آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان،
جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان،
۽ منهنجو نالو پاڪ آهي.
جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو،
تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان،
انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي
۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.
آءٌ پنهنجي قوم سان سدائين جھيڙو نہ ڪندس،
نڪي مٿن هميشہ غضبناڪ رهندس،
نہ تہ سندن روح ۽ جانيون،
جن کي مون پيدا ڪيو آهي،
سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي ويندا.