YouVersion Logo
Search Icon

2.تيمٿيس ‮تعارف‬

تعارف
تيمٿيس نالي شخص ڏانهن پولس رسول جي هن ٻئي خط جو گھڻو حصو سندس ذاتي صلاحن تي ٻڌل آهي. تيمٿيس نوجوانيءَ کان وٺي پولس رسول جو ساٿي ۽ مددگار رهيو. خط جو مکيہ مقصد حوصلو ۽ برداشت آهي. هن خط ۾ پولس رسول تيمٿيس کي صلاحون ڏيندي همتائي ٿو تہ هو وفاداريءَ سان عيسيٰ مسيح جي شاهدي ڏيندو رهي، عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ ۽ پراڻي عهدنامي جي سچي تعليمات تي ڪاربند رهي ۽ پنهنجو ڪم هڪ استاد ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ جي حيثيت ۾ ڪندو رهي. پوءِ توڙي جو انهيءَ ڪم ۾ کيس تڪليفون ۽ مخالفتون برداشت ڪرڻيون پون.
هن خط ۾ تيمٿيس کي خاص طور تاڪيد ڪيو ويو آهي تہ هو اجائي بحث کان پاسو ڪري، جنهن ۾ ڪوبہ فائدو نہ آهي ۽ جيڪو انهيءَ تي ڌيان ڏيندو سو تباهہ ٿي ويندو.
پولس رسول هن پوري خط ۾ تيمٿيس کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ۽ ڪردار ياد ڏياريندي پنهنجي ايمان، صبر، پيار، حوصلي ۽ ظلم برداشت ڪرڻ کي هڪ نموني طور بيان ڪري ٿو.
سِٽاءُ
پيش لفظ 1‏:1‏-2
خدا جي شڪرگذاري ۽ تيمٿيس جي همت‌افزائي 1‏:3‏-18
تيمٿيس کي تاڪيد ڪرڻ 2‏:1‏-13
خدمت بابت هدايتون ۽ گمراهہ ڪندڙن کان خبرداري 2‏:14‏–4‏:8
پولس رسول جون ذاتي هدايتون 4‏:9‏-18
آخر ۾ دعا سلام 4‏:19‏-22

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in