Bible App logo
Search Icon

يسعياہ 65

65
فسادين لاءِ خداوند جي سزا
1 # رو 10‏:20 خداوند فرمائي ٿو تہ
”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون
قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس،
پر هنن دعا ئي نہ گھري.
آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن،
پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي.
اها ئي قوم هئي،
جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو،
جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ
’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘
2 # رو 10‏:21 آءٌ پنهنجي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهيو آهيان.
پر اهي فسادي آهن،
۽ پنهنجي خيالن جي پيروي ڪندي خراب رستي تي ٿا هلن.
3اها هڪ اهڙي بي‌شرم قوم آهي،
جيڪا هر وقت مون کي چڙ ڏياريندي ٿي رهي.
اهي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ قربانيون ٿا پيش ڪن،
۽ بتن جي قربان‌گاهن تي لوبان ٿا ساڙين.
4رات جو اهي غارن ۽ مقبرن ۾ وڃي
مئلن جي روحن سان صلاح مشورا ٿا ڪن.
اهي سوئر جو گوشت ٿا کائين،
۽ پنهنجن ٿانون ۾ اهڙو شوربو ٿا پيئن،
جيڪو بتن تي قربان ڪيل ڪراهت جهڙين شين مان ٺهيل آهي.
5جڏهن تہ اهي ٻين کي چون ٿا تہ
’پري ٿي بيهو، اسان جي ويجھو نہ اچو،
ڇاڪاڻ تہ اسين اوهان کان پاڪ آهيون.‘
اهي ماڻهو منهنجي نڪ ۾ اهڙي دونهين مثل چڙ ڏياريندڙ آهن،
جيڪو ڪنهن دکندڙ باهہ مان نڪرندي
ماڻهن کي تنگ ڪرڻ کان بس نہ ٿو ڪري.
6ڏسو، مون اڳ ۾ ئي سندن سزا جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي،
۽ سندن لاءِ فتويٰ مون لکي ڇڏي آهي.
آءٌ سندن ڪيل ڪمن کان چشم‌پوشي نہ ڪندس،
بلڪ کين انهن جو بدلو ڏيندس.
7هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين،
۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس.
هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾
سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون،
۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي.
سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“
8 خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ
”جهڙيءَ طرح سٺن انگورن کي برباد نہ ٿو ڪيو وڃي،
بلڪ انهن مان مئي ٿي ٺاهي وڃي،
تهڙيءَ طرح آءٌ بہ پنهنجي پوري قوم کي برباد نہ ڪندس،
بلڪ آءٌ انهن کي بچائيندس جيڪي منهنجي بندگي ٿا ڪن.
9منهنجا اهڙا چونڊيل ماڻهو
منهنجي جابلو علائقي جا وارث ٿيندا.
هائو، جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن سي ئي اتي آباد ٿيندا.
آءٌ يهوداہ قبيلي وارن،
بلڪ سڄي بني اسرائيل مان اهڙن ماڻهن کي
گھڻي اولاد سان نوازيندس.
هائو، آءٌ انهن کي پنهنجي ملڪ جو وارث بڻائيندس.
10 # يش 7‏:24‏-26 منهنجي قوم مان جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن،
تن جي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن لاءِ اولهہ ۾ شارون جو ميدان،
۽ اوڀر ۾ عڪور جي وادي چراگاهہ بڻبي،
جتي اهي چرندا ۽ آرام ڪندا.
11پر اي اوهين! جن مون خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي،
۽ جن منهنجي پاڪ جبل صيئون کي وساري ڇڏيو آهي،
هائو، اوهين جيڪي بتن کي نصيب ۽ قسمت جا ديوتا سڏيو ٿا،
۽ سندن پوڄا ڪندي هنن لاءِ دسترخانا وڇايو ٿا،
۽ مئي جو پيالو ڀري نذراني طور رکي ٿا ڇڏيو،
سي ياد رکو، اوهان جي نصيب ۾ هي لکيو ويو آهي تہ
12اوهان سڀني کي ڪُٺو ويندو،
جڏهن آءٌ اوهان کي ڳڻي ڳڻي تلوار جي حوالي ڪندس.
انهيءَ سبب جو جڏهن مون اوهان کي سڏيو،
تڏهن اوهان ڪو جواب نہ ڏنو،
جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان ڪو ڌيان نہ ڏنو.
جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو،
بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو اوهان پسند ڪيو.
13تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ
ڏسو، جيڪي منهنجي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا،
سي جھجھو کائيندا ۽ پيئندا،
پر اي فسادي! اوهين بکيا ۽ اڃيا رهندا.
هائو، منهنجا اهي ٻانها خوشيون ملهائيندا،
پر اوهين خوار خراب ٿيندا.
14ڏسو، منهنجا عبادت‌گذار ٻانها
دل جي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا،
پر اوهين دل جي ڏک ڪري دانهون ڪندا،
۽ روح جي رنج ڪري واءِ‌ويلا مچائيندا.
15آءٌ خداوند خدا اوهان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس،
تڏهن منهنجا اهي چونڊيل ٻانها
اوهان جو نالو لعنت طور استعمال ڪندا.
پر پنهنجي ٻانهن کي آءٌ برڪت واري نئين نالي سان سڏيندس.
16پوءِ سندن ملڪ ۾ جيڪو بہ پنهنجي لاءِ برڪت گھرندو،
سو مون سچي خدا جي نالي سان گھرندو.
هائو، اتي جيڪو بہ قسم کڻندو،
سو مون سچي خدا جي نالي سان کڻندو.
اڳيون مصيبتون آءٌ ختم ڪري ڇڏيندس،
۽ اوهان کان اهي وسري وينديون.“
نئين تخليق
17 # يس 66‏:22، 2.پط 3‏:13، مڪا 21‏:1 خداوند فرمائي ٿو تہ
”ڏسو، آءٌ هڪ نئين زمين ۽ نوان آسمان پيدا ٿو ڪريان.
هائو، گذريل وقت جي هر ڳالهہ بلڪل وساري ويندي.
18سو اي انسانؤ! اوهين خوش ٿيو،
۽ جيڪي آءٌ پيدا ٿو ڪريان
تنهن تي هميشہ خوشيون ملهائيندا رهو،
ڇاڪاڻ تہ نئون يروشلم جيڪو آءٌ بڻايان ٿو،
سو شادمانن سان ڀرپور هوندو،
۽ انهيءَ جا ماڻهو ٻين لاءِ بہ خوشين جو باعث بڻبا.
19 # مڪا 21‏:4 آءٌ پاڻ بہ يروشلم جي ڪري خوش ٿيندس،
۽ پنهنجي قوم جي ڪري شادمان ٿيندس.
هن کان پوءِ انهيءَ ۾ روئڻ ۽ فرياد ڪرڻ جو آواز
وري ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.
20اتي ڪوبہ ننڍڙو ٻار وري ننڍپڻ ۾ ڪونہ مرندو،
نڪي ڪو پوڙهو
پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ کان اڳ مرندو.
جنهن ماڻهوءَ جي عمر سؤ سال هوندي،
سو نوجوان سمجھيو ويندو.
جيڪو انهيءَ کان اڳ مرندو،
سو لعنتي سمجھيو ويندو.
21منهنجي قوم جا ماڻهو گھر اڏيندا ۽ انهن ۾ پاڻ رهندا.
اهي انگورن جا باغ لڳائيندا ۽ انهن جو ميوو پاڻ کائيندا.
22ائين بلڪل نہ ٿيندو جو اهي گھر اڏين ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهن،
يا اهي باغ لڳائين ۽ ٻيا اچي انهن جو ميوو کائين.
منهنجي قوم جي ماڻهن جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي.
هائو، منهنجا اهي چونڊيل
پنهنجن هٿن جي ڪمن مان گھڻي وقت تائين فائدو وٺندا.
23انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو،
نڪي سندن اولاد تي ڪا موتمار آفت ايندي.
آءٌ خداوند انهن تي ۽ سندن نسل تي
برڪتون نازل ڪندو رهندس.
24اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا،
تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.
25 # يس 11‏:6‏-9 بگھڙ ۽ گھيٽو گڏ چرندا،
شينهن ڍڳي وانگر گاهہ کائيندو،
۽ نانگ بہ بي‌ضرر هوندو،
۽ سندس گذران رڳو مٽيءَ تي هوندو.
منهنجي پاڪ جبل صيئون تي
اهي ڪنهن کي بہ نہ ڪو نقصان رسائيندا،
۽ نہ وري برباد ڪندا.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

يسعياہ 65: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in