47
هيڪل جي عمارت مان وهندڙ چشمو
1 #
زڪ 14:8، يو 7:38، مڪا 22:1 پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون حزقيايل کي موٽائي هيڪل جي عمارت جي دروازي وٽ آندو. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ دروازي جي چانئٺ هيٺان ڏکڻ واري پاسي کان چشمي جو پاڻي نڪري هيڪل جي اڳيان اڳيان اوڀر طرف ڏانهن وهندي قربانگاهہ جي ڏکڻ کان ٿيندو اڳتي وهندو ٿي ويو. 2تڏهن اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي چوديواريءَ جي اتر واري لنگھہ کان ٻاهر وٺي آيو ۽ ٻاهرين رستي کان ڦيرائي هيڪل جي چوديواريءَ جي اوڀر واري لنگھہ وٽ آندائين. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ لنگھہ جي ڏاکڻي پاسي کان پاڻيءَ جي هڪڙي ننڍي واهي وهي رهي آهي. 3پوءِ اهو ماڻهو اوڀر طرف هلندي ماپ واري ڪاني سان وهندڙ واهيءَ جي ماپ وٺندو هليو. هن پنج سؤ ميٽر ماپڻ کان پوءِ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيو. مون ڏٺو تہ اتي پاڻي رڳو منهنجي پيرن جي مُرن تائين ٿي پهتو. 4پوءِ هن وري پنج سؤ ميٽر ٻيا ماپ ڪيا ۽ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيائين. اتي پاڻي منهنجي گوڏن تائين ٿي پهتو. ساڳيءَ طرح هن پنج سؤ ميٽر ٻيا ماپيا ۽ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيائين. اتي پاڻي منهنجي چيلهہ تائين ٿي پهتو. 5تنهن کان پوءِ هن پنج سؤ ميٽر وري ٻيا ماپيا، جتي اها واهي نديءَ بڻجي گھڻي اونهي ٿي ويئي هئي، جنهن مان آءٌ لنگھي نہ سگھيس. اها ايتري تہ اونهي هئي جو ترڻ کان سواءِ انهيءَ مان لنگھي نہ پيو سگھجي. 6تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! جيڪي تون ڏسين ٿو تنهن تي ڌيان ڏي.“
پوءِ اهو ماڻهو مون کي پاڻيءَ مان ڪڍي نديءَ جي ڪناري تي وٺي آيو. 7جڏهن آءٌ موٽي ڪناري تي آيس تہ ڇا ڏسان تہ نديءَ جي ٻنهي طرفن وارن ڪنارن تي تمام گھڻا وڻ بيٺل آهن. 8تڏهن هن مون کي ٻڌايو تہ ”هي پاڻي بني اسرائيل جي ملڪ جي اوڀر واري علائقي ڏانهن وهندي هيٺ اردن جي ماٿريءَ ۾ لهي وڃي ٿو، جتان اهو کاري سمنڊ ۾ وڃي پوي ٿو. جڏهن اهو سمنڊ ۾ ڪري ٿو تہ انهيءَ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪري ڇڏي ٿو. 9سو ائين ئي ٿيندو جو جتان بہ هيءَ ندي وهندي، اتي زندگي بخشيندي. هر ساهوارو انهيءَ مان زندگي حاصل ڪندو ۽ ان ۾ تمام گھڻيون مڇيون ٿينديون. انهيءَ سان کاري سمنڊ جو پاڻي ايترو تہ مٺو ٿي ويندو جو 10عينجديءَ جي چشمي کان وٺي عينعجليم جي چشمي تائين کاري سمنڊ جي ٻنهي ڪنارن تي مڇي مارڻ وارا بيٺا مڇي پيا ماريندا ۽ ڪنارن تي سڪائڻ لاءِ جيڏانهن تيڏانهن سندن ڄار پکيڙيل هوندا. انهيءَ سمنڊ جون مڇيون بہ وڏي ڀونوچ سمنڊ جي مڇين وانگر قسمين قسمين جون ۽ تمام گھڻيون هونديون. 11تنهن هوندي بہ کاري سمنڊ جي ڪناري وارا هيٺاهان ڍورا ۽ تلاءَ مٺا نہ هوندا، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان لوڻ حاصل ڪيو وڃي.
12نديءَ جي ٻنهي پاسن وارن ڪنارن تي هر قسم جا ميويدار وڻ اڀري ايندا، جن جا نہ پن ڪومائبا ۽ نہ وري انهن جو ميوو کُٽندو. اهي هر مهيني تازو ڦر جھليندا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ملندڙ پاڻي مقدس هيڪل کان وهي اچي ٿو. سو نہ رڳو انهن جو ميوو کاڌو ويندو، بلڪ انهن جا پن بہ بيمار ماڻهن جي شفا جي ڪم ايندا.“
بني اسرائيل جي ملڪ جون سرحدون
13-14 خداوند خدا بني اسرائيل جي ماڻهن کي فرمايو تہ ”مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ سندن اولاد کي ميراث طور عطا ڪندس. سو جڏهن اوهان بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ هي ملڪ ورهايو وڃي تڏهن انهيءَ کي هڪ جيترن حصن ۾ ورهايو وڃي، جڏهن تہ #47:13-14 بني يوسف جي قبيلي کي ٻہ حصا حضرت يوسف جي ٻن پٽن منسي ۽ افرائيم مان ٻہ الڳ الڳ قبيلا ليکيا ويا.بني يوسف جي قبيلي کي ٻہ حصا ڏنا وڃن.
ملڪ جون سرحدون هن ريت هونديون. 15اتر پاسي واري سرحد ڀونوچ سمنڊ کان وٺي اوڀر ڏانهن حتلون شهر جي رستي حمات لڪ کان ويندي صداد شهر تائين، 16اتان بيروتي ۽ سبريم شهرن ڏانهن، جيڪي دمشق جي بادشاهت ۽ حمات جي بادشاهت جي علائقن جي وچ ۾ آهن، ويندي حصرهتيڪون تائين هوندي، جيڪو حوران علائقي جي سرحد تي آهي. 17سو اتر واري سرحد ڀونوچ سمنڊ کان اوڀر طرف حصرعينان شهر تائين هوندي، جتان اتر طرف دمشق ۽ حمات جا علائقا آهن.
18اوڀر طرف واري سرحد حوران ۽ دمشق جي وچ واري هنڌ کان ڏکڻ طرف ويندي اردن درياءَ تائين پهچندي. اتان اردن درياءُ خود سرحد ٿيندو جنهن جي اوڀر ۾ جِلعاد علائقو ۽ اولهہ ۾ بني اسرائيل جو ملڪ آهي. سو اوڀر طرف واري سرحد اتر واري حد کان وٺي کاري سمنڊ کان گذرندي ڏکڻ طرف تمر نالي جاءِ تائين هوندي.
19ڏکڻ پاسي واري سرحد تمر کان وٺي ڏکڻ اولهہ ۾ مريباہ قادش جي چشمي تائين ۽ پوءِ مصر جي سرحد سان ويندي اتر اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.
20اولهہ طرف واري سرحد ڀونوچ سمنڊ جو ڪنارو هوندي، جيڪا اتر طرف حمات لڪ جي اولهہ پاسي تائين هوندي.
21اهو ئي ملڪ آهي جيڪو اوهين پاڻ ۾ بني اسرائيل جي قبيلن مطابق ورهائيندا. 22ان کان علاوہ جيڪي ڌاريا اوهان منجھہ هميشہ لاءِ اچي رهن تن کي ۽ سندن اولاد کي اوهين پنهنجي پنهنجي ورثي واري علائقي مان حصو ورهائي ڏجو. اهي اوهان جي لاءِ بني اسرائيل جي ٻين هموطنن وانگر هوندا. اوهين بني اسرائيل جي قبيلن منجھہ انهن جو حصو پاڻ ۾ ڪڻا وجھي ميراث طور ورهائجو. 23جيڪو ڌاريو جنهن قبيلي ۾ رهندو هجي، اوهين کيس اتي ئي ورثو ڏجو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“