4
1ڏسو، عام طور وارث جيتوڻيڪ هر شيءِ جو مالڪ هوندو آهي، تنهن هوندي بہ جيستائين هو ٻار آهي تيستائين انهيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق نہ هوندو آهي. 2هو انهيءَ وقت تائين #4:2 سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رهندو ان دور ۾ امير پنهنجي ٻارن جي سار سنڀال لاءِ غلام مقرر ڪندا هئا.سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رهندو آهي، جيڪو وقت سندس پيءُ مقرر ڪندو آهي. 3ساڳيءَ طرح اسين بہ ڪنهن وقت ڄڻ تہ ٻار هئاسين جڏهن دنيا جي شروعاتي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رهياسين. 4پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو، 5#رو 8:15-17 انهيءَ لاءِ تہ شريعت جي وس هيٺ رهڻ وارن کي هو عيوضو ڏيئي ڇڏائي ۽ اسان سڀني ايمان وارن کي خدا جا #4:5 ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئياصلي متن جي لفظ جي معنيٰ هنج ورتل پٽ آهي جنهن کي وارث هجڻ جو پورو قانوني حق حاصل آهي.ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي.
6جيئن تہ اوهين خدا جا ٻار آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اوهان جي دلين ۾ بہ موڪليو آهي. اهو پاڪ روح ”بابا، اي بابا!“ چئي پڪاري ٿو. 7سو هاڻي اوهين غلام نہ رهيا آهيو، بلڪ ٻار بڻجي ويا آهيو ۽ ٻار بڻجي وڃڻ جو اهو مطلب آهي تہ خدا اوهان کي وارث بہ بڻائي ڇڏيو آهي.
گلتين لاءِ پولس جي ڳڻتي
8بيشڪ ايمان آڻڻ کان اڳ ۾ خدا جي ڄاڻ نہ هوندي اوهين انهن جي غلاميءَ ۾ هئا جيڪي حقيقت ۾ خدا نہ آهن. 9پر هاڻي جڏهن اوهين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوهان کي ڄاتو آهي تہ پوءِ اوهين وري انهن ڪمزور ۽ خسيس شروعاتي اصولن ڏانهن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوهين ٻيهر انهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ ٿا چاهيو؟ 10جيئن تہ اوهين يهودين جي خاص ڏينهن، مهينن، وقتن ۽ سالن کي مڃيندا ٿا رهو، 11سو مون کي اوهان بابت ڊپ آهي تہ متان ائين نہ ٿئي جو جيڪا محنت مون اوهان تي ڪئي آهي سا اجائي وڃي.
12اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين مون جهڙا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ٿيو آهيان. ڇا اوهان مون سان ڪا بدسلوڪي ڪئي 13جڏهن مون اوهان کي پهريون دفعو خوشخبري ٻڌائي هئي؟ نہ، جيتوڻيڪ اوهين ڄاڻو پيا تہ آءٌ جسم جي هيڻائيءَ ۽ بيماريءَ جي سبب اوهان وٽ آيو هئس. 14توڙي جو منهنجي جسماني حالت اوهان لاءِ هڪ آزمائش هئي، تڏهن بہ اوهان مون کي نڪي حقير سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوهان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ عيسيٰ مسيح وانگر ڪري قبول ڪيو. 15پوءِ شڪرگذاريءَ واري اوهان جي اها خوشي هاڻي ڪٿي آهي؟ ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو شاهد آهيان تہ ان وقت جيڪڏهن ٿي سگھي ها تہ جيڪر اوهين پنهنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ها. 16تہ پوءِ ڇا سچ ٻڌائڻ جي ڪري هاڻي آءٌ اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان؟
17اهي شريعت جا پابند اوهان کي پنهنجو بڻائڻ لاءِ جذبو تہ رکن ٿا، پر سندن نيت صاف نہ آهي. اهي اوهان کي مون کان ڌار ڪرڻ چاهين ٿا تہ جيئن اوهين رڳو انهن لاءِ ئي جذبو رکو. 18جذبو رکڻ تہ سٺي ڳالهہ آهي، پر شرط هي آهي تہ نيت بہ صاف هجي. آءٌ هميشہ ائين ٿو ڪريان، نہ رڳو تڏهن جڏهن آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. 19اي منهنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ ويم ڪندڙ عورت وانگر وري سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوهين پوريءَ طرح مسيح جهڙا بڻجي نہ ٿا وڃو. 20دل چوي ٿي تہ آءٌ هاڻي ئي اوهان وٽ پهچي نرميءَ سان اوهان کي سمجھايان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي باري ۾ ڏاڍو منجھي پيو آهيان.
هاجرہ ۽ سارہ جو مثال
21اوهين جيڪي شريعت جي تابع رهڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوهين شريعت جون ڳالهيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟ 22#پيد 16:15، 21:2 ان ۾ لکيل آهي تہ ابراهيم کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙو ٻانهيءَ مان ۽ ٻيو سندس زال مان. 23ٻانهيءَ وارو پٽ عام طور ڄائو هو، پر آزاد زال وارو پٽ خدا جي واعدي موجب ڄائو هو. 24انهن ڳالهين مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو تہ اهي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن. انهن مان هڪڙي عورت هاجرہ #4:24 عربستان جي سينا جبل انهيءَ جبل تي خدا حضرت موسيٰ کي شريعت ڏيئي بني اسرائيل سان عهد ٻڌو هو (ڏسو خروج باب 24). عربستان جي سينا جبل واري عهد مثل آهي، جنهن مان غلام ئي پيدا ٿين ٿا. 25جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت شريعت جي غلاميءَ ۾ آهي. 26پر خدا جي حضوريءَ وارو يروشلم آزاد آهي ۽ اها ئي وسندي اسان جي ماءُ سارہ آهي. 27#يس 54:1 ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”اي سنڍ عورت! تون جيڪا ٻار نہ ٿي ڄڻين،
سا خوشي ڪر.
تون، جنهن کي ڪڏهن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آهن،
سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار،
ڇاڪاڻ تہ #4:27 ڇڏي ڏنل زال پراڻي عهدنامي مان هي حوالو انهيءَ ڪري ڏنو ويو آهي جو هتي گھڻو ڪري اهو اشارو خدا جي حضوريءَ واري يروشلم ڏانهن سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو آزاد آهي.ڇڏي ڏنل زال جا ٻار
# 4:27 مڙس واري زال پراڻي عهدنامي مان هي حوالو انهيءَ ڪري ڏنو ويو آهي جو هتي گھڻو ڪري اهو اشارو هاڻوڪي يروشلم ڏانهن سمجھيو وڃي ٿو جيڪو غلام آهي. مڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آهن.“
28هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين سارہ جي پٽ اسحاق وانگر خدا جي واعدي موجب پيدا ٿيل اولاد آهيون. 29#پيد 21:9 پر جيئن انهيءَ وقت جسماني طور پيدا ٿيل ٻار پاڪ روح جي قدرت سان پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو هو، تيئن ئي هاڻي بہ ٿئي ٿو. 30#پيد 21:10 پر پاڪ ڪلام ڇا ٿو چوي؟ اهو تہ ”ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻانهيءَ جو پٽ، آزاد زال جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو.“ 31مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ٻانهيءَ جا نہ، پر آزاد زال جا ٻار آهيون.