1
1هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان، تہ جيئن انهيءَ واعدي ڪيل زندگيءَ جو پيغام ٻڌايان جيڪا اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ حاصل ٿئي ٿي. 2#رس 16:1 هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو منهنجو پيارو پٽ آهين.
شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل، رحم ۽ سلامتي هجي.
خدا جي شڪرگذاري ۽ تيمٿيس جي همتافزائي
3جنهن خدا جي عبادت منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صافدليءَ سان انهيءَ جي عبادت ڪندي ۽ پنهنجين دعائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان. 4تنهنجي ڳوڙهن کي ياد ڪري تو سان ملڻ لاءِ سڪان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ تو سان ملي منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي. 5#رس 16:1 مون کي تنهنجو سچو ايمان ياد آهي ۽ يقين اٿم تہ تنهنجو ايمان اهو ساڳيو ئي ايمان آهي جيڪو پهريائين تنهنجي نانيءَ لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ جو هو. 6انهيءَ سبب آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون پاڻ ۾ موجود خدا جي انهيءَ نعمت کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪا منهنجي هٿن رکڻ جي وسيلي تو کي مليل آهي. 7ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آهي، پر طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس.
8تنهنڪري اسان جي خداوند عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران خدا کان ملندڙ طاقت سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ. 9انهيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ فضل موجب ٿيو، جيڪو اسان تي عيسيٰ مسيح ۾ ازل کان وٺي ڪيو ويو هو. 10هاڻ اهو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿيو، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ زندگيءَ ۽ بقا کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو. 11#1.تيم 2:7 مون کي انهيءَ ئي خوشخبريءَ جو منادي ڪندڙ، رسول ۽ استاد مقرر ڪيو ويو، 12جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.
13اهي صحيح ڳالهيون جيڪي تو مون کان ٻڌيون، تنهنجي لاءِ هڪ نمونو آهن. سو تون انهن کي انهيءَ ايمان ۽ محبت سان دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪي مسيح ۾ تو کي آهن. 14خوشخبريءَ واري چڱي امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي تنهن جي حفاظت انهيءَ پاڪ روح جي مدد سان ڪر، جيڪو اسان ۾ رهي ٿو.
15تون اهو ڄاڻين ٿو تہ فوگلس ۽ هرمگنيس ڀائرن سميت آسيا صوبي جا سڀ ايمان وارا مون کان منهن موڙي ويا آهن. 16خداوند عيسيٰ شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترائي ڀيرا قيد ۾ منهنجي سار سنڀال ڪئي ۽ منهنجي قيدي هئڻ سبب ڪا شرمساري محسوس نہ ڪيائين. 17ايتري قدر جو جڏهن هو روم شهر ۾ آيو تہ منهنجي ڏاڍي ڳولا ڪيائين، تان جو مون کي اچي ڳولي لڌائين. 18شل خداوند عيسيٰ ائين ڪري جو سندس اچڻ واري ڏينهن هن تي خداوند خدا جو رحم ٿئي. تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ هن اِفسس شهر ۾ بہ منهنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي.