20
(مڪدُنيا ۽ يونان ڏانهن سفر)
1هنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني ايمان وارن کي گڏ ڪري نصيحت ڪئي ۽ کانئن موڪلايائين. پوءِ هو مڪدُنيا ڏانهن روانو ٿي ويو. 2هو اتان جي علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻهن کي گھڻين ئي ڳالهين بابت نصيحتون ڪندو يونان اچي پهتو. 3اتي هو ٽي مهينا ترسيو. پوءِ هو شام صوبي ڏانهن سامونڊي جهاز جي رستي وڃڻ لاءِ تيار هو تہ کيس خبر پيئي تہ ڪي يهودي سندس تاڙ ۾ ويٺا آهن. سو هن مڪدُنيا واري رستي ئي موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. 4آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ. 5پوءِ اهي اڳتي وڃي تروآس ۾ اسان جو انتظار ڪرڻ لڳا. 6بيخميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ اسين فلپيءَ مان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ انهن سان تروآس ۾ اچي ملياسين، جتي اسين هڪ هفتو رهياسين.
(تروآس ۾ يوتخس کي جيئرو ڪرڻ)
7ڇنڇر جي شام جو اسين #20:7 ماني کائڻ هتي ۽ 20:11 ۾ گھڻو ڪري گڏجي ماني کائڻ وقت ايمان وارا خداوند عيسيٰ جي يادگيريءَ واري ماني بہ ڀڃي کائيندا هئا. ڏسو لوقا 22:19-20. ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. تڏهن اتي پولس ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳو. جيئن تہ هو ٻئي ڏينهن تي روانو ٿيڻ وارو هو، تنهنڪري سندس ڳالهائڻ رات جو دير تائين جاري رهيو. 8جنهن ماڙيءَ تي اسان جي گڏجاڻي هئي اتي ڪيترائي شمعدان پئي ٻريا. 9يوتخس نالي هڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو هو. اڌ رات جو کيس ننڊ اچڻ لڳي ۽ جيئن تہ پولس گھڻي وقت تائين ڳالهائيندو رهيو سو ان کي ايتري تہ گَهري ننڊ وٺي ويئي جو هو ٽِماڙ تان هيٺ ڪري پيو. جيئن جو اچي کيس کڻن تہ هو مري چڪو هو. 10تڏهن پولس ماڙيءَ تان هيٺ لهندي ئي جھڪي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ ”فڪر نہ ڪريو، هي جيئرو آهي.“ 11پوءِ پولس موٽي مٿي ماڙيءَ تي ويو ۽ ماني کاڌائين. کائڻ بعد هن ايتري تہ دير تائين پنهنجي تقرير کي جاري رکيو جو صبح ٿي ويو. تڏهن هو روانو ٿي ويو. 12هوڏانهن انهيءَ نوجوان کي جيئرو گھر آندو ويو، جنهن سان سڀني جي دل کي ڏاڍي تسلي ٿي.
(تروآس کان ميليتس وڃڻ)
13جيئن تہ پولس پيرين پيادو آسس جي بندرگاهہ تي پهچڻ جو ارادو ڪيو هو، سو سندس تجويز مطابق هن جي وڃڻ کان پوءِ اسين سامونڊي جهاز تي چڙهي آسس ڏانهن روانا ٿياسين، انهيءَ لاءِ تہ اتي پولس کي بہ پاڻ سان گڏ جهاز تي چاڙهيون. 14جڏهن هو آسس ۾ اسان سان مليو، تڏهن کيس پاڻ سان گڏ جهاز ۾ چاڙهي متوليني شهر جي بندرگاهہ تي پهتاسين. 15ان کان پوءِ اسين ٻئي ڏينهن تي خيُس ٻيٽ وٽ ۽ ٽئين ڏينهن تي سامس ٻيٽ وٽ پهتاسين، جتان وري چوٿين ڏينهن تي ميليتس ۾ آياسين. 16پولس فيصلو ڪيو هو تہ هو اِفسس شهر جي ٻاهران ٻاهران هليو وڃي، تہ جيئن آسيا صوبي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انهيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جي عيد يروشلم ۾ وڃي ملهائي.
(اِفسس جي اڳواڻن ۾ پولس جي آخري تقرير)
17پولس ميليتس مان اِفسس وارن ڏانهن نياپو موڪليو تہ اتي جي ڪليسيا جا اڳواڻ اچي ساڻس ملن. 18جڏهن هو وٽس اچي گڏ ٿيا تہ پولس کين چيو تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ مون آسيا صوبي ۾ پهچڻ جي پهرئين ڏينهن کان وٺي سڄو وقت اوهان سان ڪيئن گذاريو آهي. 19مون ڏاڍي نماڻائيءَ سان ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ يهودين جي سازشن جون مصيبتون سهندي بہ خداوند عيسيٰ جي خدمت پئي ڪئي آهي. 20اوهين ڄاڻو ٿا تہ جيڪي بہ ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون تن کي بيان ڪرڻ توڙي کُليعام ۽ گھر گھر تعليم ڏيڻ ۾ مون ڪڏهن نہ ڪيٻايو آهي. 21يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين. 22هاڻي پاڪ روح جي حڪم موجب آءٌ يروشلم ڏانهن وڃي رهيو آهيان. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اتي مون سان ڇا ٿيندو. 23رڳو ايترو ڄاڻان ٿو تہ قيد ۽ مصيبتون مون لاءِ انتظار ڪري رهيون آهن، جنهن جو چتاءُ پاڪ روح مون کي هر شهر ۾ ڏنو آهي. 24#2.تيم 4:7 پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان. 25هاڻي مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪئي آهي، تن مان ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو. 26تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن آءٌ پوري يقين سان چوان ٿو تہ اوهان مان ڪنهن جي بہ گمراهيءَ جو آءٌ ذميوار نہ آهيان، 27ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم. 28اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پاڪ روح اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي آهي. 29آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوهان ۾ اچي پوندا، جيڪي ڌڻ تي ڪوبہ قياس نہ ڪندا. 30خود اوهان منجھان ئي ڪي اهڙا ماڻهو نڪرندا جيڪي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائيندا تہ جيئن ايمان وارن کي برغلائي پاڻ ڏانهن ڪن. 31تنهنڪري اوهين سجاڳ رهو ۽ ياد رکو تہ مون ٽن سالن تائين رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر هڪ کي تاڪيد ڪندي سمجھايو آهي.
32هاڻي آءٌ اوهان کي خدا ۽ سندس انهيءَ فضل واري پيغام جي حوالي ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اهو اوهان ۾ ترقي آڻي ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ اوهان کي ميراث عطا ڪري. 33مون ڪنهن کان بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي. 34اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ مون پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري پنهنجيون ۽ پنهنجي سنگتين جون گھرجون پوريون ڪيون آهن. 35سڀني ڳالهين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوهان کي سمجھايو آهي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ خداوند عيسيٰ جي تعليم ياد رکڻ گھرجي، جنهن پاڻ فرمايو آهي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ وڌيڪ برڪت ڀريو آهي.‘“
36پولس جڏهن ايترو چئي بس ڪئي، تڏهن سڀني سان گڏ گوڏا کوڙي دعا گھريائين. 37هو سڀيئي زاروزار رنا ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائون. 38هنن کي سڀ کان وڌيڪ هن ڳالهہ جو ڏک هو جو پولس چيو هو تہ ”ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.“ پوءِ هو پولس سان گڏجي سامونڊي جهاز تائين آيا.