Bible App logo
Search Icon

هوسيع 5

5
1خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي ڪاهنؤ! ٻڌو،
اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين ڌيان ڏيو.
اي شاهي گھراڻي وارؤ! اوهين ڪن ڏيو،
اوهين جيڪي ٻين جي خلاف فتويٰ جاري ڪريو ٿا،
هاڻي اوهان جي خلاف فتويٰ جاري ٿي چڪي آهي.
اوهين مصفاہ ۾ ڦندو وجھي،
تبور جبل تي ڄار پکيڙي،
2۽ شطيم شهر واري اونهي کوٽيل کڏ بڻجي
منهنجي قوم کي گمراهہ ٿا ڪريو.
سو آءٌ اوهان سڀني کي سيکت ڏيندس.
3آءٌ اسرائيل وارن کي ڄاڻان ٿو، اهي مون کان ڳجھا ناهن.
انهن مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي،
۽ بت‌پرستي ڪندي پاڻ کي پليت ڪيو اٿائون.“
4اسرائيل وارا بڇڙاين ۾ اهڙا تہ ڦاسي ويا آهن،
جو پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيڻ لاءِ
هو سوچي ئي نہ ٿا سگھن،
ڇاڪاڻ تہ خداوند سان بي‌وفائي
سندن وجود ۾ گھر ڪري ويئي آهي،
تڏهن تہ کيس ڪين سڃاتو اٿائون.
5 اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن،
۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي.
پر هاڻي افرائيم قبيلي بلڪ سڄي اسرائيل وارا
انهيءَ بدڪاريءَ جي ڪري منهن ڀر ڪرندا.
هائو، انهن سان گڏ يهوداہ وارا پڻ ٿاٻڙجي وڃي هيٺ ڪرندا.
6هو پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جون قربانيون ڪري،
مون خداوند کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا،
پر آءٌ ساڻن راضي نہ ٿيندس،
ڇاڪاڻ تہ مون کانئن منهن موڙي ڇڏيو آهي.
7هنن مون خداوند سان بي‌وفائي ڪئي آهي،
جنهن جي ڪري هنن جو اولاد منهنجو نہ آهي،
۽ اهي ناجائز اولاد آهن.
هاڻ اهي ۽ سندن اولاد هڪڙي مهيني جي اندر
سندن ملڪيت سميت نيست وَ نابود ٿي ويندا.
يهوداہ جي اسرائيل سان جنگ
8 # 5‏:8 جِبعت، رامہ ۽ بيت‌ايل اهي يهوداہ ۽ اسرائيل جا سرحدي شهر هئا جتي بنيامين قبيلي وارا رهندڙ هئا. جِبعت ۾ جنگ جون نفيلون وڄايو،
۽ رامہ ۾ پڻ توتارا وڄايو،
# 5‏:8 بيت‌ايل ڏسو 4‏:15. بيت‌ايل ۾ هيئن اعلان ڪريو تہ
”اي بنيامين وارؤ! اوهين خبردار ٿيو.“
9خداوند جي غضب جو ڏينهن ويجھو آهي،
جنهن جي ڪري اسرائيل ويران ٿي ويندو.
جيڪو ڪجھہ بہ يقيناً ٿيڻو آهي،
سو اسرائيل وارن آڏو اڳ ۾ ئي پڌرو ٿي چڪو آهي.
10 # شر 19‏:14 خداوند فرمائي ٿو تہ
”يهوداہ جي اڳواڻن اسرائيل جي علائقي تي
ائين قبضو ڪيو آهي،
جيئن ڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جي نشان کان
اڳتي وڌي وڃي.
سو آءٌ انهن جي مٿان پنهنجو قهر ٻوڏ وانگر چاڙهي آڻيندس.
11اسرائيل وارن تي جيڪو ظلم ٿيو آهي،
سو سندن لاءِ هڪ سزا آهي،
ڇاڪاڻ تہ انهن سرڪشي ڪري مون خداوند جي بجاءِ
ٻين کان مدد گھُري، جيڪي سندن مدد ڪري نہ ٿا سگھن.
12سو آءٌ اسرائيل وارن تي بربادي آڻيندس،
اها بربادي اهڙي هوندي،
جيئن ڪينئان ماس کائي ڪنهن کي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن.
ساڳيءَ طرح آءٌ يهوداہ وارن کي بہ ڳاري ساڙي ڇڏيندس.
13يهوداہ وارن پنهنجو زخم ڏٺو،
۽ اسرائيل وارن جي جڏهن پنهنجي مرض تي نظر پئي،
تڏهن هو اشور ملڪ ڏانهن ويا،
تان‌تہ اتان جي عظيم شهنشاهہ کان علاج ڪرائين.
پر هو انهن کي شفا ڏيئي نہ سگھيو،
نڪي هو يهوداہ وارن جو زخم ڇٽائي سگھندو.
14آءٌ خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن مٿان
شينهن وانگر اچي ڪڙڪندس.
آءٌ کين چيري ڦاڙي ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي ڪين بخشيندس.
جڏهن آءٌ کين چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ کڻي ويندس،
تڏهن کين ڪوبہ ڇڏائڻ وارو نہ هوندو.
15پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس،
ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين،
۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾
دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“

Currently Selected:

هوسيع 5: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in