YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 21

21
(پولس جو يروشلم ڏانهن وڃڻ)
1اِفسس جي اڳواڻن کان مشڪل سان موڪلائي اسين سامونڊي جهاز ۾ چڙهي سڌا قوس ٻيٽ وٽ آياسين ۽ ٻئي ڏينهن تي رُدس ٻيٽ کان ٿيندا پترا نالي بندرگاهہ تي پهتاسين. 2اتي اسان ڏٺو تہ هڪڙو جهاز شام صوبي جي فينيڪي علائقي ڏانهن وڃي رهيو آهي، سو انهيءَ جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين. 3پوءِ اهڙي هنڌ پهتاسين جتان اسين قبرص ٻيٽ کي ڏسي سگھون پيا ۽ انهيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانهن هلندا وياسين. پوءِ صور ۾ پهچي جهاز بندر سان لڳو تہ اسين هيٺ لٿاسين، ڇاڪاڻ تہ اتي جهاز مان سامان لهڻو هو. 4سو شهر اندر وڃي اتان جي ايمان وارن کي ڳولي ساڻن ملياسين، جن وٽ اسين ست ڏينهن رهياسين. پاڪ روح جي وسيلي مليل ڄاڻ جي ڪري هو پولس کي چوندا ٿي رهيا تہ ”اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“ 5پر جڏهن ست ڏينهن پورا ٿيا تہ اسين ساڳئي ئي سفر لاءِ اتان نڪرڻ لڳاسين. تڏهن هو پنهنجن ٻارن ۽ زالن سميت شهر کان ٻاهر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائون. 6پوءِ هڪٻئي کان موڪلائي اسين سامونڊي جهاز ۾ چڙهياسون ۽ هو موٽي پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا.
7اسان پنهنجو سفر جاري رکندي صور کان پتلميس شهر ۾ پهتاسون، جتي اسان ايمان وارن جي خيرعافيت معلوم ڪئي ۽ انهن وٽ هڪ ڏينهن رهياسون. 8#رس 6‏:5، 8‏:5 ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ خدمت لاءِ چونڊيو ويو هو. 9انهيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر هيون جيڪي خدا جو پيغام ڏينديون هيون. 10#رس 11‏:28 اتي اسين ڪيترائي ڏينهن رهياسون، تڏهن مسيح تي ايمان رکندڙ اگبس نالي هڪڙو شخص جيڪو خدا جو پيغام ڏيندو هو، سو يهوديہ مان اتي اچي پهتو. 11هن اسان وٽ اچي پولس کان ڪمربند ورتو ۽ پنهنجا هٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پاڪ روح جو چوڻ آهي تہ جنهن ماڻهوءَ جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يروشلم ۾ يهودي هن طرح ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“ 12جڏهن اسان اهو ٻڌو تڏهن کان اسين ۽ اتان جا ايمان وارا پولس کي منٿ ڪندي چوندا رهياسين تہ ”مهرباني ڪري اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“ 13پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“ 14جڏهن اسين کيس مڃائي نہ سگھياسين، تڏهن اسان ايترو چئي بس ڪئي تہ ”جيڪا خداوند جي مرضي.“
15انهن ڏينهن کان پوءِ اسين پنهنجو سامان سڙو ٻڌي يروشلم ڏانهن روانا ٿياسون. 16قيصريہ شهر جا ڪي ايمان وارا بہ اسان سان گڏ هليا، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي يروشلم ۾ مناسون نالي هڪڙي شخص جي گھر وٺي هلن جنهن وٽ اسان کي رهڻو هو. هو قبرص ٻيٽ جو رهاڪو ۽ هڪ جھونو ايمان وارو هو.
پولس جو يعقوب سان ملڻ
17جڏهن اسين يروشلم ۾ پهتاسون تہ اتي ايمان وارن اسان جو وڏي خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو. 18ٻئي ڏينهن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ هليو، جتي ڪليسيا جا سڀيئي اڳواڻ بہ ويٺا هئا. 19پولس انهن کي سلام ڪرڻ بعد اهي سڀيئي ڪم تفصيل سان ٻڌائڻ لڳو، جيڪي خدا سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا هئا. 20جڏهن هنن اهو ٻڌو تڏهن خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. پوءِ چيائونس تہ ”ادا! اوهان کي خبر آهي تہ يهودين منجھان هزارين ماڻهن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي، جيڪي شريعت تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رهيا آهن. 21پر اوهان جي باري ۾ کين ٻڌايو ويو آهي تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي اوهين اها تعليم ٿا ڏيو تہ موسيٰ جي شريعت کان ڦري وڃن، ٻارن جو طهر نہ ڪرائين ۽ پنهنجين ريتن رسمن تي نہ هلن. 22پوءِ هاڻي ڇا ڪجي؟ ڇو تہ هنن کي اوهان جي اچڻ جي ضرور خبر پوندي. 23#ڳا 6‏:13‏-21 تنهنڪري هاڻي جيئن اسين چئون تيئن ڪريو. اسان وٽ چار ماڻهو اهڙا آهن جن کي باسيل باس پوري ڪرڻي آهي. 24سو هاڻي اوهين انهن سان گڏجي وڃي پاڪ ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جو خرچ بہ اوهين ڀريو تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. اهڙيءَ طرح سڀيئي ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالهيون اوهان بابت کين ٻڌايون ويون آهن سي سڀ ڪوڙيون آهن، بلڪ اوهين تہ پاڻ شريعت تي عمل ڪريو ٿا ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آهيو. 25#رس 15‏:29 باقي رهيا غير قوم وارا جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي، تن کي اسين فيصلو ڪري لکي موڪلي چڪا آهيون تہ ’اوهين اهو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي قربان ڪيو ويو هجي، نڪي رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.‘“
26سو ٻئي ڏينهن تي پولس انهن چئن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انهن سان گڏ پاڻ کي پاڪ ڪري هيڪل ۾ اچي اهو ڏينهن ٻڌايائين جڏهن سندن پاڪ ٿيڻ جو وقت پورو ٿيندو ۽ هر هڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.
پولس جو هيڪل ۾ جھلجڻ
27جڏهن پاڪ ٿيڻ جا اهي ست ڏينهن پورا ٿيڻ تي هئا، تڏهن آسيا صوبي جي ڪن يهودين پولس کي هيڪل ۾ ڏٺو. سو هنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو. 28انهن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. هي اهو ماڻهو آهي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻهن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ هن هيڪل جي خلاف تعليم ڏئي ٿو. هاڻي وري هن ڪن غير قوم وارن کي هن مقدس هيڪل ۾ آڻي ان کي پليت ڪيو آهي.“ 29#رس 20‏:4 هنن اهو انهيءَ ڪري چيو جو اِفسس جي هڪ شخص تروفيمس کي شهر ۾ پولس سان گڏ ڏٺو هئائون ۽ سمجھيو هئائون تہ پولس کيس هيڪل ۾ وٺي آيو آهي. 30سو سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻهو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي هيڪل مان گهلي ٻاهر ڪڍي ويا ۽ پوءِ هڪدم در بند ڪيا ويا. 31هو پولس کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا تہ ايتري ۾ رومي پلٽڻ جي ڪپتان کي خبر پئجي ويئي تہ سڄي يروشلم ۾ هنگامو ٿي پيو آهي. 32سو جلد ئي ڪپتان ڪجھہ آفيسر ۽ سپاهي ساڻ ڪري گوڙ ڏانهن ڪاهي پيو. جڏهن ماڻهن کيس سپاهين سميت ايندي ڏٺو، تڏهن پولس کي ڌڪن هڻڻ کان بس ڪيائون. 33ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”هن کي ٻن هٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻهن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”هي شخص ڪير آهي ۽ ڪهڙو ڏوهہ ڪيو اٿس؟“ 34انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪن واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالهہ. ايترو تہ گوڙ هو جو حقيقت جي خبر ئي نہ پئي پيس. تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي هلو.“ 35جڏهن اهي قلعي جي ڏاڪڻ وٽ پهتا تہ ميڙ جي زور زبردستيءَ سبب سپاهين کي پولس کڻي وڃڻو پيو. 36جڏهن تہ ماڻهن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس! ماري ڇڏيوس!“
پولس جو پنهنجي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ
37جڏهن هو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا هئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنهن تي هن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي بہ اچي ٿي ڇا؟ 38ڇا تون اهو مصري تہ نہ آهين، جيڪو ڪجھہ ڏينهن اڳ بغاوت ڪري چار هزار خوني وٺي بيابان ڏانهن هليو ويو هئين؟“ 39پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا صوبي جي مشهور شهر ترسس جو ويٺل آهيان. منهنجو عرض آهي تہ مهرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ ماڻهن سان ڳالهايان.“ 40جڏهن ڪپتان اجازت ڏنس تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي هٿ جي اشاري سان ماڻهن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏهن ماٺ ٿي ويئي تڏهن پولس عبراني ٻوليءَ ۾ کين چوڻ لڳو تہ

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 21: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in