پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ
ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن،
غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن،
مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي،
بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.
اهو ئي تہ حقيقي روزو آهي جو
اوهين پنهنجي ماني بکين کي ڏيو،
۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گھر وٺي اچو.
جڏهن ڪو اگھاڙو ڏسو تہ انهيءَ کي اوهين ڪپڙا ڍڪايو،
۽ پنهنجي مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ کان انڪار نہ ڪريو.