Bible App logo
Search Icon

يسعياہ 48

48
خداوند جي باغي قوم
1‏-2اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا،
۽ #48‏:1‏-2 يهوداہ جي قبيلي بابل ۾ جلاوطنن جي گھڻي اڪثريت يهوداہ قبيلي مان هئي، پر هي پيغام پوري بني اسرائيل جي لاءِ آهي.يهوداہ جي قبيلي مان آهيو.
اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ
”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون،
۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي
ڀروسو ٿا رکون.“
هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا،
۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو،
تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو.
اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.
3خداوند فرمائي ٿو تہ
”مون گھڻو اڳي ئي
مستقبل ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت اڳڪٿي ڪئي هئي.
هائو، اهي مون ئي چيون هيون،
۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو مون انهن کي عمل ۾ آندو،
۽ اهي پوريون ٿيون.
4جيئن تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ضدي آهيو،
اوهان جي ڪنڌ ۾ ڪلي آهي،
۽ اوهين پنهنجي هوڏ تي قائم ٿا رهو،
5انهيءَ سبب مون گھڻو اڳي ئي
اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيون هيون.
هائو، انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ کان اڳي ئي
مون اوهان تي اهي ظاهر ڪري ڇڏيون هيون،
انهيءَ لاءِ تہ اوهين ائين چئي نہ سگھو تہ
’اهي ڪم اسان جي ديوتائن ڪيا آهن،
اهي ڪم اسان جي اُڪريل
۽ پلٽيل مورتين جي حڪم سان ٿيا آهن.‘
6مون جيڪي ڪجھہ چيو هو سو اوهان ٻڌو،
۽ اوهان اهو سڀ ٿيندي بہ ڏٺو آهي.
ڇا اوهين انهيءَ ڳالهہ جو اقرار نہ ڪندا؟
هاڻي آءٌ اوهان کي نيون ڳالهيون ٻڌايان ٿو.
هائو، آءٌ اوهان کي اهڙيون لڪل شيون ڏيکاريان ٿو،
جن جي اوهان کي اڳ ۾ ڪا خبر ڪانہ هئي.
7اهي مون بلڪل هاڻي ئي پيدا ڪيون آهن.
قديم زماني کان نہ آهن،
بلڪ اڄ کان اڳي اوهان انهن جو ذڪر بہ نہ ٻڌو هو،
انهيءَ لاءِ تہ اوهين ائين چئي نہ سگھو تہ
’انهيءَ جي تہ اسان کي اڳي ئي خبر هئي.‘
8مون ڄاتو ٿي تہ اوهان جي هلت چلت تمام دغابازيءَ واري آهي،
۽ ڄمڻ کان وٺي اوهين باغي ٿا سڏجو.
تنهنڪري مون جيڪي ڪجھہ چيو ٿي،
سو اوهان ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ نہ چاهيو،
بلڪ قديم وقت کان ئي اوهان جا ڪن بند هئا.
9جيئن تہ ماڻهو منهنجي نالي جي واکاڻ ڪندا،
سو آءٌ پنهنجي ڪاوڙ کي ڍرو ڪندس.
انهيءَ جي ڪري ئي آءٌ اوهان کان مڙي ويندس،
۽ اوهان کي تباهہ نہ ڪندس.
10ڏسو، مون اوهان کي مصيبت جي کوري ۾ آزمايو آهي،
جيئن چاندي باهہ ۾ تپائي صاف ڪبي آهي.
11اهو سڀ مون پنهنجي خاطر،
هائو، رڳو پنهنجي ئي خاطر ڪيو آهي،
انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو منهنجي خلاف ڪفر بڪي.
آءٌ پنهنجي عظمت ۾ ڪنهن ٻئي کي
شريڪ ٿيڻ ڪونہ ڏيندس.“
خورس، خداوند جو چونڊيل اڳواڻ
12 # يس 44‏:6، مڪا 1‏:17، 22‏:13 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي بني يعقوب! هائو، اي بني اسرائيل!
جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو.
رڳو آءٌ ئي خدا آهيان،
هائو، آءٌ ئي اول ۽ آءٌ ئي آخر آهيان.
13مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن،
۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي.
جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان،
تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.
14اوهين سڀ اچي گڏ ٿيو ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌو.
ڇا اوهان جي معبودن مان ڪنهن بہ
انهن ڳالهين جي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي؟
ڇا انهن اهو ٻڌايو هو تہ
# 48‏:14 جنهن کي آءٌ خداوند پيار ٿو ڪريان گھڻو ڪري انهيءَ مان مراد فارس جو شهنشاهہ خورس آهي (ڏسو 44‏:28، 45‏:1). جنهن کي آءٌ خداوند پيار ٿو ڪريان،
سو ئي بابل تي منهنجي مرضي پوري ڪندو،
۽ هو ئي بابلين جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو؟
15آءٌ، هائو، آءٌ ئي آهيان،
جنهن هن کي چونڊي ڪڍيو آهي،
۽ پري کان کيس گھرايو اٿم.
آءٌ هن کي ڪاميابي عطا ڪندس.
16هاڻي اوهين منهنجي ويجھو اچو،
۽ منهنجي هيءَ ڳالهہ ٻڌو تہ
شروعات کان ئي وٺي مون ڳجھہ ڳوهہ ۾ نہ،
بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي.
جڏهن کان اهي ڳالهيون عمل ۾ اچن ٿيون،
تڏهن کان آءٌ پاڻ اتي موجود آهيان.“
خداوند جي حڪمن تي هلڻ ۾ ئي ڀلائي آهي
هاڻي قادرِمطلق خداوند مون تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي هي پيغام ڏيئي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ
17”اي بني اسرائيل!
آءٌ اوهان جو پاڪ معبود ۽ بچائيندڙ آهيان.
هائو، آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان،
جيڪو اوهان کي فائديمند ڳالهيون ٿو سيکاريان،
۽ اوهان کي انهيءَ راهہ تي هلڻ جي هدايت ٿو ڪريان،
جنهن تي اوهان کي هلڻ گھرجي.
18ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو،
پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر
هميشہ وهندي رهي ها،
۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر
ڪڏهن نہ رڪجن ها.
19تڏهن اوهان جو اولاد واريءَ وانگر لاتعداد هجي ها،
هائو، سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن وانگر.
آءٌ يقين سان چوان ٿو تہ
اهي مون آڏو ڪڏهن بہ تباهہ وَ برباد نہ ٿين ها.“
20 # مڪا 18‏:4 اي بني اسرائيل وارؤ!
هاڻي اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو.
هائو، بابلين وٽان نڪري آزاد ٿيو.
اوهين خوشيءَ سان ڳائيندي هن ڳالهہ کي پڌرو ڪندا وڃو،
هائو، اوهين دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾
هن ڳالهہ کي مشهور ڪري ڇڏيو تہ
خداوند پنهنجي ٻانهن بني اسرائيل وارن کي
بلڪل ائين ڇڏائي وٺي آيو آهي،
21 # خر 17‏:1‏-7 جيئن گھڻو اڳ هو اسان جي ابن ڏاڏن کي
گرم ۽ خشڪ بيابان مان سنڀالي وٺي ٿي ويو.“
هن کين اڃ جي ڪا تڪليف نہ ڏيکاري،
ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ ٽڪر مان پاڻي وهايائين.
هائو، هن ٽڪريءَ کي چيريو تہ پاڻي بڙڪا ڏيئي نڪري آيو.
22 # يس 57‏:21 پر بدڪارن بابت خداوند جو فرمان آهي تہ
هنن لاءِ ڪا سلامتي ڪانهي.

Currently Selected:

يسعياہ 48: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in