آءٌ خداوند يقيناً يروشلم تي رحم ڪندس.
هائو، ان جي برباد ٿيل جاين ۾ رهڻ وارن سڀني تي
آءٌ رحم ڪندس،
بلڪ آءٌ انهيءَ جي آسپاس بيابان کي بہ باغِ عدن جهڙو،
۽ رڻپٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪندس.
پوءِ اتي خوشي ۽ سرهائي هوندي،
۽ شڪرگذاريءَ ۽ واکاڻ جا گيت پيا گونجندا.