Bible App logo
Search Icon

هوسيع 4

4
بي‌وفا اسرائيل وارا
1اي اسرائيل وارؤ!
خداوند کي اوهان جي خلاف شڪايت آهي،
سو ٻڌو، خداوند اوهان جي باري ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ
”هن ملڪ ۾ نڪي سچائي آهي،
۽ نہ وري ڪو ڪنهن جي ڀلائي چاهي ٿو،
نڪي وري هتي مون خدا جي ڪا سڃاڻ ئي آهي.
2اٽلندو هتي ڦٽ لعنت آهي،
۽ ڪو ڪنهن سان سچو نہ آهي.
هائو، هتي خونريزي، چوري ۽ زناڪاريءَ جو راڄ آهي.
ڏوهہ ايترا تہ وڌي ويا آهن جو خونن مٿان خون پيا ٿين.
3تنهنڪري هي سڄو ملڪ خشڪ بيابان بڻجي ويندو،
۽ ان ۾ رهندڙ هر ساهوارو،
پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي پکي،
جانور هجي توڙي کڻي سمنڊ جون مڇيون،
سڀ مري کپي ويندا.“
خداوند جو ڪاهنن کي ڏوهي قرار ڏيڻ
4خداوند فرمائي ٿو تہ
”تنهن هوندي بہ
حقيقت ۾ منهنجي شڪايت اسرائيل وارن سان نہ،
بلڪ اتان جي ڪاهنن سان ئي آهي.
5سو اي ڪاهنؤ!
اوهين ۽ اوهان سان گڏ نبي سڏائيندڙ پڻ
رات ڏينهن ٿاٻا پيا کائيندا.
آءٌ اوهان کي دهشت ۾ وجھي ناس ڪري ڇڏيندس،
6۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري
تباهہ وَ برباد ٿي ويندي.
جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي
ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي،
تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس،
هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا.
هائو، جيئن تہ اوهان
مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي،
سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.
7اوهين ڪاهن تعداد ۾ جيئن جيئن وڌندا ويا،
تيئن تيئن منهنجي خلاف وڌيڪ گناهہ ٿيندا ويا.
اوهان کي جنهن مرتبي جي ڪري عزت ڏني ٿي وڃي،
سو خواريءَ ۾ تبديل ٿي ويندو.
8اوهين منهنجي قوم جي گناهن تي گذران ڪريو ٿا،
تنهنڪري ئي اوهين سندن بدڪاريءَ جا آرزومند ٿا رهو.
9سو اوهين بہ اها ئي سزا ڀوڳيندا جيڪا ٻيا ماڻهو ڀوڳيندا،
جهڙا اوهان جا افعال آهن، تهڙي ئي آءٌ اوهان کي سزا ڏيندس.
هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪيل ڪمن جو بدلو ڏيندس.
10اوهين قربانين وارو پنهنجو حصو کائڻ کان پوءِ بہ
بکايل ئي رهندا،
اوهين پنهنجي اولاد ۾ واڌاري لاءِ بتن جي پوڄا تہ ڪندا،
پر ٻارن ۾ واڌارو ڪين ٿيندو.
اوهان بتن جي پٺيان لڳي
مون خداوند کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.“
خدا جو بت‌پرستيءَ کي نندڻ
11خداوند فرمائي ٿو تہ
”ائين لڳي ٿو تہ منهنجي قوم نئين توڙي پراڻي مئي پئي پئي
پنهنجو هوش وڃائي ويٺي آهي،
12ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم
پنهنجي هٿن سان ٺاهيل ڪاٺيءَ جي پتلي کي کوڙي
ان کان ئي سوال ٿي ڪري.
هائو، ڪاٺيءَ مان ٺهيل ڪن ٻين شين کان پڻ
اهي صلاح مشورو گھرن ٿا.
جيئن ڪا عورت پنهنجي مڙس کي ڇڏي
ڪسبياڻي بڻجي ٻين وٽ وڃي ٿي،
تيئن ئي اهي مون پنهنجي خدا کي ڇڏي بتن جي پٺيان لڳا آهن.
13اهي جبلن جي چوٽين تي رکيل بتن جي آڏو
وڃي نذرانا ٿا پيش ڪن.
ٽڪرين تي جيڪي شاهہ‌بلوط،
ديال ۽ تارپين جا ڇانويري وارا وڻ آهن،
تن جي هيٺان وڃي اهي قربانيون ٿا ڪن.
اي اسرائيل وارؤ!
اوهان جون نوجوان ڌيئرون،
۽ ننهرون پوڄا ڪندي زنا ٿيون ڪرائين.
14پر آءٌ انهن کي سندن زناڪاريءَ جي سزا ڪين ڏيندس،
ڇوجو انهيءَ بدڪاريءَ لاءِ اوهين خود مرد ڏوهدار آهيو.
اوهين پاڻ پوڄا ڪندي انهن عورتن سان زنا ٿا ڪريو،
۽ انهن عورتن سان گڏ بتن آڏو قربانيون ٿا ڪريو.
جيئن چوڻي آهي تہ
’جيڪا قوم بي‌سمجھہ آهي، سا تباهہ ٿي ويندي.‘
15اي يهوداہ وارؤ!
اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن،
پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري
اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو.
اوهين پوڄا لاءِ
اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي #4‏:15 بيت‌ايل عبرانيءَ ۾ انهي شهر کي بيت‌آون يعني ”بت‌پرستيءَ جو گھر“ سڏيو ويو آهي، جڏهن تہ انهيءَ شهر جو اصلي نالو بيت‌ايل يعني ”خدا جو گھر“ آهي.بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو،
۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.
16جيئن تہ اسرائيل وارن
سرڪش ڏاند وانگر سرڪشي ڪئي آهي،
سو آءٌ خداوند ڪيئن انهن کي
رڍن وانگر کُليل چراگاهہ ۾ چاريان؟
17اسرائيل وارا بتن جي پوڄا گھرن ۾ ڦاسي ويا آهن،
کين ڇڏي ڏيو تہ ڀلي هو پنهنجي رستي سان هلن.
18اهي مئي خوريءَ ۾ مست ٿي
زناڪاريءَ ۾ مشغول ٿي ويا آهن،
اهي پنهنجي عزت بدران خواريءَ کي پسند ٿا ڪن.
19پر جيئن طوفان ڪنهن کي ويڙهي سيڙهي
پنهنجي وڪڙ ۾ کڻي ويندو آهي،
تيئن اهي بہ ويڙهجي سيڙهجي کڄي ويندا،
۽ بت‌پرستيءَ جي ڪري اهي ذليل وَ خوار ٿيندا.“

Currently Selected:

هوسيع 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in