8
بتپرستيءَ ڪري خدا جو اسرائيل وارن کي نندڻ
1 خداوند فرمائي ٿو تہ
”نفيل وڄائي اعلان ڪيو وڃي،
ڇوجو اسرائيل جو دشمن مون خداوند جي چونڊيل ملڪ مٿان
باز جيان لامارا ٿو ڏئي.
انهيءَ لاءِ جو منهنجي قوم مون سان ٻڌل عهد ٽوڙيو آهي،
۽ منهنجي شريعت جي خلاف هليا آهن.
2جنگ وقت اهي مون کي پڪاري چوندا تہ
’اي خدا! اسين تنهنجي قوم بني اسرائيل آهيون،
۽ تون ئي اسان جو خداوند آهين.‘
3پر اسرائيل وارن نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي،
تنهنڪري انهن جو دشمن سندن پٺيان پيل رهندو.
4هنن پنهنجا بادشاهہ مقرر ڪيا آهن،
جيڪي منهنجي طرفان ناهن،
هنن جيڪي پنهنجا اڳواڻ بڻايا آهن،
تن لاءِ منهنجي رضامندي ڪانهي،
هنن سون ۽ چانديءَ جا جيڪي بت ٺاهيا آهن،
تن جي ئي ڪري هو تباهہ ٿي ويندا.
5آءٌ اسرائيل واري سامريہ علائقي جي
سوني گابي واري بت جي خلاف آهيان،
منهنجو غضب اتان جي رهاڪن خلاف ڀڙڪندو رهي ٿو،
اهي ڪڏهن بتپرستيءَ کي ڇڏي ڏيندا؟
6اهي آهن اسرائيل وارن جا ڪرتوت جو
انهن منجھان ڪنهن ڪاريگر
پنهنجي هٿن سان اهو گابو جوڙيو آهي،
۽ اهي انهيءَ کي ئي پنهنجو خدا سمجھن ٿا.
سامريہ جي انهيءَ سوني گابي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.
7جڏهن هو واءُ پوکيندا تہ لڻندا بہ طوفان،
سندن فصل ۾ ڪو سنگ نہ بچندو،
نڪي انهيءَ مان ڪو اناج نڪرندو،
پر جي کڻي انهيءَ مان اناج نڪري بہ
تہ اهو ڌاريا لٽي ڦري کائي ويندا.
8بلڪ اسرائيل ملڪ کي دشمن اڳي ئي ڳهي ويا آهن،
۽ اهو ٻين قومن جي آڏو ڪنهن بيڪار ڀڳل ٿانوَ وانگر آهي.
9اسرائيل وارا اشور ڏانهن ائين ويا آهن،
جيئن ڪو اڪيلو رولو گڏهہ وڃي،
اتي وڃي هنن پنهنجي مدد لاءِ اشورين کي ڀاڙي تي سڏيو آهي.
10توڙي جو اهي ڀاڙي تي ڪرڻ لاءِ
ٻين قومن ڏانهن ٽڙي پکڙي ويا آهن،
تہ بہ هاڻي آءٌ پڪڙي کين گڏ ڪندس،
آءٌ کين جلد ئي اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي
تڪليفن ۾ وجھي ڇڏيندس.
11اسرائيل وارن پنهنجن گناهن جي ڪفاري لاءِ
گھڻا ئي قربانگاهہ جوڙايا،
پر اهي ئي قربانگاهہ وڌيڪ گناهن جو سبب بڻيا.
12توڙي جو منهنجي شريعت جا حڪم بيشمار بيان ڪيل آهن،
تہ بہ انهن کي ڌاريو سمجھي مٿن ڪوبہ ڌيان نہ ٿو ڏنو وڃي.
13اهي منهنجي لاءِ قربانيون پيش ڪري
انهن جو گوشت کائين ٿا،
پر آءٌ خداوند اهڙيون قربانيون قبول ئي نہ ٿو ڪريان.
هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي ڪري،
کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس.
هائو، آءٌ کين وري مصر ڏانهن موٽائيندس.
14 اسرائيل ۽ يهوداہ وارن پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي،
انهيءَ بجاءِ هنن ڪيترائي ڪوٽن وارا شهر
۽ محلات بڻائي ڇڏيا آهن،
پر آءٌ باهہ موڪلي سندن انهن شهرن
۽ محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندس.“