57
بتپرستيءَ کي نندڻ
1سچار ماڻهو ماريا ٿا وڃن،
۽ ڪوبہ انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ نہ ٿو آڻي.
نيڪ ماڻهو هن دنيا مان ختم ٿيندا ٿا وڃن،
۽ ڪوبہ انهيءَ بابت نہ ٿو سوچي.
هائو، هِت سچار ماڻهو قيد ٿيو وڃن،
جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو ڇٽيو وڃن.
2پر اهي نيڪيءَ واري زندگي گذارڻ وارا
مرڻ بعد سلامتي ۽ آرام ٿا حاصل ڪن.
3خداوند بتپرستن کي فرمائي ٿو تہ
”اي گنهگارؤ! اوهين جادوگرن جو اولاد،
۽ زناڪارن ۽ ڪسب ڪندڙن جو نسل آهيو.
هاڻي اوهين عدالت ۾ اچي صفائي ڏيو تہ
4اوهين ڪنهن تي ٺٺوليون ٿا ڪريو؟
اوهين ڪنهن تي ايڏو وات پٽيو ٿا ۽ زبان ڪڍو ٿا؟
اوهين تہ پاڻ بدڪار ۽ ڪوڙا آهيو.
5اوهين شاهہبلوط وڻن وٽ،
بلڪ هر سائي وڻ هيٺ بتن جي پوڄا ڪندي
زناڪاريءَ ۾ غرق ٿي ٿا وڃو،
۽ برساتي نهرن ۾ ٽڪرين جي پاڙن وٽ
قربانيءَ طور پنهنجي ٻارن کي ڪهو ٿا.
6اوهين برساتي نهرن مان لسا پٿر کڻي
انهن کي معبود بڻائي سندن پوڄا ٿا ڪريو.
هائو، انهن لاءِ ئي اوهين اوتڻ واري قرباني
۽ نذرانا پيش ٿا ڪريو.
ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ انهن ڳالهين کان آءٌ خوش ٿيندس؟
7اوچي ۽ مٿاهين جبل تي وڃي
اوهين بتن آڏو قربانيون پيش ٿا ڪريو.
اتي اوهين انهن جي نالي زناڪاري ڪرڻ لاءِ پڻ
هنڌ وڇائي پئجي ٿا رهو.
8اي منهنجي قوم! تو پنهنجي دروازن ۽ چوڪاٺين جي پٺيان
گندا بت کوڙي ڇڏيا آهن.
هائو، اي بيوفا زال! تو مون کي ڇڏي ٻين معبودن جي اڳيان
پاڻ کي اگھاڙو ڪيو آهي،
۽ پنهنجي زناڪاري وڌائي آهي.
پوءِ جڏهن تو کي پنهنجي يارن کان پري ڪيو ويو،
تڏهن بہ تون هنن جي بسترن تي
اگھاڙي ٿي سمهڻ لاءِ مشتاق رهينءَ.
9تون پاڻ کي زيتون جو تيل ۽ هر قسم جون سرهاڻيون مکي
مولڪ ديوتا وٽ ويندي رهي آهين.
تو اهڙن ٻين بہ يارن جي ڳولا لاءِ
پري پري تائين ماڻهو موڪليا،
هائو، تو غير معبودن جي ڳولا لاءِ
پاتال تائين پئي ماڻهو موڪليا آهن.
10جيتوڻيڪ تو اهڙن يارن جي پٺيان ڊوڙندي
پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي،
تڏهن بہ تون انهن مان سوس نہ ٿي پلين.
تنهنجي بڇڙي خواهش تو کي تازگي ٿي بخشي،
سو تون ڪڏهن بہ بيدل نہ ٿي ٿئين.
11اي بني اسرائيل! ڀلا اوهين ڪنهن کان ٿا ڊڄو،
۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙن معبودن کي ٿا پوڄيو،
۽ مون کي ياد بہ نہ ٿا ڪريو،
نڪي پنهنجيءَ دل ۾ مون بابت سوچو ٿا؟
ڇا اهو سڀ هن ڪري نہ آهي
جو آءٌ گھڻي عرصي کان ماٺ آهيان،
۽ اوهان کي ڪا سزا ڪانہ ڏني اٿم؟
اهو ئي سبب آهي جو اوهين مون کان نہ ٿا ڊڄو.
12توڙي جو آءٌ کڻي اوهان جون نيڪيون،
۽ چڱايون ظاهر بہ ڪريان،
تڏهن بہ انهن مان اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.
13مصيبت جي وقت جڏهن اوهين مدد لاءِ دانهون ڪندا،
تڏهن ڀلي تہ اوهان جا معبودن وارا گڏ ڪيل اهي بت
اچي اوهان کي بچائين.
ياد رکو، انهن سڀني کي تہ هڪڙي ڦوڪ ئي اُڏائي ڇڏيندي.
پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي حفاظت لاءِ مون وٽ ايندا،
تہ پوءِ منهنجي پاڪ جبل،
بلڪ هن سڄي ملڪ جا اوهين وارث ٿيندا.“
ٽٽل دلين لاءِ دلداري
14خداوند فرمائي ٿو تہ
”سڌو ڪريو، سڌو ڪريو، رستو ٺاهي تيار ڪريو،
هائو، منهنجي قوم جي رستي مان هر رڪاوٽ دور ڪري ڇڏيو،
تانتہ اها توبهہتائب ٿي مون ڏانهن موٽي اچي.
15آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان،
جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان،
۽ منهنجو نالو پاڪ آهي.
جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو،
تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان،
انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي
۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.
16آءٌ پنهنجي قوم سان سدائين جھيڙو نہ ڪندس،
نڪي مٿن هميشہ غضبناڪ رهندس،
نہ تہ سندن روح ۽ جانيون،
جن کي مون پيدا ڪيو آهي،
سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي ويندا.
17آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس،
سو مون کين سزا ڏني،
۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم.
پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا،
۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.
18آءٌ هنن جي فطرت کان پوريءَ طرح واقف آهيان،
تنهن هوندي بہ آءٌ کين بحالي عطا ڪندس،
۽ سندن رهبري ڪندس.
آءٌ هنن کي ۽ سندن غمخوارن کي وري دلداري ڏيندس.
19 #
اف 2:17
جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري،
آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ
آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس،
توڙي اهي ويجھو هجن يا پري.
هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.
20جڏهن تہ بدڪار ماڻهو
ڇوليون هڻندڙ انهيءَ سمنڊ وانگر آهن،
جيڪو هميشہ بيقرار ٿو رهي،
۽ جنهن جون ڇوليون گپ ۽ گندگي ٿيون اڇلائين.
21 #
يس 48:22
انهن بدڪار ماڻهن لاءِ ڪا سلامتي ڪونهي.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“