YouVersion Logo
Search Icon

1.يوحنا 1

1
زندگيءَ جو ڪلام
1 # يو 1‏:1 اسين اوهان ڏانهن زندگيءَ جي ڪلام بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي هو. اسان اهو ٻڌو ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي. هائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آهي بلڪ پنهنجن هٿن سان ڇهيو بہ آهي. 2#يو 1‏:14 هو جيڪو خود زندگي هو، سو ظاهر ٿيو ۽ اسان انهيءَ کي ڏٺو. اسين شاهدي ڏيئي انهيءَ دائمي زندگيءَ بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا، جيڪا خدا پيءُ سان هئي ۽ اسان تي ظاهر ٿي. 3جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي خدا پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آهي. 4هي ڳالهيون اسين انهيءَ لاءِ لکي رهيا آهيون تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.
روشنيءَ ۾ هلڻ
5هاڻي جيڪو پيغام اسان عيسيٰ مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”خدا روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“ 6پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ خدا سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ #1‏:6 سچ يعني خداوند عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري. ڏسو هن خط جو تعارف.سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون. 7پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.
8جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان ۾ گناهہ آهي ئي ڪونہ، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچ موجود ڪونهي. 9پر جيڪڏهن اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ خدا اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي. 10هاڻ جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، تڏهن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس پيغام موجود نہ آهي.

Currently Selected:

1.يوحنا 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in