Bible App logo
Search Icon

هوسيع 7

7
1جڏهن بہ آءٌ خداوند چاهيان ٿو تہ
پنهنجي قوم کي ٻيهر بحال ڪري خوشحال ڪريان،
تڏهن سامريہ بلڪ سڄي اسرائيل وارن جي بدڪرداري
۽ بڇڙائي سامهون ٿي اچي.
اهي هڪٻئي سان ٺڳي ٿا ڪن،
انهن مان ڪي گھرن ۾ کاٽ هڻي چوري ٿا ڪن،
تہ ڪي وري ڦورن جو ٽولو بڻجي ٻاهر رستن تي لٽين ڦرين ٿا.
2هو اهو نہ ٿا سوچين تہ
آءٌ سندن سڀ بڇڙايون ڏسي رهيو آهيان،
بلڪ اهي ايترو تہ بڇڙاين ۾ وڌي ويا آهن،
جو انهن کي ڏسڻ سان
مون کي رڳو گناهہ ئي گناهہ نظر اچن ٿا.
3هو پنهنجن ڪُوڙن ۽ بڇڙاين سان
پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي بہ ٺڳي ٿا وٺن.
4اهي سڀ جو سڀ بي‌وفا آهن.
اهي نانوائيءَ جي اهڙي تنور جيان آهن،
جيڪو هميشہ تپيل رهي ٿو،
۽ جنهن ۾ اٽي ڳوهڻ کان وٺي ماني پچائڻ تائين،
باهہ کي چورڻ پورڻ جي ڪابہ ضرورت ڪين ٿي رهي.
5اهي پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي
جشن واري ڏينهن مئي پيئاري مدهوش ٿا ڪن،
ايتري قدر جو امير ۽ بادشاهہ مئي جي نشي ۾ هجڻ ڪري
پنهنجي خلاف سازشون ڪندڙن سان رلي ملي ويا آهن.
6انهن ٺڳن جي دلين ۾
ٺڳيءَ جي باهہ سڄي رات دکندي رهي ٿي،
۽ صبح جو ڀڙڪي اُٿي ٿي.
7انهن سڀني جي دلين ۾ سازش تنور جي باهہ جيان ڀڙڪي ٿي،
۽ پنهنجي سازشن وسيلي حاڪمن کي ساڙيو ٿا ڇڏين.
وقتاً فوقتاً هنن جا سڀ حاڪم
۽ بادشاهہ سازشن وسيلي ماريا ويا آهن،
۽ ملڪ ۾ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهيو آهي
جيڪو مون خداوند کي مدد لاءِ پڪاري.“
اسرائيل وارا ۽ غير قومون
8خداوند فرمائي ٿو تہ
”اسرائيل وارا غير قومن جي پٺيان لڳا آهن،
جنهن ڪري هو اهڙي مانيءَ جيان بيڪار ٿي ويا آهن،
جيڪا نہ اٿلائڻ جي ڪري هڪ پاسي ڪچي
۽ ٻئي پاسي سڙيل هجي.
9هنن کي ڪو ڌيان ڪونهي،
جو سندن دولت ڌاريا ڦٻائي ويا آهن،
هو سندن مٿي ۾ اڇا وار هئڻ مثل،
ڪمزور ٿيندا پيا وڃن، پر کين اها خبر ئي ڪانهي.
10 اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن،
۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي.
تنهن هوندي بہ
هو مون خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ڪين ٿا ٿين،
۽ ڪنهن بہ صورت ۾ هو منهنجا طالبو نہ ٿا ٿين.
11اسرائيل وارا بي‌عقل ۽ بي‌سمجھہ ڪبوتر جيان
هيڏانهن هوڏانهن ٿا اُڏرن.
اهي مدد لاءِ مصرين کي ٿا ٻاڏائين،
۽ اشور ملڪ ڏانهن پڻ وڃڻ ٿا چاهين.
12پر جڏهن هو اوڏانهن ويندا تہ آءٌ مٿن ڄار اڇلائيندس،
آءٌ انهن کي پکين جيان هيٺ لاهي ڦاسائيندس،
۽ کين بار بار سزا ڏيندو رهندس.
13ويل آهي انهن جي لاءِ! جن مون کي ڇڏي ڏنو آهي،
موت آهي انهن جي لاءِ! جيڪي مون کان باغي ٿي ويا آهن،
توڙي جو مون کين بچائڻ ٿي گھريو،
تہ بہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي.
14هو مون کي دل سان نہ ٿا پڪارين،
بلڪ بتن آڏو بہ روئن رڙن ٿا،
اناج ۽ مئي جي لاءِ بتن کان دعا گھرندي
هو پنهنجي بدن کي زخم بہ رسائين ٿا.
هائو، اهي مون کان صفا باغي ٿي ويا آهن.
15توڙي جو مون ئي انهن جي صحيح تربيت ڪئي آهي،
انهيءَ لاءِ تہ هو جوان ۽ مضبوط ٿين،
تڏهن بہ هو منهنجي خلاف برا منصوبا ٿا رٿين.
16مون کي ڇڏي هو انهن ڏانهن ٿا وڃن،
جيڪي سندن ڪابہ مدد ڪري نہ ٿا سگھن.
اهي غير معبود اهڙي تيرڪمان مثل آهن،
جيڪو مهل تي دوکو ڏيو وجھي.
سندن مغرور اڳواڻن جي بڪواس ئي کين جنگ ۾ مارائيندي،
انهيءَ سبب سڀني اسرائيل وارن تي
مصر ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.“

Currently Selected:

هوسيع 7: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in