YouVersion Logo
Search Icon

1.يوحنا ‮تعارف‬

تعارف
يوحنا رسول جي هن پهرئين عام خط جا ٻہ خاص مقصد آهن، هڪ تہ خط جي پڙهندڙن کي خدا ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان ميل ميلاپ ۾ رهڻ لاءِ همتائجي ۽ ٻيو تہ انهن کي خبردار ڪجي تہ اهو ميل ميلاپ غلط تعليم تي عمل ڪرڻ سان تباهہ ٿي ويندو. اها غلط تعليم انهيءَ ڪوڙي عقيدي تي ٻڌل هئي تہ ”ماديت سان ڪنهن بہ قسم جو لاڳاپو رکڻ سان بڇڙائي پيدا ٿئي ٿي. انهيءَ سبب ئي مسيح يعني عيسيٰ جيڪو خدا جو فرزند آهي سو حقيقت ۾ انساني روپ ۾ ڪونہ آيو.“ اهڙي تعليم ڏيندڙن جي دعويٰ هئي تہ ”جيڪڏهن بچڻ چاهيو ٿا تہ هن مادي دنيا کان لاڳاپا ٽوڙيو.“ هو اها تعليم بہ ڏيندا هئا تہ ”نيڪ اخلاق ۽ هڪٻئي سان پيار رکڻ سان ڇوٽڪاري جو ڪوبہ واسطو ڪونهي.“
انهيءَ غلط تعليم جي برعڪس خط لکندڙ اهو واضح ٿو ڪري تہ عيسيٰ مسيح حقيقت ۾ انساني روپ ۾ آيو. هو انهيءَ ڳالهہ تي زور ڏئي ٿو تہ جيڪي بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان رکن ٿا ۽ خدا سان محبت رکن ٿا، تن لاءِ اهو لازم آهي تہ هڪٻئي سان پيار ڪن.
هن خط ۾ لفظ ”سچ“ جي خاص معنيٰ آهي. اهو لفظ استعمال ڪري ليکڪ خداوند عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ايمان وارن کي انهيءَ خوشخبريءَ يعني ”سچ“ مطابق هلڻ کپي. مثال طور ”جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان ۾ گناهہ آهي ئي ڪونہ، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچ موجود ڪونهي“ (1‏:8).
سِٽاءُ
زندگيءَ جو ڪلام 1‏:1‏-4
روشني ۽ اونداهي 1‏:5‏–2‏:27
خدا جا ٻار ۽ ابليس جا ٻار 2‏:28‏–3‏:24
سچ وارو ۽ گمراهيءَ وارو روح 4‏:1‏-6
خدا پيار آهي 4‏:7‏-21
دنيا تي ايمان جي فتح 5‏:1‏-21

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in