47
بابل لاءِ سزا
1 #
يس 13:1–14:23، ير 50:1–51:64 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي بابل جي وسندي!
تون جيڪا هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهين،
۽ ڪنهن تو کي هٿ بہ نہ لاتو آهي،
سا هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ.
هائو، تون تخت تان لهي پٽ تي ويهہ،
ڇاڪاڻ تہ آئيندہ تو کي نازڪ ۽ نازنين ڪنواري
ڪڏهن بہ نہ سڏيو ويندو،
بلڪ هاڻي تون غلام ٿيندينءَ.
2سو جنڊ کڻي ويهي اَنُ پيهُہ.
پاڻ تان پردو هٽاءِ ۽ پنهنجا عمدا ڪپڙا لاهي ڇڏ.
پنهنجو اوڇڻ مٿي ڪري
اُگھاڙين ٽنگن سان نديءَ مان لنگھي وڃ.
3ماڻهو تنهنجي اوگھڙ ڏسندا.
هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي.
آءٌ بدلو وٺندس ۽ ڪوبہ مون کي روڪي نہ سگھندو.“
4بيشڪ بني اسرائيل جو پاڪ معبود
اسان جو ڇڏائيندڙ آهي،
جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.
5خداوند بابل شهر وارن کي فرمائي ٿو تہ
”اي بابل جي قوم! تون ماٺ ڪري اوندهہ ۾ ويهہ،
ڇاڪاڻ تہ تون اڳتي بادشاهتن جي راڻي نہ سڏبينءَ.
6آءٌ پنهنجي قوم سان ڪاوڙيل هئس،
سو انهن کي خوار خراب ڪري
سندن ملڪ سميت تنهنجي حوالي ڪيم.
تو انهن تي ڪو رحم نہ ڪيو،
بلڪ تون ٻڍن تي بہ ظلم ڪرڻ کان باز نہ آئينءَ.
7تو سمجھيو تہ تون هميشہ راڻي رهندينءَ.
تنهنڪري جيڪي ڪجھہ مون ڪيو،
تنهن تي تو ڪو ڌيان نہ ڏنو،
۽ نہ ئي تو انهيءَ تي ڪو غور ڪيو تہ آخر ۾ آءٌ ڇا ڪندس.
8 #
مڪا 18:7-8
تنهنڪري هاڻي هيءَ ڳالهہ ٻڌ.
تون عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين،
۽ بيپرواهيءَ سان ٿي گذارين،
۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ
’آءٌ ئي عظيم آهيان،
۽ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘
هائو، تون جيڪا سوچين ٿي تہ ڪڏهن بہ رنزال نہ ٿيندينءَ،
۽ نہ وري تنهنجو اولاد ئي مرندو،
9سا ياد رک، تو تي اهي ٻئي ڳالهيون،
يعني اولاد جو نقصان ۽ ڏهاڳ،
هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون.
هائو، تنهنجي گھڻين جادوگرين ۽ بيانداز منترن هوندي بہ
تون پنهنجو مڙس ۽ اولاد وڃائي ويهندينءَ.
10جيئن تہ تو پنهنجي بڇڙائيءَ تي ڀروسو رکيو،
۽ سمجھيو تہ ڪو ئي تو کي ڏسي نہ ٿو سگھي،
بلڪ تنهنجي دانائيءَ ۽ تنهنجي علم تو کي گمراهہ ڪيو،
ايتري قدر جو تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ
’رڳو آءٌ ئي آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي،‘
11تنهنڪري تو تي آفت ايندي،
جنهن کي تون ڪنهن بہ جادوءَ سان هٽائي نہ سگھندينءَ.
هائو، تو تي اهڙي تہ مصيبت اچي ڪڙڪندي،
جو تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگھندينءَ.
اوچتو ئي اوچتو تو مٿان تباهي اچي نازل ٿيندي،
جنهن بابت تو ڪڏهن سوچيو ئي نہ هوندو.
12هاڻ ڀلي تون پنهنجي انهن جادوگرين،
۽ بيانداز منترن تي ڀروسو ڪندي قائم رهہ،
جن کي تون ننڍپڻ کان وٺي ورجائيندي پيئي رهي آهين.
پوءِ ڏسون تہ انهن مان تو کي ڪهڙو ٿو فائدو رسي؟
ڏسون تہ تنهنجا دشمن تو کان ڪيئن ٿا ڊڄن؟
13پر تو تہ پنهنجي جادوگر مشيرن سان
صلاحون ڪري ڪري پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي.
هاڻ ڀلي تہ اهي نجومي، ستارا ڏسندڙ،
۽ هر مهيني بابت فالون وجھندڙ تنهنجي پاران اُٿي کڙا ٿين،
۽ ڏسون تہ جيڪي ڳالهيون تو تي اچڻيون آهن،
تن کان اهي تو کي بچائي سگھن ٿا؟
14پر ڏس، اهي تہ پاڻ کي ئي
شعلن جي پڪڙ کان ڇڏائي نہ سگھندا.
اهي بُهہ جي ذرڙن وانگر ٿيندا،
جن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.
انهن جي سڙڻ سان ڪو ٽانڊو ئي نہ ٺهندو،
جو ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪري سگھي.
هائو، انهيءَ ۾ ڪا تپش ئي نہ رهندي،
جو ڪو ماڻهو انهيءَ جي اڳيان ويهي گرمائش وٺي سگھي.
15اهي آهن اُهي نجومي،
جن سان تو پنهنجي سڄي زندگي پئي مشورو ڪيو.
هائو، جن سان تو ننڍپڻ کان وهنوار ٿي ڪيو،
تن مان هر ڪو پنهنجي راهہ وٺي هليو ويندو،
ڪوبہ تو کي بچائڻ وارو ڪونہ رهندو.“