1
رسولن جا ڪم 27:17
Sindhi Bible FB
SB
انهيءَ لاءِ تہ هو خدا جي ڳولا ڪن ۽ من هٿوراڙيون هڻي کيس ڳولي لهن. جڏهن تہ هو اسان مان ڪنهن کان بہ پري نہ آهي
Compare
Explore رسولن جا ڪم 17:27
2
رسولن جا ڪم 26:17
هن هڪڙي ئي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آهن، تہ جيئن اهي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. هن انهن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آهن،
Explore رسولن جا ڪم 17:26
3
رسولن جا ڪم 24:17
جنهن خدا سڄو جهان ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي.
Explore رسولن جا ڪم 17:24
4
رسولن جا ڪم 31:17
ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي جهان جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“
Explore رسولن جا ڪم 17:31
5
رسولن جا ڪم 29:17
هاڻ جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو.
Explore رسولن جا ڪم 17:29
Home
Bible
Plans
Videos