YouVersion Logo
Search Icon

2.پطرس ‮تعارف‬

تعارف
پطرس رسول جو هي ٻيو خط عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙن ڏانهن ان وقت لکيو ويو جڏهن ڪليسيائن ۾ غلط قسم جي تعليم ڏني ٿي ويئي. هن خط جو مکيہ مقصد ڪن ماڻهن کان ڏني ويندڙ ڪوڙي تعليم ۽ ان جي نتيجي ۾ انهيءَ ”بدڪارن جي گندي هلت چلت“ (2‏:7) جي خلاف جنگ آهي. خط ۾ انهن مسئلن جو حل خداوند عيسيٰ تي ايمان رکڻ ۾ وڌندو رهڻ، کيس ڄاڻڻ ۾ ڪارائتو ۽ ڦلدار ٿيڻ ۽ خدا جي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي (1‏:8‏-10). انهيءَ ايمان جون بنيادي ڳالهيون خوشخبري ٻڌائيندڙ انهن ماڻهن جي وسيلي بيان ڪيون ويون آهن، جن خداوند عيسيٰ کي ڏٺو ۽ کيس تعليم ڏيندي ٻڌو (1‏:16).
خط لکندڙ کي خاص طور انهن ماڻهن جي هن ڪوڙي تعليم بابت فڪر آهي تہ عيسيٰ مسيح دنيا ۾ ٻيهر ڪونہ ايندو. ان جي برعڪس پطرس رسول تعليم ڏئي ٿو تہ عيسيٰ مسيح جي ٻيهر اچڻ ۾ دير انهيءَ ڪري ٿي ويئي آهي جو خدا ”صبر ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين“ (3‏:9).
سِٽاءُ
پيش لفظ 1‏:1‏-2
خدا جو سڏڻ ۽ چونڊڻ 1‏:3‏-21
ڪوڙي تعليم ڏيندڙ 2‏:1‏-22
خداوند جي ڏينهن جو اچڻ 3‏:1‏-18

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in