YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين 3

3
عيسيٰ مسيح موسيٰ کان مٿاهون
1تنهنڪري اي پاڪ ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين خدا جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا. 2#ڳا 12‏:7 هو هن ڪم لاءِ مقرر ڪرڻ واري خدا سان ائين وفادار رهيو، جهڙي نموني موسيٰ خدا جي سڄي گھراڻي ۾ پنهنجي ڪم سان وفادار رهيو. 3پر عيسيٰ موسيٰ کان ايتري قدر وڌيڪ عظمت جي لائق ليکيو ويو، جيتري قدر ڪنهن گھر جو جوڙيندڙ انهيءَ گھر کان وڌيڪ عزت وارو ٿئي ٿو. 4بيشڪ هر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ هوندو آهي، پر جنهن سڀ ڪجھہ جوڙيو آهي سو خدا ئي آهي. 5هاڻي ڏسو، موسيٰ خادم جي حيثيت ۾ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون خدا کي اڳتي ظاهر ڪرڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي. 6پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي خدا جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجيءَ همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.
بي‌اعتباريءَ خلاف تاڪيد
7 # زب 95‏:7‏-11 سو اوهان کي ائين ڪرڻ گھرجي جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ
”اي بني اسرائيل وارؤ!
اڄ جڏهن اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو،
8تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو،
جيئن مون کي چڙ ڏيارڻ واري مهل، يعني آزمائش جي ڏينهن
اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ‌پٽ ۾ ڪيو هو.
9اتي هنن منهنجي آزمائش ورتي،
۽ مون کي پرکيو.
انهيءَ لاءِ هو چاليهن سالن تائين منهنجي ناراضپي هيٺ رهيا.
10هائو، آءٌ انهيءَ پيڙهيءَ کان ناراض ٿيس،
۽ چيم تہ ’انهن ماڻهن جون دليون
هميشہ گمراهہ رهن ٿيون.
انهن منهنجي واٽن تي هلڻ جي ڪوشش نہ ڪئي.‘
11تنهنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ
’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا،
جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.‘“
12اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رهجو، متان اوهان مان ڪنهن جي دل بڇڙي ۽ بي‌اعتبار ٿي زندہ خدا کان ڦري وڃي. 13پر جيستائين خدا جو آواز ٻڌڻ وارو اهو ”اڄ“ جو ڏينهن جاري آهي، تيستائين اوهين هر روز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ۾ اچي سخت دل ٿي پوي. 14انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.
15 # زب 95‏:7‏-8 جيئن بني اسرائيل کي چيو ويو آهي تہ
”اڄ جڏهن اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو،
تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو،
جيئن اوهان مون کي چڙ ڏيارڻ واري مهل ڪيو هو.“
16 # ڳا 14‏:1‏-35 ڀلا اهي ڪير هئا جن خدا جو آواز ٻڌي کيس چڙ ڏياري؟ ڇا هو اهي سڀ نہ هئا جيڪي موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان نڪتا هئا؟ 17اهي ڪير هئا جن کان خدا چاليهن سالن تائين ناراض رهيو؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻ‌پٽ ۾ پيا رهيا؟ 18۽ اهي ڪير هئا جن لاءِ خدا قسم کڻي فرمايو تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها“؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن نافرماني ڪئي؟ 19انهيءَ مان اسين ڏسون ٿا تہ بي‌اعتباريءَ جي ڪري اهي بني اسرائيل وارا انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿي نہ سگھيا جتي کين آرام ملي ها.

Currently Selected:

عبرانين 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in