1
1.ٿسلونيڪين 16:5-18
Sindhi Bible FB
SB
هر وقت خوش رهو. سدائين دعا گھرندا رهو. هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهان لاءِ خدا جي اها ئي مرضي آهي.
Compare
Explore 1.ٿسلونيڪين 5:16-18
2
1.ٿسلونيڪين 23:5-24
شل سلامتي بخشيندڙ خدا اوهان کي مڪمل طور پاڪ ڪري. شل هو اوهان جي روح، جان ۽ بدن کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ وقت اوهين بيعيب قرار ڏنا وڃو. اوهان کي سڏڻ وارو سچو آهي ۽ هو ائين ئي ڪندو.
Explore 1.ٿسلونيڪين 5:23-24
3
1.ٿسلونيڪين 15:5
خبردار، ڪوبہ ماڻهو ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ هڪٻئي سان ۽ سڀني ماڻهن سان هميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو.
Explore 1.ٿسلونيڪين 5:15
4
1.ٿسلونيڪين 11:5
تنهنڪري اوهين هڪٻئي کي همتائيندا ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جو سبب بڻبا رهو، جيئن سچ پچ اوهين ڪريو بہ پيا.
Explore 1.ٿسلونيڪين 5:11
5
1.ٿسلونيڪين 14:5
انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.
Explore 1.ٿسلونيڪين 5:14
6
1.ٿسلونيڪين 9:5
ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي غضب سهڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ اسين پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.
Explore 1.ٿسلونيڪين 5:9
7
1.ٿسلونيڪين 5:5
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اوهان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينهن سان گَهرو تعلق آهي. هائو، اسان ايمان وارن جو رات يا اونداهيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونهي،
Explore 1.ٿسلونيڪين 5:5