13
حڪومت جي وس هيٺ رهڻ
1هر ڪنهن شخص کي ملڪ جي حڪومت جي وس هيٺ رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جيڪا ايشور جي طرفان نہ هجي. جيڪي بہ حڪومتون آهن سي ايشور جي طرفان مقرر ٿيل آهن. 2تنهنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو ايشور جي انتظام جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي مخالفت ڪن ٿا سي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿا بڻجن.
3چڱن ڪمن ڪندڙن کي حاڪمن کان ڊڄڻ نہ گھرجي، بلڪ انهن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي بڇڙا ڪم ٿا ڪن. سو جيڪڏهن اوهين حاڪم کان ڊڄڻ نہ ٿا گھرو، تہ پوءِ چڱا ڪم ڪريو تہ هو اوهان جي نيڪي ڪندو، 4ڇاڪاڻ تہ هو اوهان جي ڀلي لاءِ ايشور جو سيواداري آهي. پر جيڪڏهن اوهين بڇڙا ڪم ڪريو ٿا تہ هن کان ڊڄو، ڇو تہ هو بنا سبب جي تلوار نہ ٿو کڻي. هو ايشور جو سيواداري آهي تہ جيئن سندس ڏمر موجب بڇڙي کي سزا ڏئي. 5تنهنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنهنجي ضمير جي خاطر پڻ اوهان کي حڪومت جي وس هيٺ رهڻ گھرجي.
6 #
مت 22:21، مر 12:17، لو 20:25 اهو ئي سبب آهي جو اوهين ٽيڪس بہ ڏيندا آهيو، ڇاڪاڻ تہ حڪومتون جڏهن پنهنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ حقيقت ۾ اهي ايشور جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون. 7سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن کي مانسمان ڏيڻ گھرجي تنهن کي مانسمان ڏيو.
پيار ۽ اخلاق وارو جيون گذارڻ
8هڪٻئي جي پيار کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ شيءِ ۾ ڪنهن جا قرضدار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، تنهن پوري نيم تي عمل ڪري ڇڏيو. 9#خر 20:13-15،17، نيم 5:17–19:21، لاو 19:18 هائو، نيم جي هنن حڪمن يعني ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر“ سان گڏوگڏ جيڪي بہ حڪم آهن سي سڀ هن هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ 10جيڪو ڪنهن سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنهنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري نيم تي عمل ڪرڻ آهي.
11اوهين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهيءَ ڪري جو اها گھڙي اچي پهتي آهي جو اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن وقت اسان پرڀو يسوع تي وشواس آندو هو تنهن وقت جي نسبت هاڻي اسان جي مڪمل مڪتي وڌيڪ ويجھو آهي. 12رات گھڻي گذري چڪي آهي ۽ ڏينهن ٿيڻ وارو آهي. تنهنڪري اچو تہ اونداهيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا هٿيار ٻڌون. 13اهڙيءَ طرح سهڻي ڍنگ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي. سو اوهين نہ نشي ۾ مست ٿي بداخلاقيءَ ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوتپرستيءَ ۾ ۽ نہ وري جھيڙي ۽ ساڙ ۾ هلو. 14اٽلندو پرڀو يسوع مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪي ڇڏيو ۽ شرير جي خواهشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.