12
ايشور جي مرضيءَ موجب جيون گذارڻ
1تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ ايشور جي اسان تي وڏي ديا آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي شرير کي اهڙي ٻليدان لاءِ ڀيٽا ڪريو، جيڪو جيوت، پوِتر ۽ ايشور کي پسند هجي. اها ئي حقيقي ڀڳتي آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي. 2پاڻ کي هن #12:2 انتم زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”انتم زمانو.“انتم زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ ايشور جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ ايشور کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ ايشور جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.
3آءٌ انهيءَ ڪرپا جي ڪري جيڪا مون کي بخشي ويئي آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو ايشور اوهان کي وشواس بخشيو آهي. 4#1.ڪر 12:12 جهڙيءَ طرح شرير ۾ گھڻا ئي عضوا آهن ۽ هر هڪ عضوي جو پنهنجو پنهنجو ڪم آهي، 5تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ شرير ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون. 6#1.ڪر 12:4-11 ايشور جيڪا ڪرپا اسان تي ڪئي آهي، تنهن موجب اسان کي جدا جدا وردان مليا آهن. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان مليو آهي تہ هو پنهنجي وشواس جي اندازي موجب ايشور جو سنديش ٻڌائي. 7جيڪڏهن ڪنهن کي سيوا ڪرڻ جو وردان مليو آهي تہ هو سيوا ڪندو رهي. جيڪڏهن اهو وردان سکيا ڏيڻ جو هجي تہ هو سکيا ڏيندو رهي. 8جيڪڏهن اهو وردان نصيحت ڪرڻ جو هجي تہ هو نصيحت ڪندو رهي، جيڪڏهن امداد ڏيڻ جو هجي تہ سخاوت سان امداد ڏيندو رهي. جيڪڏهن اهو رهنمائي ڪرڻ جو هجي تہ سرگرميءَ سان رهنمائي ڪري يا جيڪڏهن اهو وردان ديا ڪرڻ جو هجي تہ خوشيءَ سان ديا ڪري.
9پيار ۾ #12:9 پاکنڊپائي ٻين ترجمن ۾ ”رياڪاري“ لکيو ويو آهي.پاکنڊپائي نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو. 10هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ مان ڏيو. 11محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو. 12اميد ۾ خوش رهو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ هميشہ مگن رهو. 13مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مهماننوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.
14 #
مت 5:44، لو 6:28 جيڪي اوهان کي ستائين ٿا تن لاءِ پرارٿنا ڪريو. هائو، پرارٿنا ڪريو پر کين سراپ نہ ڏيو. 15خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو. 16#چوڻ 3:7 پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوهين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنهنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو.
17جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون. 18جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهين پنهنجي وس آهر سڀني ماڻهن سان صلح ۾ رهو. 19#نيم 32:35 اي منهنجا پريميؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو ايشور جي ڏمر تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ پرميشور فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ 20#چوڻ 25:21-22 اهو بہ لکيل آهي تہ ”جيڪڏهن تنهنجو دشمن بکايل آهي تہ کيس کاراءِ ۽ اڃايل آهي تہ کيس پيئار، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان تون هن کي شرمسار ڪندين.“ 21بڇڙائيءَ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيو، بلڪ نيڪيءَ جي وسيلي بڇڙائيءَ تي سوڀ حاصل ڪريو.