1
يسعياہ 24:65
Sindhi Bible FB
SB
اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا، تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.
Compare
Explore يسعياہ 65:24
2
يسعياہ 17:65
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ هڪ نئين زمين ۽ نوان آسمان پيدا ٿو ڪريان. هائو، گذريل وقت جي هر ڳالهہ بلڪل وساري ويندي.
Explore يسعياہ 65:17
3
يسعياہ 23:65
انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو، نڪي سندن اولاد تي ڪا موتمار آفت ايندي. آءٌ خداوند انهن تي ۽ سندن نسل تي برڪتون نازل ڪندو رهندس.
Explore يسعياہ 65:23
4
يسعياہ 22:65
ائين بلڪل نہ ٿيندو جو اهي گھر اڏين ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهن، يا اهي باغ لڳائين ۽ ٻيا اچي انهن جو ميوو کائين. منهنجي قوم جي ماڻهن جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي. هائو، منهنجا اهي چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪمن مان گھڻي وقت تائين فائدو وٺندا.
Explore يسعياہ 65:22
5
يسعياہ 20:65
اتي ڪوبہ ننڍڙو ٻار وري ننڍپڻ ۾ ڪونہ مرندو، نڪي ڪو پوڙهو پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ کان اڳ مرندو. جنهن ماڻهوءَ جي عمر سؤ سال هوندي، سو نوجوان سمجھيو ويندو. جيڪو انهيءَ کان اڳ مرندو، سو لعنتي سمجھيو ويندو.
Explore يسعياہ 65:20
6
يسعياہ 25:65
بگھڙ ۽ گھيٽو گڏ چرندا، شينهن ڍڳي وانگر گاهہ کائيندو، ۽ نانگ بہ بيضرر هوندو، ۽ سندس گذران رڳو مٽيءَ تي هوندو. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي اهي ڪنهن کي بہ نہ ڪو نقصان رسائيندا، ۽ نہ وري برباد ڪندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
Explore يسعياہ 65:25
7
يسعياہ 19:65
آءٌ پاڻ بہ يروشلم جي ڪري خوش ٿيندس، ۽ پنهنجي قوم جي ڪري شادمان ٿيندس. هن کان پوءِ انهيءَ ۾ روئڻ ۽ فرياد ڪرڻ جو آواز وري ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.
Explore يسعياہ 65:19