Bible App logo
Search Icon

يسعياہ 52

52
يروشلم لاءِ اميد جو پيغام
1 # مڪا 21‏:2‏،27 جاڳ، اي صيئون! جاڳ،
اُٿي کڙو ٿيءُ ۽ زور وٺ.
هائو، اي يروشلم! اي پاڪ شهر!
هاڻ شان وَ شوڪت کي پنهنجي پوشاڪ بڻاءِ،
ڇاڪاڻ تہ اڄ کان پوءِ ڪوبہ غير قوم جو لشڪر،
هائو، ڪوبہ ناپاڪ سپاهي ڪاهہ ڪري تو ۾ اندر نہ گھڙندو.
2اي قيدي يروشلم! پنهنجي ڳچيءَ مان زنجير لاهي ڦٽو ڪر.
هائو، اي صيئون! پاڻ تان مٽي ڇنڊي
اُٿي پنهنجي تخت تي ويهہ.
3 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! جڏهن اوهين غلام بڻايا ويا هئا، تڏهن مفت وڪاڻا هئا، سو هاڻي ڇڏايا بہ بنا پئسن ويندا. 4ڏسو، گھڻو عرصو اڳي جڏهن اوهان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ڌارين وانگر رهندا هئا، تڏهن اشورين بنا ڪنهن ڏيتي ليتيءَ جي کين زبردستيءَ کڻي وڃي مٿن ظلم ڪيا. 5#رو 2‏:24 هاڻي اها ساڳي ڳالهہ بابل ۾ ٿي رهي آهي، جو اوهان کي قيد ڪيو پيو وڃي. اوهان جي مٿان حڪمراني ڪندڙ هر روز گھڙيءَ گھڙيءَ ٻٽاڪ ۽ لٻاڙ هڻندي منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن. 6تنهنڪري اي منهنجي قوم وارؤ! ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان کي بچايو ويندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند ئي اوهان سان واعدو ڪيو هو. اِجھو، اهو آءٌ ئي آهيان.“
7 # ناح 1‏:15، رو 10‏:15، اف 6‏:15 ڏسو، ڪيڏو نہ خوبصورت نظارو آهي،
جو خوشخبري ڏيندڙ جبلن تان لهي اچي
يروشلم وارن کي اعلان ڪري ٻڌائي ٿو تہ
”ٻڌو، اوهان لاءِ ڀلائيءَ جي خوشخبري آهي،
اوهين بچايا ويا آهيو.
هاڻي اوهين امن وَ سلامتيءَ سان رهندا،
ڇاڪاڻ تہ هاڻي اوهان جو خدا پاڻ بادشاهي ٿو ڪري.“
8شهر جي پهريدارن جو تمام جوشيلو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
هائو، اهي خوشيون ملهائيندي گڏجي ڳائين ٿا،
ڇاڪاڻ تہ اهي خداوند کي يروشلم ڏانهن موٽندي
پنهنجي اکين سان ڏسن ٿا.
9اي يروشلم جون کنڊر بڻجي ويل جايون!
اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو،
ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي دلداري ڏئي ٿو،
تہ هو يروشلم کي بچائڻ وارو آهي.
10 خداوند سڀني قومن کي
پنهنجي زور واري طاقت ڏيکارڻ وارو آهي.
هاڻي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڪو ماڻهو
اسان جي خدا جي بچائڻ واري قدرت ڏسندو.
11 # 2.ڪر 6‏:17 اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ!
روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو.
اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو،
بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.
12هن دفعي اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا،
نڪي ڪو اوهان جي پٺيان هوندو جو اوهين ڀڄي نڪرو،
بلڪ خداوند، بني اسرائيل جو خدا اوهان جي رهنمائي ڪندو،
۽ هر طرف کان اوهان جي حفاظت ڪندو.
خدا جي ٻانهي جو ڏک سهڻ
13خداوند فرمائي ٿو تہ
”ڏسو، منهنجو ٻانهو ڪامياب ٿيندو.
هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو،
۽ وڏي درجي کي رسندو.
14پهريائين هن کي ڏسي گھڻن ماڻهن کي هيبت وٺي ٿي ويئي،
ڇاڪاڻ تہ مصيبتون سهڻ ڪري
هن جي شڪل ايتري تہ بگڙي ويئي هئي،
جو هن کي ڪو مشڪل سان ئي انسان سمجھي ٿي سگھيو.
15 # رو 15‏:21 پر هاڻ گھڻيون ئي قومون هن کي ڏسي
عجب ۾ پئجي وينديون.
هن جي آڏو بادشاهہ پنهنجو وات بند ڪري ڇڏيندا،
ڇاڪاڻ تہ هو اهو ڪجھہ ڏسندا،
جيڪو هنن ٻڌو ئي نہ هو،
هائو، هو اهو ڪجھہ ڏسندا،
جيڪو هنن ڪڏهن ڄاتو ئي نہ هو.“

Currently Selected:

يسعياہ 52: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in