YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين 4

4
آرام ڏيڻ لاءِ خدا جو واعدو
1بني اسرائيل سان آرام ڏيڻ وارو اهو واعدو اڃا قائم آهي جيڪو اسان جي لاءِ بہ آهي. هاڻي اسان کي خبردار رهڻ گھرجي تہ متان اسان مان بہ ڪو آرام حاصل ڪرڻ کان پوئتي رهجي نہ وڃي. 2ڏسو، خدا کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري پيغام مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون. 3#زب 95‏:11 انهن جي ڀيٽ ۾ اسين جيڪي اعتبار رکون ٿا، تن کي اهو آرام ملي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ خدا فرمايو هو تہ
”مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ
’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا،
جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها،‘“
جڏهن تہ دنيا جي بڻائڻ وقت هن اهو آرام تيار ڪري ڇڏيو هو. 4#پيد 2‏:2، خر 20‏:11 اهو بيان ڪندي پاڪ ڪلام ۾ هڪڙي هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن ٻڌايو ويو آهي تہ ”خدا پنهنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“ 5#زب 95‏:11 هي اهو ساڳيو آرام آهي جنهن جو ذڪر هلي رهيو آهي تہ
”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا،
جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.“
6هاڻي ڏسو، جن کي آرام واري اها خوشخبري پهريائين ٻڌائي ويئي هئي، تن پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري آرام حاصل نہ ڪيو. جڏهن تہ اهو آرام ماڻهن کي ملڻ لاءِ اڃا تائين قائم آهي. 7#زب 95‏:7‏-8 تنهنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري هڪڙو خاص ڏينهن مقرر ڪيو، جنهن کي دائود جي معرفت پاڪ لکت ۾ ”اڄ“ سڏيائين، جيڪا مون #4‏:7 ٿورو اڳ ڏسو 3‏:7‏-8 ۾. ٿورو اڳ بيان ڪئي آهي تہ
”جيڪڏهن اڄ اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو،
تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“
8 # شر 31‏:7، يش 22‏:4 ڏسو، يشوع بني اسرائيل جي ٻي پيڙهيءَ کي انهيءَ ملڪ يعني ڪنعان ۾ تہ آندو، پر کين آرام ڪونہ مليو. جيڪڏهن ان وقت کين آرام ملي ها، تہ بعد ۾ آرام ڏيڻ لاءِ خدا ڪنهن ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها. 9انهيءَ مان سمجھي سگھجي ٿو تہ خدا جي چونڊيلن لاءِ اهڙو آرام باقي رهيل آهي، جيڪو #4‏:9 خدا جي ستين ڏينهن واري آرام يعني سبت جو آرام وارو ڏينهن (خروج 20‏:8). ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”سبت.“ خدا جي ستين ڏينهن واري آرام جهڙو آهي. 10#پيد 2‏:2 سو جنهن کي خدا کان آرام ملي ٿو، سو خدا وانگر پنهنجي ڪمن کي پورو ڪري آرام حاصل ڪري ٿو. 11تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي خدا جي غضب هيٺ اچي وڃي.
12انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي. 13ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.
عيسيٰ مسيح عظيم سردار ڪاهن
14تنهنڪري اچو تہ انهيءَ ايمان تي مضبوطيءَ سان قائم رهون، جنهن جو اسين اقرار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جو عظيم سردار ڪاهن اهو آهي جيڪو عرش عظيم تي خدا وٽ وڃي ويٺو آهي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ. 15اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ بي‌گناهہ رهيو. 16تنهنڪري اچو تہ دليريءَ سان خدا جي فضل واري تخت جي ويجھو هلون، تہ جيئن هو اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي اهو فضل عطا ڪري جيڪو ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري.

Currently Selected:

عبرانين 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in