Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 48

48
قبيلن ۾ ملڪ جي اترئين علائقي جي ورهاست
1‏-7خداوند فرمايو تہ ”هر هڪ قبيلي کي ملڪ مان پنهنجو پنهنجو حصو ملندو، جيڪو اوڀر واري سرحد کان ويندي اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين هوندو. انهن حصن جي ورهاست بني اسرائيل جي ملڪ جي اتر پاسي واري سرحد کان شروع ٿيندي، جيڪا ڀونوچ سمنڊ کان وٺي حتلون شهر جي رستي سان حمات لڪ کان ويندي حصرعينان شهر تائين هوندي، ۽ جنهن جي اتر ۾ دمشق ۽ حمات جا علائقا آهن. ملڪ جي اترئين علائقي ۾ جن قبيلن کي حصا ڏنا ويندا سي اتر واري سرحد کان ڏکڻ طرف ويندي ملڪ جي وچ واري حصي تائين هن ترتيب سان مقرر آهن: دان، آشر، نفتالي، منسي، افرائيم، روبن ۽ يهوداہ.“
ملڪ جو وچ وارو وقف ڪيل حصو
8خداوند فرمايو تہ ”ملڪ جو وچ وارو حصو جيڪو يهوداہ واري علائقي جي ڏکڻ طرف هوندو، تنهن کي اوهين وقف ڪري ڇڏجو. انهيءَ جي ويڪر اتر کان ڏکڻ تائين ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر هوندي ۽ ڊيگھہ ملڪ جي اوڀر کان اولهہ تائين ايتري ماپ جي هوندي جيتري قبيلن کي ورهايل حصي جي هوندي. هيڪل انهيءَ حصي جي وچ ۾ هوندي. 9انهيءَ حصي جي وچ واري ايراضي مون خداوند لاءِ مخصوص هوندي، جنهن جي ڊيگھہ اولهہ کان اوڀر طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر اتر کان ڏکڻ طرف ڏهہ ڪلوميٽر هوندي.
10آءٌ خداوند پنهنجي انهيءَ مخصوص ٿيل ايراضيءَ جو ڏکڻ وارو اڌ حصو ڪاهنن لاءِ وقف ڪندس. اوڀر کان اولهہ طرف سندن حصو ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ڊگھو هوندو ۽ اتر کان ڏکڻ طرف انهيءَ جي ويڪر پنج ڪلوميٽر هوندي. منهنجي هيڪل انهيءَ حصي جي وچ ۾ هوندي. 11اهو وقف ٿيل حصو رڳو انهن مخصوص ٿيل ڪاهنن لاءِ هوندو، جيڪي صدوق جي نسل مان آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي سچائيءَ سان منهنجي خدمت ڪندا رهيا ۽ گمراهہ نہ ٿيا، جڏهن تہ لاوي ۽ ٻيا بني اسرائيل گمراهہ ٿي ويا هئا. 12سو ملڪ ۾ مون لاءِ مخصوص ٿيل ايراضيءَ مان اهو حصو انهن ڪاهنن لاءِ وقف هوندو، ۽ اهو پاڪ ترين حصو هوندو. 13ڪاهنن جي انهيءَ حصي سان لڳولڳ اتر طرف لاوين جو حصو هوندو، جنهن جي ڊيگھہ اوڀر کان اولهہ طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر اتر کان ڏکڻ طرف پنج ڪلوميٽر هوندي. 14انهيءَ حصي مان لاوي ڪو ٽڪرو وڪڻي نہ سگھندا، نڪي مٽا سٽا ڪري سگھندا ۽ نہ وري انهيءَ زمين کي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري سگھندا، ڇاڪاڻ تہ اها خاص زمين مون خداوند لاءِ مخصوص هوندي.
15باقي جيڪو حصو منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل ايراضيءَ جي ڏکڻ ۾ هوندو، جنهن جي ڊيگھہ اولهہ کان اوڀر طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر اتر کان ڏکڻ طرف اڍائي ڪلوميٽر هوندي، سو مون لاءِ مخصوص نہ هوندو. اهو بني اسرائيل جي عام ماڻهن جي رهڻ لاءِ هوندو، جنهن جي وچ ۾ هڪڙو شهر هوندو ۽ ان جي ٻنهي پاسن کان سرسبز ٻنيون هونديون. 16شهر جي ايراضي چورس هوندي، جنهن جي هر پاسي جي ماپ سوا ٻہ ڪلوميٽر هوندي. 17شهر جي چوڌاري خالي ميدان هوندو، جنهن جي ويڪر هر پاسي کان هڪ سؤ پنجويهہ ميٽر هوندي. 18شهر جي اولهہ ۽ اوڀر ۾ باقي ڇڏيل زمين، جيڪا مون لاءِ مخصوص ٿيل ايراضيءَ جي ڏکڻ پاسي هوندي ۽ جنهن جي ماپ اولهہ توڙي اوڀر طرف پنج ڪلوميٽر ڊيگھہ ۽ اڍائي ڪلوميٽر ويڪر هوندي، سا شهر جي ماڻهن لاءِ پوک ڪرڻ واسطي هوندي. 19پوءِ اهي شهر وارا بني اسرائيل جي ڪهڙي بہ قبيلي سان تعلق رکندا هجن، سي سڀ انهيءَ حصي تي پوک ڪري سگھندا.
20سو ملڪ ۾ وقف ڪيل حصي جي وچ واري پوري ايراضي ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ڊگھي ۽ ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ويڪري يعني چورس هوندي. انهيءَ ۾ مون لاءِ مخصوص ٿيل ايراضي ۽ شهر ۽ ان جي آس‌پاس جون ٻنيون شامل هونديون. 21‏-22اها ايراضي جنهن ۾ هيڪل، ڪاهنن جو حصو، لاوين جو حصو ۽ شهر شامل هوندو، تنهن جي اولهہ ۽ اوڀر پاسي واري زمين حڪمران جي هوندي. اها زمين جيڪا وچ واري ايراضيءَ جي ٻنهي پاسن تي هوندي، سا بہ اتر کان ڏکڻ طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ويڪري هوندي، ۽ اولهہ توڙي اوڀر پاسي ڏانهن ملڪ جي ٻنهي پاسي سرحدن تائين وڃي لڳندي. ٻنهي پاسن کان حڪمران واري زمين ۽ وچ واري ايراضيءَ جي گڏيل حصي جي اتر پاسي تي يهوداہ قبيلي جو حصو ۽ ڏکڻ پاسي تي بنيامين قبيلي جو حصو هوندو.“
قبيلن ۾ ملڪ جي ڏاکڻي علائقي جي ورهاست
23‏-27خداوند فرمايو تہ ”انهيءَ وقف ڪيل وچ واري حصي کان وٺي ملڪ جي ڏاکڻي سرحد تائين، باقي ٻين قبيلن کي جيڪي حصا ڏنا ويندا سي هن ترتيب سان مقرر آهن: بنيامين، شمعون، اِسڪار، زبولون ۽ جد. هر ڪنهن جو حصو اوڀر واري سرحد کان ويندي اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين هوندو. 28جد جي حصي جي ڏکڻ پاسي ملڪ جي سرحد هوندي. اها سرحد تمر کان وٺي ڏکڻ اولهہ ۾ مريباہ قادش جي چشمي تائين ۽ پوءِ مصر جي سرحد سان ويندي اتر اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي. 29سو اهڙي نموني سان اوهين ملڪ جي ورهاست ڪجو. بني اسرائيل جي هر قبيلي لاءِ اهڙيءَ طرح الڳ الڳ حصو ميراث طور ورهايو وڃي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
شهر جا دروازا
30‏-34 # مڪا 21‏:12‏-13 شهر جي چوڌاري جيڪا ڀت هوندي تنهن جي هر پاسي واري ڀت جي ماپ سوا ٻہ ڪلوميٽر هوندي ۽ هر هڪ ڀت ۾ ٽي ٽي دروازا هوندا. اهڙيءَ طرح شهر کي ڪل ٻارهن دروازا هوندا. انهن سڀني دروازن کي بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن جا نالا ڏنل هوندا. اتر پاسي واري ڀت ۾ روبن، يهوداہ ۽ لاويءَ جي نالن جا دروازا هوندا. اوڀر پاسي واري ڀت ۾ يوسف، بنيامين ۽ دان جي نالن جا دروازا هوندا. ڏکڻ پاسي واري ڀت ۾ شمعون، اِسڪار ۽ زبولون جي نالن جا دروازا هوندا. اولهہ طرف واري ڀت ۾ جد، آشر ۽ نفتاليءَ جي نالن جا دروازا هوندا. 35شهر جي چئني پاسن واري ڀت جي جملي ڊيگھہ نوَ ڪلوميٽر هوندي. انهيءَ ڏينهن کان شهر کي هن نالي سان سڏيو ويندو تہ ”خداوند هتي رهي ٿو.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 48: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in