Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل ‮تعارف‬

تعارف
”حزقي‌ايل“ نالي هي مقدس ڪتاب انهيءَ نبيءَ جي نالي سان منسوب آهي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ جلاوطن طور بابل ۾ رهندو هو، جڏهن سن 586 قبل مسيح ۾ يروشلم تي تباهي نازل ٿي. هن جو پيغام بابل ۾ جلاوطن ٿيلن سان گڏوگڏ انهن لاءِ بہ هو جيڪي يروشلم شهر ۾ رهجي ويا هئا.
حضرت حزقي‌ايل جي هن مقدس ڪتاب جا مکيہ ڇهہ حصا آهن: 1. نبي ٿيڻ لاءِ خدا جو حزقي‌ايل کي سڏڻ. 2. يروشلم جي ايندڙ تباهي وَ برباديءَ جي باري ۾ خدا جي فيصلي کان ماڻهن کي خبردار ڪرڻ. 3. انهن مختلف غير قومن لاءِ سزا بابت خداوند جا پيغام، جن بني اسرائيل جي ماڻهن کي ستايو ۽ کين گمراهہ ڪيو. 4. يروشلم جي تباهيءَ کان پوءِ بني اسرائيل لاءِ امن وَ سلامتيءَ جو پيغام ۽ سٺي مستقبل جو واعدو. 5. ياجوج جي خلاف پيغام. 6. هيڪل جي نئين تجمل جي باري ۾ رويا ۽ قوم ۾ زمين جي نئين سر ورهاست بابت ٻڌائڻ.
حضرت حزقي‌ايل هڪ پختي عقيدي ۽ وڏيءَ سوچ وارو ماڻهو هو. هن تي اڪثر ڳالهيون رويا جي صورت ۾ نازل ٿينديون هيون. هن عملي طور نشانين ڏيکارڻ جي صورت ۾ ماڻهن کي ڪيترائي پيغام ٻڌايا. حزقي‌ايل جو گھڻو زور انهيءَ ڳالهہ تي هو تہ دل ۽ روح کي تازو رکيو وڃي ۽ قوم جو هر فرد پنهنجي ڪيل گناهہ جي ذميواري قبول ڪري. هن قوم لاءِ نئين سر بحاليءَ جي اميد جي بہ اڳڪٿي ڪئي. هڪ ڪاهن توڙي نبيءَ طور سندس گھڻو ڌيان هيڪل ۽ پاڪائيءَ جي ضرورت تي هو.
سِٽاءُ
حضرت حزقي‌ايل جو سڏ 1‏:1‏–3‏:27
يروشلم جي تباهيءَ جي باري ۾ پيغام 4‏:1‏–24‏:27
غير قومن لاءِ خدا جو فيصلو 25‏:1‏–32‏:32
خدا جو پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل لاءِ واعدو 33‏:1‏–37‏:28
ياجوج خلاف پيغام 38‏:1‏–39‏:29
هيڪل جي نئين تجمل ۽ زمين جي نئين سر ورهاست بابت رويا 40‏:1‏–48‏:35

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in