5
خداوند عيسيٰ جي اچڻ لاءِ سجاڳ رهو
1هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اهو سڀ ڪجھہ ٿيڻ واري وقت ۽ زماني جي باري ۾ اسان کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت ڪانهي، 2#مت 24:43، لو 12:39، 2.پط 3:10 ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ #5:2 خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن اصلي يوناني مسودي جي هن جملي مان ٻہ معنائون وٺي سگھجن ٿيون: (1) ”خداوند عيسيٰ جو ڏينهن،“ يعني خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ۽ (2) ”خداوند جو ڏينهن،“ يعني عدالت جو ڏينهن، جنهن جو ذڪر پراڻي عهدنامي ۾ ٿيل آهي. نئين عهدنامي مطابق خداوند جو ڏينهن خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ سان ئي مڪمل ٿيندو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”قيامت.“خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ائين اوچتو ايندو جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي. 3جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.
4پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين اونداهيءَ ۾ نہ آهيو جو اهو ڏينهن چور وانگر اوچتو اوهان مٿان اچي پوي. 5انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اوهان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينهن سان گَهرو تعلق آهي. هائو، اسان ايمان وارن جو رات يا اونداهيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونهي، 6-7ڇاڪاڻ تہ ماڻهو رات جو ئي سمهن ٿا ۽ رات جو ئي مئي پي نشي ۾ چور ٿا ٿين. سو اسين انهن رات وارن وانگر سمهي نہ رهون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ هوشيار رهون. 8#يس 59:17، اف 6:13-17 هائو، جيئن تہ اسين ڏينهن وارا آهيون، تنهنڪري اچو تہ ڇاتيءَ تي ايمان ۽ محبت جو لوهي سينابند ڍڪي ۽ مٿي تي ڇوٽڪاري جي اميد جو لوهي ٽوپ پائي هوشيار رهون، 9ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي غضب سهڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ اسين پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون. 10هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ سندس اچڻ وقت اسين جيئرا هجون توڙي مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئرا رهون. 11تنهنڪري اوهين هڪٻئي کي همتائيندا ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جو سبب بڻبا رهو، جيئن سچ پچ اوهين ڪريو بہ پيا.
وڌيڪ هدايتون
12اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي عرض ٿا ڪريون تہ اوهين انهن جو قدر ڪريو جيڪي اوهان منجھہ محنت ڪن ٿا ۽ خداوند عيسيٰ ۾ اوهان جي رهنمائي ڪندي اوهان کي نصيحت ٿا ڪن. 13هائو، سندن انهيءَ خدمت جي ڪري پيار سان کين وڏي عزت ڏيو. اوهين پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهو.
14انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو. 15خبردار، ڪوبہ ماڻهو ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ هڪٻئي سان ۽ سڀني ماڻهن سان هميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو.
16هر وقت خوش رهو. 17سدائين دعا گھرندا رهو. 18هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهان لاءِ خدا جي اها ئي مرضي آهي.
19پاڪ روح جي رهنمائيءَ کي نہ دٻايو. 20جيڪڏهن ڪو پيغام ٻڌائيندي چوي ٿو تہ ”هي خدا جو پيغام آهي“ تہ ان کي اجايو نہ سمجھو. 21سڀني ڳالهين کي پرکيو، جيڪا چڱي هجي تنهن کي اختيار ڪريو 22۽ هر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.
آخر ۾ دعا سلام
23شل سلامتي بخشيندڙ خدا اوهان کي مڪمل طور پاڪ ڪري. شل هو اوهان جي روح، جان ۽ بدن کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ وقت اوهين بيعيب قرار ڏنا وڃو. 24اوهان کي سڏڻ وارو سچو آهي ۽ هو ائين ئي ڪندو.
25اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو. 26سڀني ايمان وارن کي اسان جي طرفان پيار ڀريا سلام ڏجو. 27آءٌ خداوند عيسيٰ جي نالي اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هي خط سڀني ايمان وارن اڳيان پڙهيو وڃي.
28شل اوهان تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ٿيندو رهي.