5
ڪليسيا ۽ ان جي اڳواڻن کي تاڪيد
1اوهان ۾ جيڪي ڪليسيائن جا اڳواڻ آهن تن کي آءٌ، جيڪو انهن اڳواڻن مان هڪڙو، مسيح جي تڪليفن جو شاهد ۽ ظاهر ٿيڻ واري سندس جلوي ۾ پڻ شامل هوندس، تاڪيد ٿو ڪريان تہ 2#يو 21:15-17 خدا جو ڌڻ جيڪو اوهان جي سار سنڀال هيٺ آهي تنهن جي نگهباني ڪندي انهيءَ کي چاريندا رهو. هي ڪم جيئن خدا چاهي ٿو تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب، دل جي شوق سان ڪريو، نڪي ذاتي لالچ جي ڪري. 3جيڪو ڌڻ اوهان جي حوالي ڪيو ويو آهي تنهن تي حڪم نہ هلايو، بلڪ انهيءَ ڌڻ جي لاءِ پاڻ کي هڪ نمونو بڻايو. 4پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.
5 #
چوڻ 3:34
اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي تابع رهو.
اي ڪليسيائن وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري طبيعت سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“ 6#مت 23:12، لو 14:11، 18:14 تنهنڪري خدا جي قدرت واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي مناسب وقت تي سرفراز ڪري. 7ائين ڪندي پنهنجيون سموريون ڳڻتيون انهيءَ تي رکو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جو فڪر آهي.
8هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن ابليس گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي. 9اوهين ايمان تي قائم رهي سندس مقابلو ڪريو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ اوهان جا همايمان ڀائر ڀينر جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ آهن، سي بہ اهڙين ئي تڪليفن ۾ پيا گذارين.
10هاڻي خدا، جيڪو هر طرح جي فضل جو سرچشمو آهي ۽ جنهن اوهان کي مسيح جا هئڻ ڪري پنهنجي دائمي جلوي ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين تڪليفن سهڻ کان پوءِ پاڻيهي اوهان کي بحال، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو. 11شل انهيءَ جي قدرت هميشہ هميشہ تائين رهي. آمين.
آخر ۾ دعا سلام
12 #
رس 15:22،40 آءٌ اوهان ڏانهن هي مختصر خط سيلاس جي مدد سان لکي رهيو آهيان، جنهن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهان کي همتايان ۽ شاهدي بہ ڏيان تہ جيڪو بہ لکيو اٿم سو خدا جو سچو فضل آهي. اوهين انهيءَ تي قائم رهو.
13 #
رس 12:12،25، 13:13، 15:37-39، ڪل 4:10، فل 24 اوهان وانگر چونڊيل ڪليسيا، جيڪا #5:13 بابل هتي ”بابل“ مان مراد گھڻو ڪري ”روم شهر“ ورتي وڃي ٿي. گذريل دور ۾ بني اسرائيل بابل ڏانهن جلاوطن ڪيا ويا هئا، جتي هو پرديسين جي حيثيت ۾ گذاري رهيا هئا.بابل ۾ آهي سا اوهان کي سلام ٿي ڏئي ۽ مرقس بہ سلام ٿو ڏئي، جيڪو مون لاءِ هڪ پٽ جيان آهي. 14هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو.
شل اوهان سڀني تي، جيڪي مسيح جا آهيو سلامتي هجي.