51
يروشلم لاءِ دلداري
1-2 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اوهين جيڪي سچائيءَ تي هلڻ چاهيو ٿا،
۽ مون خداوند جا طالبو آهيو،
سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو.
اوهين پنهنجي وڏي ابراهيم ۽ سندس زال سارہ بابت سوچو،
جن مان اوهين پيدا ٿيا آهيو.
ابراهيم هڪ ٽڪر هو جنهن منجھان اوهين ٽُڪيا ويا آهيو.
هائو، اهو پٿرن جي هڪ کاڻ هو،
جنهن مان اوهين کوٽيا ويا آهيو.
اهو پهريائين بياولاد هو،
پر جڏهن مون خداوند کيس چونڊي برڪت عطا ڪئي،
تڏهن منجھانئس بيشمار نسل پيدا ٿيو.
3آءٌ خداوند يقيناً يروشلم تي رحم ڪندس.
هائو، ان جي برباد ٿيل جاين ۾ رهڻ وارن سڀني تي
آءٌ رحم ڪندس،
بلڪ آءٌ انهيءَ جي آسپاس بيابان کي بہ باغِ عدن جهڙو،
۽ رڻپٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪندس.
پوءِ اتي خوشي ۽ سرهائي هوندي،
۽ شڪرگذاريءَ ۽ واکاڻ جا گيت پيا گونجندا.
4اي منهنجي قوم وارؤ! مون ڏانهن ڌيان ڏيو.
هائو، مون ڏانهن ڪن ڏيو.
ڏسو، مون وٽان قومن کي تعليم حاصل ٿيندي،
۽ منهنجو عدل انهن لاءِ روشنيءَ مثل هوندو.
5منهنجي عدالت وارو ڏينهن ويجھو آهي،
سو آءٌ جلدي اچي پهچندس ۽ انهن کي بچائيندس.
آءٌ پاڻ قومن مٿان حڪمراني ڪندس.
ڏورانهن ملڪن وارا منهنجي اچڻ جا منتظر رهندا.
هائو، اهي پنهنجي بچاءَ جي اميد رکي منهنجا منتظر رهندا.
6اوهين پنهنجيون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو،
۽ هيٺ زمين ڏانهن پڻ نهاريو.
ڏسو، آسمان دونهين وانگر گم ٿي ويندو،
۽ ڌرتي ڳري ويل ڪپڙي وانگر ختم ٿي ويندي،
۽ انهيءَ جا رهاڪو مڇرن وانگر مري کپي ويندا.
پر منهنجو بچائڻ ابد تائين رهندو.
ھائو، منهنجي بچائڻ واري قدرت ڪڏهن ختم نہ ٿيندي.
7اي اوهين سڀ!
جيڪي سچائيءَ واري رستي تي هلڻ ٿا چاهيو،
۽ جن منهنجي تعليم کي دل سان هنڊايو آهي،
سي ڌيان ڏيئي ٻڌو.
اوهين ماڻهن جي ملامت کان نہ گھٻرايو،
نڪي انهن جي طعنن کان ڊڄو،
8ڇاڪاڻ تہ اهي ائين ناس ٿي ويندا،
جيئن تڏ ڪپڙي کي کائي چٽ ڪريو ڇڏي،
جيئن ڪينئون اناج کي کائي ناس ڪندو آهي.
پر منهنجو انصاف پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو،
۽ آءٌ پنهنجي قوم کي هميشہ بچائيندو رهندس.“
9اي خداوند! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ،
زور وٺ ۽ ڪجھہ ڪري ڏيکار.
هائو، جاڳ ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪري ڏيکار،
جيڪو تو گذريل ڏينهن ۾ ۽ قديم زمانن ۾
پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيو هو.
ڇا تون اهو ئي ناهين،
جنهن #51:9 سامونڊي بلا رهب گھڻو ڪري هي انهيءَ وقت جي مصر ملڪ ڏانهن اشارو آهي، جڏهن بني اسرائيل قوم مصر جي غلاميءَ مان نڪري ٿي آيا.سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو هو؟
هائو، تو ئي ازدها نانگ کي چچري ڇڏيو هو.
10 #
خر 14:21-22
ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سمنڊ کي،
هائو، اونهي بحر جي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيو هو؟
تو سمنڊ جي تري کي رستو بڻائي ڇڏيو هو،
انهيءَ لاءِ تہ جن کي تو ڇڏايو هو سي پار لنگھي وڃن.
11هاڻي بہ جن کي تون ڇڏائيندين،
سي خوشيءَ وچان ڳائيندا وڄائيندا،
۽ نعرا هڻندا يروشلم ۾ موٽي ايندا.
اهي هميشہ هميشہ لاءِ خوش رهندا،
۽ خوشيون ۽ شادمانا پيا ملهائيندا.
غم ۽ رنج سندن ويجھو بہ نہ ايندو.
12خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ
”آءٌ، هائو، آءٌ ئي اوهان کي دلداري ڏيندڙ آهيان.
پوءِ اوهين ڇو ڪنهن فاني انسان ۽ بني آدم کان ٿا ڊڄو،
جيڪو گاهہ جيان سڪي سڙي ويندو؟
13اوهان مون خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي،
جنهن آسمان کي ڦهلايو ۽ زمين جو بنياد وڌو هو.
اوهين سڄو ڏينهن انهن ظالمن جي غضب کان ڊڄندا ٿا رهو،
جيڪي اوهان کي برباد ڪرڻ جون تياريون ٿا ڪن.
پر هاڻي اڳتي انهن جو غضب اوهان جي ويجھو بہ ڪين ايندو،
14ڇاڪاڻ تہ مظلومن کي جلد ئي ظالمن جي هٿان ڇڏايو ويندو.
اهي موت کان بچي ويندا،
۽ ڪڏهن بہ بکيا ڪونہ رهندا.
15ياد رکو، آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان،
جيڪو سمنڊ کي اهڙو ٿو ولوڙيان،
جو هن جون ڇوليون گجگوڙ ٿيون ڪن.
هائو، قادرِمطلق خداوند منهنجو ئي نالو آهي.
16مون آسمانن کي ڦهلائي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي،
۽ زمين جا بنياد وڌا اٿم.
آءٌ يروشلم وارن کي چوان ٿو تہ
’اوهين منهنجي قوم آهيو،
مون ئي اوهان کي علم ڏيڻ سيکاريو آهي،
۽ پنهنجي هٿ هيٺ اوهان کي پناهہ ڏني اٿم.‘“
يروشلم جي مصيبتن جي خاتمي جو واعدو
17 #
مڪا 14:10، 16:19 اي يروشلم!
تو خداوند جي هٿان سندس غضب جو پيالو پيتو آهي.
تو سخت نشو ڏيندڙ ڀريل پيالو پي خالي ڪيو آهي.
سو هاڻ اي يروشلم! جاڳ، جاڳي پئُہ ۽ اُٿي کڙو ٿيءُ.
18جيڪي تو منجھہ ڄاوا آهن،
تن مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو تنهنجي رهبري ڪري.
هائو، جيڪي تو منجھہ پلي وڏا ٿيا آهن،
تن مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو مدد لاءِ تنهنجو هٿ وٺي.
19تو تي ٻِٽيون مصيبتون اچي پيون آهن.
هائو، تنهنجو ملڪ نہ رڳو جنگ ۾ برباد ٿي رهيو آهي،
بلڪ تنهنجي قوم ڏڪار سبب مري رهي آهي.
ڪوبہ ناهي جيڪو تو سان غمخواري ڪري،
ڪوبہ ناهي جيڪو تو کي دلداري ڏئي.
20سو تنهنجا رهاڪو هر گھٽيءَ جي منهن ۾،
ائين بيهوش پيا آهن،
جيئن ڪا هرڻي ڄار ۾ ڦاٿل پيئي هجي.
اهو خداوند تنهنجي خدا جي عتاب جي ڪري آهي.
21تنهنڪري هاڻي اي يروشلم جا ڏکويل رهاڪؤ!
اوهين جيڪي مئي جو پيالو نہ،
بلڪ خداوند جي غضب جو پيالو پي نشي ۾ مست ٿيا پيا آهيو،
سي منهنجي هيءَ ڳالهہ ٻڌو.
22اوهان جو ڌڻي خداوند، هائو، اوهان جو خدا،
جيڪو پنهنجي قوم جو بچاءُ ڪندڙ آهي،
سو فرمائي ٿو تہ
”ڏسو، آءٌ اوهان جي هٿ مان سخت نشي وارو پيالو،
يعني پنهنجي غضب وارو وڏو پيالو وٺي رهيو آهيان.
هاڻي اوهين اهو وري نہ پيئندا.
23بلڪ آءٌ اهو پيالو انهن جي هٿن ۾ ڏيندس،
جيڪي اوهان کي ڏکوئين ٿا،
۽ جن اوهان جي پٺيءَ کي ڌرتي،
بلڪ لنگھي وڃڻ وارن لاءِ سڙڪ بڻائي ڇڏيو آهي.
هائو، اهو پيالو آءٌ انهن کي پيئاريندس،
جيڪي اوهان کي چون ٿا تہ
’هيٺ جھڪو تہ اسين اوهان جي مٿان لنگھي وڃون.‘“