پهريائين هن کي ڏسي گھڻن ماڻهن کي هيبت وٺي ٿي ويئي،
ڇاڪاڻ تہ مصيبتون سهڻ ڪري
هن جي شڪل ايتري تہ بگڙي ويئي هئي،
جو هن کي ڪو مشڪل سان ئي انسان سمجھي ٿي سگھيو.
پر هاڻ گھڻيون ئي قومون هن کي ڏسي
عجب ۾ پئجي وينديون.
هن جي آڏو بادشاهہ پنهنجو وات بند ڪري ڇڏيندا،
ڇاڪاڻ تہ هو اهو ڪجھہ ڏسندا،
جيڪو هنن ٻڌو ئي نہ هو،
هائو، هو اهو ڪجھہ ڏسندا،
جيڪو هنن ڪڏهن ڄاتو ئي نہ هو.“