YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 17

17
(ٿِسلُنيڪي شهر ۾)
1تڏهن پولس ۽ سيلاس امفپلس ۽ اپلونيا شهرن مان لنگھي ٿِسلُنيڪي ۾ آيا، جتي يهودين جو عبادت‌خانو هو. 2پولس پنهنجي دستور موجب سندن عبادت‌خاني ۾ ويو ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن تي هو پاڪ ڪلام مان ساڻن بحث پيو ڪندو هو. 3هو دليل ڏيئي ثابت ڪري چوندو هئن تہ ”اهو ضروري هو تہ مسيح تڪليفون سهي مري ۽ مئلن مان وري جيئرو ٿي اُٿي.“ هن چين تہ ”هي عيسيٰ جنهن جي آءٌ اوهان جي اڳيان منادي ٿو ڪريان، سو ئي مسيح آهي.“ 4انهن مان ڪن يهودين، خداپرست يونانين جي هڪ وڏي تعداد ۽ ڪيترين ئي مکيہ عورتن بہ اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا.
5پر گھڻن يهودين کي حسد ٿيو، سو انهن ڪي بازاري لوفر وٺي هڪ ٽولو ٺاهيو، جن سڄو شهر مٿي تي کنيو. انهن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو، تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاهر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن. 6جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين ايمان وارن کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن 7۽ ياسون انهن کي پاڻ وٽ رهايو آهي. اهي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف‌ورزي ڪندي چون ٿا تہ بادشاهہ ڪو ٻيو آهي، جنهن جو نالو عيسيٰ آهي.“ 8انهن ڳالهين سان هنن عام ماڻهن توڙي شهر جي عملدارن کي پريشان ڪري ڇڏيو. 9سو عملدارن ياسون ۽ انهن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنو.
(بيريا شهر ۾)
10تنهن تي ايمان وارن هڪدم پولس ۽ سيلاس کي راتوواهہ بيريا ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن هو اتي پهتا تہ يهودين جي عبادت‌خاني ۾ ويا. 11اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت خدا جو پيغام وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پاڪ ڪلام پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي. 12تنهنڪري انهن مان گھڻن ئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. يونانين مان بہ ڪيترن ئي مردن توڙي مکيہ عورتن ايمان آندو. 13جڏهن ٿِسلُنيڪي جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ انهيءَ پيغام جي تبليغ ڪري رهيو آهي، تڏهن هنن اتي بہ اچي ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ انهن ۾ گوڙ مچايائون. 14تڏهن ايمان وارن انهيءَ گھڙيءَ پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رهي پيا. 15جيڪي ماڻهو پولس کي ڇڏڻ هليا هئا، سي ساڻس اٿينس شهر تائين گڏ آيا. پوءِ هو بيريا ڏانهن پولس جي هن هدايت سان موٽيا تہ ”جيترو جلد ٿي سگھي سيلاس ۽ تيمٿيس مون سان اچي ملن.“
(اٿينس شهر ۾)
16جڏهن پولس اٿينس ۾ سيلاس ۽ تيمٿيس جو انتظار ڪري رهيو هو، تڏهن هن کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ سڄو شهر بتن سان ڀريو پيو آهي. 17تنهنڪري هو يهودين جي عبادت‌خاني ۾ وڃي يهودين ۽ خداپرست غير يهودين سان توڙي بازار ۾ ملڻ وارن سان روزانو بحث پيو ڪندو هو. 18جيئن تہ پولس عيسيٰ ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جي منادي ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ 19سو هو کيس اريوپگس نالي هڪڙي جاءِ تي شهر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا، جن چيس تہ ”اسان کي سمجھاءِ تہ هي ڪهڙي نئين تعليم آهي جيڪا تون ڏيئي رهيو آهين؟ 20ڪي ڳالهيون تون اهڙيون ٿو ڪرين جيڪي اسان کي عجيب ٿيون لڳن. اسين ڄاڻڻ چاهيون ٿا تہ انهن ڳالهين جو مقصد ڇا آهي.“ 21حقيقت ۾ اٿينس جا سڀيئي رهاڪو ديسي توڙي پرديسي پنهنجو وقت هميشہ نيون نيون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا هئا.
22تڏهن پولس ڪائونسل جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رهاڪؤ! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوهين هر ڳالهہ ۾ پنهنجي معبودن جا ڏاڍا تابعدار آهيو، 23جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي عبادت وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون هڪڙي قربان‌گاهہ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’نامعلوم معبود جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي عبادت ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان. 24#1.با 8‏:27، يس 42‏:5، رس 7‏:48 جنهن خدا سڄو جهان ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي. 25هو ڪنهن بہ شيءِ جو محتاج نہ آهي جو ڪنهن کان پنهنجي خدمت ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڻ ئي تہ سڀني کي حياتي، ساهہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏئي ٿو. 26هن هڪڙي ئي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آهن، تہ جيئن اهي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. هن انهن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آهن، 27انهيءَ لاءِ تہ هو خدا جي ڳولا ڪن ۽ من هٿوراڙيون هڻي کيس ڳولي لهن. جڏهن تہ هو اسان مان ڪنهن کان بہ پري نہ آهي 28۽ اسين منجھس ئي جيئرا رهون ۽ هلون چلون ٿا، بلڪ اسان جي هستي انهيءَ جي ڪري آهي. اوهان جي شاعرن مان بہ ڪن ائين چيو آهي تہ ’اسين تہ خدا جو اولاد آهيون.‘ 29هاڻ جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو. 30خدا جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن، 31ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي جهان جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“
32جڏهن انهن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين ڪنهن ٻئي وقت اوهان کان هن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌڻ چاهيون ٿا.“ 33تڏهن پولس ڪائونسل مان هليو ويو. 34پوءِ ڪي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا ۽ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندائون. انهن ۾ اريوپگس ڪائونسل جو هڪڙو ڪارڪن جنهن جو نالو ديونسي‌يس هو، دمرس نالي هڪڙي عورت ۽ ٻيا بہ ڪيترائي شامل هئا.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 17: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in