58
حقيقي روزو
1خداوند مون کي فرمايو تہ
”پڪار، ايترو وڏي آواز سان پڪار،
جيترو پڪاري سگھين ٿو.
نفيل وانگر پنهنجو آواز بلند ڪر،
۽ منهنجي قوم بني اسرائيل کي سندن گناهہ ظاهر ڪري ٻڌاءِ.
2بيشڪ اهي اهڙي قوم جو ڏيکاءُ ڪن ٿا
جيڪا سچائيءَ وارا ڪم ٿي ڪري،
۽ پنهنجي خدا جي شريعت کان منهن نہ ٿي موڙي.
اهي روز بروز منهنجي عبادت ڪندا رهن ٿا،
۽ دعويٰ ٿا ڪن تہ
’اسين خداوند جي رستن کي ڄاڻڻ چاهيون ٿا،
اسين کانئس سچائيءَ وارا حڪم طلب ڪريون ٿا،
۽ سندس عبادت ڪرڻ ۾ خوش ٿيون ٿا.‘
3تڏهن بہ اهي ائين چوندا ٿا رهن تہ
’اسين ڇو روزا رکون،
جڏهن تہ خداوند انهن تي ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي؟
اسين ڇو پنهنجي جان کي ڏک ڏيون،
جڏهن تہ هو انهيءَ جي خبر ئي نہ ٿو رکي؟‘“
خداوند کين ورندي ڏيئي چوي ٿو تہ
”حقيقت هيءَ آهي جو پنهنجي روزي جي ڏينهن
اوهين رڳو پنهنجو مطلب پورو ٿا ڪريو،
۽ پنهنجي نوڪرن کان سخت ڪم ٿا وٺو.
4ڏسو، اوهين جھيڙي ۽ تڪرار لاءِ روزو ٿا رکو،
۽ دنگي ۽ فساد کان باز نہ ٿا اچو.
ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ اهڙي قسم جو روزو رکي
اوهين پنهنجيون دعائون مون تائين پهچائي سگھو ٿا؟
5ڇا اهڙو روزو مون کي پسند آهي؟
ڇا اوهان جي نظر ۾ روزو اهو ئي آهي تہ
ماڻهو پنهنجي جان کي ڏک ڏئي،
ڪاني وانگر پنهنجو مٿو جھڪائي ويهي،
۽ پنهنجي هيٺان کٿو وڇائي مٿي ۾ رک وجھي ويهي؟
ڀلا انهيءَ کي روزو چئي سگھجي ٿو ڇا؟
هائو، انهيءَ کي اوهين مون خداوند وٽ
قبول پوڻ وارو روزو چوندا ڇا؟
6پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ
ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن،
غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن،
مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي،
بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.
7 #
مت 25:35-36
اهو ئي تہ حقيقي روزو آهي جو
اوهين پنهنجي ماني بکين کي ڏيو،
۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گھر وٺي اچو.
جڏهن ڪو اگھاڙو ڏسو تہ انهيءَ کي اوهين ڪپڙا ڍڪايو،
۽ پنهنجي مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ کان انڪار نہ ڪريو.
8تڏهن منهنجو راضپو
اوهان جي مٿان سج جي ڪرڻن وانگر چمڪڻ لڳندو،
۽ جلد ئي اوهان جا هر طرح جا لاڳاپا بحال ٿي ويندا.
اوهان کي بچائڻ لاءِ آءٌ هميشہ اوهان سان گڏ هوندس،
۽ منهنجي موجودگي هر طرف کان اوهان جي حفاظت ڪندي.
9پوءِ جڏهن اوهين مون کان دعا گھرندا،
تہ آءٌ اوهان جي دعا قبول ڪندس.
اوهين مون کي پڪاريندا تہ آءٌ چوندس تہ
’اِجھو، آءٌ اوهان وٽ آهيان.‘
جيڪڏهن اوهين پاڻ منجھان ظلم کي،
ٻين تي طعنا ۽ الزام هڻڻ کي،
۽ ٻين جي گلا ڪرڻ کي ڪڍي ڇڏيندا،
10جيڪڏهن اوهين دل سان بکين جي سار لهندا،
۽ ڏکويلن جي دلجوئي ڪندا،
تہ پوءِ اونداهيءَ ۾ بہ اوهان لاءِ روشني چمڪڻ لڳندي،
هائو، اوهان جا ڏک ۽ مصيبتون خوشحاليءَ ۾ بدلجي ويندا.
11آءٌ خداوند هميشہ اوهان جي رهنمائي ڪندس،
۽ رڻپٽ ۾ بہ اوهان کي ڍاول رکندس.
آءٌ اوهان کي مضبوط ۽ تندرست ڪندس.
هائو، آءٌ اوهان کي اهڙي باغ وانگر ڪندس،
جنهن کي جھجھو پاڻي ملندو هجي.
اوهين اهڙي چشمي وانگر ٿيندا،
جنهن جو پاڻي ڪڏهن بہ نہ ٿو سُڪي.
12اوهين زمانن کان ويران پيل اهي جايون وري جوڙيندا،
جيڪي ڪيترين ئي پيڙهين کان ويران رهنديون اچن.
سو اوهين ’ڊٺل ديوارن کي وري اڏيندڙ‘
۽ ’برباد ٿيل گھرن جي مرمت ڪندڙ‘ جي نالن سان ڄاتا ويندا.“
سبت ملهائڻ جو انعام
13 خداوند فرمائي ٿو تہ
”جيڪڏهن اوهين سبت، يعني منهنجي پاڪ ڏينهن تي
پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجا پير روڪيندا،
سبت جي ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو ڏينهن سمجھندا،
۽ انهيءَ کي مون خداوند جو پاڪ
۽ تعظيم وارو ڏينهن ڪري سڏيندا،
۽ انهيءَ جو اهڙيءَ طرح احترام ڪندا،
جو نہ انهيءَ ڏينهن پنهنجو ڪو ڪاروبار يا سفر ڪندا،
نڪي وري پنهنجي خوشيءَ
يا پنهنجي مطلب جون ڳالهيون ڪندا،
14تہ پوءِ مون وٽان اوهان کي حقيقي خوشي حاصل ٿيندي،
۽ آءٌ اوهان کي پوريءَ دنيا ۾ نهايت اعليٰ مقام عطا ڪندس.
آءٌ اوهان کي اوهان جي ابي ڏاڏي يعقوب جي ملڪ ۾
برڪتن سان نوازيندس.
اهو مون خداوند جو واعدو آهي.“