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا. 19ان جو سبب هي آهي جو هنن منهنجي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي بار بار کين ٻڌائيندو رهيو آهيان. هنن تہ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ئي گوارا نہ ڪيون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.
20تنهنڪري هاڻي اي جلاوطنؤ! اوهين جن کي مون يروشلم کان بابل ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، سي سڀ مون خداوند جو فرمان ڌيان سان ٻڌو. 21آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا اخياب ولد قولاياہ ۽ صدقياہ ولد معسياہ، جيڪي منهنجي نالي تي اوهان اڳيان ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪن ٿا، تن بابت چوان ٿو تہ آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو کين اوهان جي اکين اڳيان قتل ڪرائي ڇڏيندو. 22انهيءَ ڪري اوهين يهوداہ جا سڀ جلاوطن جيڪي بابل ۾ آهيو سي هيءَ لعنت مثال طور ڪم آڻيندا تہ ”شل خداوند تو کي صدقياہ ۽ اخياب جهڙو ڪري، جن کي بابل جي بادشاهہ باهہ ڏيئي ساڙائي ڇڏيو.“ 23انهيءَ سبب جو هنن مون کي ڪاوڙائڻ جهڙا ڪم ڪيا، يعني ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري ڪيائون ۽ منهنجي نالي تي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيائون جيڪي مون کين نہ چيون هيون. مون کي اها سڄي خبر آهي ۽ آءٌ خداوند پاڻ ان جو گواهہ آهيان.‘“
هڪڙي نبي سڏائيندڙ جو يرمياہ خلاف خط
24-25قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي سمعياہ نخلاميءَ بابت هڪ پيغام ڏنو، جنهن پنهنجي نالي سان يروشلم جي سڀني ماڻهن توڙي صفنياہ ولد معسياہ ڪاهن ۽ ٻين سڀني ڪاهنن ڏانهن خط موڪليو. انهيءَ خط ۾ هن صفنياہ کي لکيو تہ 26”خداوند تو کي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون خداوند جي گھر جو نگران بڻجي هر انهيءَ چرئي ماڻهوءَ کي جيڪو پاڻ کي نبي چوائي، تنهن کي ڪاٺ ۾ وجھي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏين. 27سو ڇو تو يرمياہ عنتوتيءَ کي اهڙي سزا نہ ڏني آهي جيڪو اوهان منجھہ پاڻ کي نبي بڻايو ٿو وتي؟ 28هن اسان ڏانهن بابل ۾ هي پيغام موڪليو آهي تہ ’هن جلاوطنيءَ جي مدت ڊگھي آهي. تنهنڪري اتي ئي گھر ٺاهي رهي پئو، باغ پوکيو ۽ انهن جو ميوو کائو.‘“
29صفنياہ ڪاهن اهو خط مون يرمياہ کي پڙهي ٻڌايو. 30تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ 31”سڀني جلاوطن ماڻهن ڏانهن سمعياہ نخلاميءَ بابت مون خداوند جو هي پيغام ڏياري موڪل تہ ’جيئن تہ سمعياہ اوهان اڳيان نبيءَ جي حيثيت ۾ ڳالهيون ڪيون آهن، توڙي جو مون کيس نہ موڪليو آهي ۽ اوهان کي ڪوڙ تي يقين ڪرايو اٿس، 32تنهنڪري مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس نسل کي اهڙي سزا ڏيندس جو قوم مان سندن نالو نشان ئي مٽجي ويندو. هو اهي چڱا ڪم ئي نہ ڏسندو جيڪي آءٌ پنهنجي قوم لاءِ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“