1
خداوند جو حزقيايل کي نبي چونڊڻ
(1:1–3:27)
خدا جو تخت
1 #
مڪا 19:11
#1:1 ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ انهيءَ تاريخ جي وضاحت ٿيل نہ آهي. پر گھڻو ڪري اهي شروعاتي رويائون يهوداہ وارن جي پهرين جلاوطنيءَ (سن 597 قبل مسيح) کان پوءِ ۽ ٻي جلاوطنيءَ (سن 587 قبل مسيح) کان اڳ ۾ ڏٺل هيون.ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ تي آءٌ حزقيايل ڪاهن ولد بُوزي بابل ملڪ جي ڪبار نهر جي ڪناري ٻين يهوداہ وارن سان گڏ جلاوطن هئس. اتي اوچتو مون ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي خدا مون کي رويائون ڏيکارڻ شروع ڪيون.
2 #
2.با 24:10-16، 2.توا 36:9-10 يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي بابل ملڪ ۾ جلاوطنيءَ جي پنجين سال، مهيني جي پنجين ڏينهن، 3ڪبار نهر جي ڪناري تي خداوند مون سان ڳالهايو ۽ سندس قدرت مون تي وڏي زور سان نازل ٿي. 4مون مٿي کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ اتر طرف کان هڪڙو وڏو طوفان پيو اچي. ڏٺم تہ هڪڙي وڏي ڪڪر مان وڄ چمڪي رهي هئي ۽ انهيءَ جي چوڌاري آسمان مان تجلا ٿي نڪتا. تڏهن جتي وڄ چمڪي رهي هئي، انهيءَ جي وچ مان چمڪندڙ پتل جهڙي هڪ شيءِ ظاهر ٿي 5#مڪا 4:6 ۽ انهيءَ شيءِ مان چار ساهوارا مخلوق ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي انساني صورت جهڙا هئا. 6انهن مان هر هڪ کي چار منهن ۽ چار پر هئا. 7انهن جون ٽنگون سڌيون هيون ۽ سندن پيرن جون تِريون گابي جي کرن جهڙيون هيون. اهي مخلوق چمڪندڙ پتل وانگر پئي چمڪيا. 8انهن مان هر هڪ کي چار منهن ۽ چار پر هئا. ان کان علاوہ انهن جي چئني پاسن تي سندن پرن جي هيٺان انساني هٿ بہ نظر ٿي آيا. 9انهن چئني جا ٻہ ٻہ پر پکڙيل هئا ۽ هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا، جو انهن هڪڙو چوڪنڊو ٺاهيو ٿي ۽ گڏجي هڪ ٿي هليا ٿي ۽ کين منهن ڦيرڻ جي ضرورت ڪانہ ٿي پئي.
10 #
حز 10:14، مڪا 4:7 انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي مختلف قسم جا چار منهن هئا. انهن جو اڳ وارو منهن انسان جهڙو ۽ ساڄي پاسي وارو منهن شينهن جهڙو هو. انهن جو کاٻي پاسي وارو منهن ڏاند جهڙو ۽ پٺيان وارو منهن عقاب جهڙو هو. 11انهن ساهوارن جا ٻہ ٻہ پر پکڙيل هئا، جن جون چوٽيون ٻئي ساهواري جي پرن سان مليل هيون ۽ سندن باقي ٻن ٻن پرن سندن بدن کي ٿي ڍڪيو. 12انهن مان هر ڪو اڳتي سڌو ڏسي رهيو هو. سو جيڏانهن انهن جي هلڻ جي مرضي پئي ٿي، تيڏانهن هو گڏجي بغير ڪنڌ ڦيرڻ جي ويا پئي. 13#مڪا 4:5 انهن ساهوارن مان باهہ جا ٽانڊا يا اولانبا هڪٻئي ڏانهن اهڙيءَ طرح چمڪندي ڏسڻ ۾ ٿي آيا جو ڄڻ وڄ جا شعلا چمڪو ڏيئي رهيا هجن. 14اهي ساهوارا وڄ جي تجليءَ وانگر هيڏانهن هوڏانهن پئي ٿيا.
15 #
حز 10:9-13
اڃا آءٌ انهن چئني ساهوارن کي ڏسي ئي رهيو هئس تہ ڇا ڏسان تہ هر هڪ ساهواري جي ڀرسان هڪ هڪ ڦيٿو زمين تي لٿو. 16اهي چار ئي ڦيٿا بلڪل هڪجهڙا هئا ۽ قيمتي پٿر جيان چمڪي رهيا هئا. انهن جي بناوٽ اهڙي هئي ڄڻ تہ هر هڪ ڦيٿي جي وچ ۾ ٻيو ڦيٿو پيل هجي. 17اهي ڦيٿا بنا مڙڻ جي هر طرف ڏانهن هلي ٿي سگھيا. 18#مڪا 4:8 انهن جا پاٽا اوچا ۽ اچرج جهڙا هئا. انهن چئني ڦيٿن جي پاٽن ۾ چوڌاري اکيون ئي اکيون هيون. 19جڏهن اهي ساهوارا هليا ٿي، تڏهن اهي ڦيٿا سندن پاسن کان ٿي هليا. جڏهن اهي ساهوارا زمين تان مٿي ٿي ويا ٿي، تڏهن ڦيٿا بہ مٿي کڄيو ٿي ويا. 20ساهوارن جي دل جيڏانهن چاهيو ٿي، اوڏانهن هو وڃي ٿي سگھيا ۽ ڦيٿا بہ انهن سان گڏ ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ ڦيٿا انهن ساهوارن جي ضابطي ۾ هئا. 21تنهنڪري جڏهن هو هليا ٿي تہ ڦيٿا بہ ٿي هليا ۽ جڏهن هو بيٺا ٿي تہ ڦيٿا بہ بيهي ٿي رهيا. زمين تان مٿي وڃڻ جي صورت ۾ ڦيٿا بہ ساڻن گڏ کڄي ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ ڦيٿا انهن ساهوارن جي ضابطي ۾ هئا.
22 #
مڪا 4:6
انهن ساهوارن جي مٿن جي مٿان چمڪندڙ بلور جهڙو گنبذ ڏسڻ ۾ ٿي آيو، جيڪو انهن جي مٿان پکڙيل هو. 23انهيءَ گنبذ جي هيٺان اهي ساهوارا بيٺا هئا ۽ سندن پاسي وارا ٻہ ٻہ پر سڌا هڪٻئي جي پرن سان مليل هئا، ۽ ٻين ٻن ٻن پرن سان سندن بدن ڍڪيل هو. 24#مڪا 1:15، 19:6 جڏهن اهي ساهوارا هليا ٿي تڏهن انهن جي پرن جو آواز ائين ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ، يا جيئن وڏي لشڪر جو گوڙ شور، يا جيئن قادرِمطلق خدا جو آواز. وري جڏهن اهي بيٺا ٿي تڏهن انهن پنهنجا پر پنهنجي بدن سان وڪوڙي ٿي ڇڏيا. 25انهيءَ گنبذ مٿان جيڪو انهن ساهوارن جي مٿان هو، اوچتو هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. 26#حز 10:1، مڪا 4:2-3 انهيءَ گنبذ جي مٿان هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جيڪا نيلم جي پٿر جي ٺهيل تخت جهڙي هئي. انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي انساني صورت جهڙي هستي ويٺل ڏسڻ ۾ ٿي آئي. 27#حز 8:2 انهيءَ جي چيلهہ کان وٺي مٿي واري صورت باهہ ۾ چمڪندڙ پتل جهڙي هئي ۽ سندس چيلهہ کان وٺي هيٺ واري صورت باهہ جي شعلي جهڙي هئي. انهيءَ جي چوڌاري روشنائي ئي روشنائي هئي، 28جيڪا اهڙي رنگدار ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙا انڊلٺ جا رنگ.
خداوند جي انهيءَ جلوي جي تجلي ڏسي آءٌ حزقيايل منهن ڀر زمين تي سجدي ۾ ڪري پيس. تڏهن مون هڪڙو آواز ٻڌو جيئن ڪو ڳالهائي رهيو هجي.