YouVersion Logo
Search Icon

عاموس ‮تعارف‬

تعارف
”عاموس“ نالي هن مقدس ڪتاب جو ليکڪ حضرت عاموس اهو پهريون نبي آهي، جنهن جي پيغامن کي ڏاکڻي بادشاهت يهوداہ ۽ اترين بادشاهت اسرائيل جي الڳ ٿيڻ واري دور کان هڪ مقدس ڪتاب جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ هو ڏاکڻي بادشاهت يهوداہ جو رهاڪو هو، تڏهن بہ هن اترينءَ بادشاهت اسرائيل ۾ اچي اتان جي ماڻهن ۾ تبليغ ڪئي. اهو عرصو اٺين صدي قبل مسيح جي وچ وارو عرصو هو. اهو زمانو وڏي خوشحالي، شان وَ شوڪت، مذهبي شرافت ۽ ظاهري امن وَ امان جو هو. پر عاموس ڏٺو تہ خوشحالي رڳو اميرن تائين محدود هئي ۽ غريبن سان ناانصافي پئي ٿي ۽ کين دٻايو پئي ويو. مذهبي ڳالهين تي دليءَ طور عمل ڪونہ ٿي ڪيو ويو ۽ امن وَ امان بہ صحيح طرح ڪونہ هو. هن جوش ۽ همت سان تبليغ ڪئي ۽ ٻڌايو تہ خدا اترينءَ بادشاهت اسرائيل جي ماڻهن کي سندن عملن جي سزا ضرور ڏيندو. پوءِ هن اميد ڏيکاريندي چيو تہ ”شايد خداوند قادرِمطلق خدا، اسرائيل ملڪ تي اچڻ واري سزا کان پوءِ اوهان مان باقي بچي ويلن تي مهربان ٿئي“ (5‏:15). هن انصاف لاءِ ائين چيو تہ ”انصاف کي پاڻيءَ وانگر ۽ سچائيءَ کي سدا وهندڙ نديءَ وانگر وهائيندا رهو“ (5‏:24).
سِٽاءُ
آس‌پاس وارين قومن خلاف پيغام 1‏:1‏–2‏:5
اترينءَ بادشاهت اسرائيل خلاف پيغام 2‏:6‏–6‏:14
پنجن رويائن جو بيان 7‏:1‏–9‏:15

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in