1
1 #
2.با 15:1-7، 2.توا 26:1-23، 2.با 14:23-29 هي ڳالهيون تقوع شهر جي ڌنار عاموس جون آهن. اسرائيل وارن بابت اهي ڳالهيون يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ عُزياہ ۽ اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ يربعام ثاني ولد يهوآس جي ڏينهن ۾ زلزلي کان ٻہ سال اڳ خدا عاموس کي رويا ۾ ڏيکاريون. 2#يوا 3:16 عاموس چيو تہ
”صيئون جبل تان خداوند گجي ٿو،
هائو، انهيءَ جبل واري شهر يروشلم مان سندس آواز ٻڌجي ٿو.
ان آواز جي ڪري ڪرمل جبل جي چوٽي ڪومائجي ٿي وڃي،
ريڍارن جو هر چراگاهہ سُڪي ٿو وڃي.“
اسرائيل ملڪ جي آسپاس وارين قومن لاءِ سزا
(1:3–2:5)
(ارام لاءِ سزا)
3 #
يس 17:1-3، ير 49:23-27، زڪ 9:1 #1:3 ارام ان دور ۾ هي علائقو موجودہ شام ملڪ جي ڪجھہ حصي تي مشتمل هو.ارام وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ
”دمشق شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري
آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس،
ڇاڪاڻ تہ هنن جِلعاد شهر وارن کي
ڳاهڻ وارن لوهي اوزارن سان ڳاهي ڇڏيو آهي.
4تنهنڪري آءٌ اهڙي باهہ موڪليندس،
جيڪا بنهدد بادشاهہ جي ٺهرايل قلعي
۽ انهيءَ ۾ حزائيل بادشاهہ جي محل کي
ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.
5آءٌ انهيءَ قلعي واري شهر دمشق جا دروازا ڀڃي ڇڏيندس،
۽ #1:5 آون ماٿري هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”بدڪاريءَ جي ماٿري.“آون ماٿريءَ ۽ #1:5 بيتعدن هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”عياشيءَ جو گھر.“بيتعدن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي
نابود ڪري ڇڏيندس.
پوءِ ارامين مان باقي بچيل قيد ٿي قير ملڪ ڏانهن نيا ويندا.“
اهو خداوند جو فرمان آهي.
(فلستي لاءِ سزا)
6 #
يس 14:29-31، ير 47:1-7، حز 25:15-17، يوا 3:4-8، صف 2:4-7، زڪ 9:5-7 فلستيءَ وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ
”غزہ شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري
آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس،
ڇاڪاڻ تہ هو ڪن ڳوٺن جي سڀني ماڻهن کي قيد ڪري وٺي ويا،
۽ کين ادوم ملڪ ۾ وڪڻي ڇڏيائون.
7تنهنڪري آءٌ غزہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ موڪليندس،
جيڪا انهيءَ جي محلاتن سميت سڀني کي
ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.
8آءٌ عقرون شهر کي سزا ڏيندس،
بلڪ اشدود ۽ اسقلون شهرن جي
حڪمرانن توڙي رهاڪن کي بہ نابود ڪري ڇڏيندس.
هائو، اهڙيءَ طرح فلستين جا باقي بچيل سڀيئي ماڻهو
چٽ ٿي ويندا.“
اهو خداوند خدا جو فرمان آهي.
(صور لاءِ سزا)
9 #
يس 23:1-18، حز 26:1–28:19، يوا 3:4-8، زڪ 9:1-4، مت 11:21-22، لو 10:13-14 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ
”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري
آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس،
ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري
ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن،
۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.
10تنهنڪري آءٌ صور شهر جي ڪوٽ تي باهہ موڪليندس،
جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني رهاڪن کي
ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“
(ادوم لاءِ سزا)
11 #
يس 34:5-17، 63:1-6، ير 49:7-22، حز 25:12-14، 35:1-15، عبد 1-14، ملا 1:2-4 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ
”#1:11 ادوم اهو علائقو اسرائيل ملڪ جي ڏکڻ اوڀر ۾ هو.ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري
آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس،
ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي
پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا،
۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو.
انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.
12تنهنڪري آءٌ تيمان شهر تي باهہ موڪليندس،
جيڪا ان سان گڏ بُصراہ جي محلاتن سميت
سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“
(عمون لاءِ سزا)
13 #
ير 49:1-6، حز 21:28-32، 25:1-7، صف 2:8-11 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ
”#1:13 عمون اهو علائقو اسرائيل ملڪ جي اوڀر ۾ هو.عمون علائقي وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري
آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس،
ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي سرحدن کي وڌائڻ جي انڌ ۾
جِلعاد علائقي جي حاملہ عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا.
14تنهنڪري آءٌ ربہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ ڀڙڪائيندس،
جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني کي جنگ جي ڏينهن تي
طوفاني واچوڙن وانگر للڪار ڪندي برباد ڪري ڇڏيندي.
15انهن جو بادشاهہ پنهنجي عملدارن سميت
جلاوطن ڪيو ويندو.“
اهو خداوند جو فرمان آهي.