YouVersion Logo
Search Icon

گلتين 3

3
1اي بي‌وقوف گلتيؤ! ڪنهن اوهان تي جادو ڪيو آهي؟ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙهي سندس موت جو منظر ڄڻ تہ اوهان جي اکين اڳيان صاف صاف ڏيکاريو ويو. 2آءٌ اوهان کان رڳو ايترو پڇڻ ٿو گھران تہ پاڪ روح اوهان کي خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ ڪري مليو يا شريعت تي عمل ڪرڻ ڪري؟ 3اوهين ايترا بي‌وقوف آهيو ڇا جو پاڪ روح جي وسيلي نئين زندگي شروع ڪري هاڻي انهيءَ کي جسماني ڪوشش جي وسيلي پورو ڪرڻ چاهيو ٿا؟ 4اوهان هيتريون تڪليفون اجايو سٺيون ڇا؟ اهي سچ پچ اجايو هيون ڇا؟ 5ڇا شريعت تي عمل ڪرڻ ڪري خدا اوهان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري؟ هرگز نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ اوهان مسيح بابت خوشخبري ٻڌي ايمان آندو آهي.
ابراهيم جي ايمان جو مثال
6 # پيد 15‏:6، رو 4‏:3 پاڪ ڪلام مان ابراهيم جي مثال تي غور ڪريو، جنهن بابت لکيل آهي تہ ”هن خدا تي ايمان آندو، تنهنڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ 7#رو 4‏:16 سو ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪي ايمان وارا آهن، حقيقت ۾ اهي ئي ابراهيم جو اولاد آهن. 8#پيد 12‏:3 انهيءَ ڳالهہ جي پاڪ ڪلام اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ خدا غير قومن کي ايمان آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابراهيم کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“ 9تنهنڪري جيڪي ايمان وارا آهن تن کي ابراهيم سان گڏ برڪت ٿي ملي، جيڪو خود ايمان وارو هو.
10 # شر 27‏:26 اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“ 11#حبق 2‏:4 هاڻي اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي وسيلي خدا آڏو سچار نہ ٿو بڻجي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻايو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“ 12#لاو 18‏:5 شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو، سو شريعت جي ڳالهين لاءِ پيو زندگي گذاريندو.“
13 # شر 21‏:23 هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“ 14هي انهيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراهيم سان واعدي ڪيل برڪت عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن تائين بہ پهچي ۽ اسين سڀيئي ايمان آڻڻ جي وسيلي اهو پاڪ روح حاصل ڪريون جنهن جو واعدو ڪيو ويو آهي.
شريعت ۽ خدا جو واعدو
15اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني زندگيءَ جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل معاهدي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو. 16#پيد 12‏:7 خدا جا واعدا بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابراهيم ۽ سندس نسل سان ڪيا. ڏسو، پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”نسل سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي. 17#خر 12‏:40 منهنجو مطلب هي آهي تہ جنهن عهد جي خدا پهريائين ئي تصديق ڪئي هئي تنهن کي شريعت، جيڪا چار سؤ ٽيهن سالن کان پوءِ آئي، سا ڪوڙو ڪري نہ ٿي سگھي، نہ تہ خدا جو واعدو بيڪار ٿي وڃي ها. 18#رو 4‏:14 سو جيڪڏهن ميراث شريعت تي عمل ڪرڻ سان ملي ها تہ اها واعدي تي دارومدار نہ رکي ها. پر خدا پنهنجي فضل سان اها واعدي جي وسيلي ئي ابراهيم کي بخشي.
19تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آهي؟ بعد ۾ شريعت انهيءَ لاءِ ڏني ويئي تہ جيئن خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ظاهر ٿئي. شريعت جو مدو ابراهيم جي انهيءَ نسل جي اچڻ تائين هو، جنهن لاءِ خدا واعدو ڪيو هو. اها شريعت ملائڪن جي انتظام سان هڪ وچ واري يعني موسيٰ جي معرفت ڏني ويئي. 20ڏسو، شريعت ڏيڻ ۾ ڪي وچ وارا هئا، جڏهن تہ خدا بنا ڪنهن وچ واري جي ابراهيم سان سڌو سنئون واعدو ڪيو.
21تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن کي رد ڪيو آهي ڇا؟ هرگز نہ. جيڪڏهن ڪا اهڙي شريعت ڏني وڃي ها جيڪا حياتي ڏيئي سگھي ها تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ها. 22پر پاڪ ڪلام ظاهر ڪري ٿو تہ سڄي دنيا گناهہ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو خدا جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.
غلام نہ، پر خدا جا ٻار
23پر انهيءَ ايمان واري واٽ ملڻ کان اڳ اسين شريعت جي پهري هيٺ قيد ۾ هئاسين. هائو، ايمان واري واٽ ظاهر ڪئي وڃڻ تائين اسين شريعت جا پابند رهياسين. 24مطلب تہ جيئن ٻار جو ڪو نگهبان ٿيندو آهي، تيئن شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگهبان ٿي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان آڻڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون. 25هاڻ جڏهن ايمان واري واٽ ملي ويئي آهي تہ پوءِ اسين شريعت جي نگهبانيءَ هيٺ نہ رهيا آهيون.
26انهيءَ جو سبب هي آهي تہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي اوهين سڀيئي خدا جا ٻار بڻجي ويا آهيو. 27اوهان سڀني مسيح جا ٿيڻ جي بپتسما وٺي مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو آهي. 28سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي. 29#رو 4‏:13 هاڻي جيڪڏهن اوهين مسيح جا آهيو تہ پوءِ ابراهيم جو نسل آهيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آهيو.

Currently Selected:

گلتين 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in